سنڌ ۾ لوڪ مزاح جو زوال !

غلام حسين لغاري
28 فيبروري سنڌ جي ناليواري لوڪ مسخري محمد فقير جي 39 هين ورسي وارو ڏهاڙو آهي.محمد فقير عرف سروٽو سنڌ جي انهن مسخرن مان هڪ هو جنهن سنڌ ۾ تهذيب،شرافت ۽ اصلاحي لوڪ مسخري کي اڳتي وڌايو.پاڻ ويهين صدي جي شروع واري ڏهاڪي ۾ دادو ضلع جي جوهي تعلقي واري هڪ واهڻ وارياسو ۾ چاڪر خان لغاري جي گهر ۾ جنم ورتو جيڪو انوقت جو هڪ پورهيت آبادگار هو.
سنڌ جي لوڪ مسخرن جو ذڪر ڪبو ته ڀليڏنو فقير ، عبدو ، پوپٽ ،پريو ، نٿو ڪهيري،قادو شيدي، استاد بيگو خان، ڪنڊو لاشاري، آچر ۽ ٻيا پنهنجي وقت جا ناليوارا مسخرا رهيا آهن، جيڪي ميلن ملاکڙن شادين ۾ پهچي ڪري پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري مرڪون ورهائيندا هئا۔کين آکاڙو لڳائڻ جو منفرد فن هوندو هو جنهن لاءِ هو مٿي تي عجيب و غريب قسم جون ڊگهيون ٽوپيون پائي دهلڙي وڄائي آکاڙن ۾ ماڻهو گڏ ڪندا هيا. ۔دادو بدين ۽ سانگهڙ ضلعا مسخرن جو ڳڙهه رهيا. جنهن به هوٽل تي مسخرا وڃي چانهن پيئندا هئا اتي ماڻهن جي رش لڳندي هئي. مسخرا چانهن پيئڻ وقت ڀوڳ ٺڪاءُ به ڪندا هئا۔محمد فقير کي اهو شرف حاصل رهيو جو کيس مسخرن جي بادشاهه جو لقب به مليو.
لوڪ مسخرا ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن جي اٿڻي ويهڻي ۽ ڪم ڪار جي انداز کي مهذب ۽ اصلاحي طريقي سان انهن جي کل ڀوڳ وسيلي نمائندگي ۽ اظهار ڪندا هئا، جنهنڪري ئي وقت جي بادشاهن وزيرن ۽ وڏيرن جي محفلن ۽ عام ماڻهن جي شادين خوشي جي موقعن تي جتي راڳ رنگ ٿيندو هو اتي هنن لوڪ مسخرن کي ئي ترجيحي بنيادن تحت گهرايو ويندو هو، جن جي ڳوٺن شهرن واهڻن وسندين ۾ هاڪار رهندي هئي. سندن کل ڀوڳ وارا گفتا ورجايا ويندا هئا هن وقت به سندن ٽوٽڪن جو عام هنڌن تي ذڪر رهندو آهي۔
لوڪ مسخرو پري کان ئي سڃاتو ويندو هو۔وڏن جي محفلن مان اهي مسخرا وڏا انعام اڪرام وٺي ورندا هئا.محمد فقير مسخرو دادو واري کي وقت جي گورنر دين محمد شيخ انعام طور 12 ايڪڙ زرعي زمين ڏني هئي جڏهن ته وقت جي پرڏيهي وزير شهيد ذوالفقار علي ڀٽو،وزير اطلاعات پير علي محمد راشدي سميت ڪيترن ئي وڏن وزيرن ۽ ڪامورن کيس انعامن اڪرامن ۽ سندن سان نوازيو.جڏهن شهيد ذوالفقار ڀٽو وزيراعظم بڻيو ته پهريون ڀيرو سندس لاءِ ساليانو وظيفو به منظور ٿيو جيڪو سندس وفات بعد سنڌ جي ثقافت کاتي بند ڪري ڇڏيو هو.جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پي ٽي وي ڪراچي جو بنياد پيو ته هي سنڌ جو پهريون لوڪ مسخرو هو جنهن کي مزاحيه پروگرامن ۽ فتح خان جي ڪچهري ۾ فن جو مظاهرو ڪرڻ جو موقعو فراهم ٿيو.مهيني ۾ ٻه ڀيرا کيس گهرايو ويندو هو.
سنڌ ۾ اوائلي دور جا سمورا مسخرا هن وقت باقي ناهن رهيا جن جي جاءِ ڊجيٽل مسخرن ولاري آهي جيڪي لوڪ مسخري کان لاتعلق آهن جنهن جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته سنڌ جي ثقافت کاتي لوڪ مسخرن ۽ لوڪ کل ڀوڳ کي اڳتي وڌائڻ بدران ڊجيٽل مسخرن جي حوصله افزائي پيو ڪري نه وري اهي اوطاقون ئي لوڪ مسخري جا ٻڌڻ وارا ئي رهيا آهن جڏهن ته اوائلي دور جي مسخرن جا ڪجهه شاگرد سنڌ جي مختلف شهرن ۽ واهڻن ۾ موجود آهن پر سندن اها حوصله افزائي نٿي ٿئي جيڪا ڊجيٽل مسخرن جي ٿي رهي آهي. اهو ئي وڏو ڪارڻ آهي جو سنڌ مان لوڪ مسخري جو خاتمو ٿي چڪو آهي يا ختم ٿيڻ جي ويجهو پهچي چڪي آهي. ٻهراڙين جا ماڻهو لوڪ مسخرن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم بلڪ انهن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ کان به سڪن پيا۔
سنڌ جي لوڪ ۽ ڊجيٽل مسخرن ۾ وڏو فرق آهي۔ لوڪ مسخرا عوام سان پنهنجا ڏک سور کل ڀوڳ وسيلي اصلاحي انداز ۽ ڳوٺاڻي ماحول موجب پيش ڪن ٿا، جن ۾ بزرگن اوليائن جا بيت ڳجهارتون پهاڪا ۽ پنهنجي سطح ۽ دماغ سان ٺاهيل مزاحيه ٽوٽڪا بيان ڪندا آهن. کين هڪ ڏان کلائڻ جو طور طريقو منفرد انداز ۾ هوندو آهي ته ڏسندڙن جو موڊ ڪهڙو آهي، هرو ڀرو ڊجيٽلي انداز جي پوئواري ناهن ڪندا۔سنڌ جي نئين ٽهي سنڌ جي لوڪ مسخرن کان واقف ناهي نه وري کين لوڪ مسخرن ۽ انهن جي ڀوڳن کان آگاهه ڪيو ويو آهي، جو سنڌ جي ثقافت کاتي اهڙن لوڪ مسخرن جي تاريخ تحرير ئي ناهي ڪئي نه وري ڪٿي محفوظ رکي آهي۔ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ،ممتاز علي مرزا،حميد آخوند،نصير مرزا،تاج جويو،ناز سهتو ۽ ٻين سنڌ جي لوڪ مزاح ۽ اوائلي دور جي مسخرن جي ڪردار تي ڪافي ڪم ڪيو آهي پر افسوس سان اهو ڇپجي ناهي سگهيو.هڪ سنڌي چئنل ته پريس ڪلب حيدرآباد ۾ مسخرن جي ڪانفرنس جو به اهتمام ڪيو هو ۽ لوڪ مسخري ۽ لوڪ مسخرن کي عام ڪيو ڪيو.
سنڌ ۾ هن وقت به شهرن ۽ واهڻن ۾ لوڪ مسخرا هوندا ۽ آهن به پر انهن جي مالڪي ناهي. جيڪڏهن سنڌ جو ثقافت کاتو لوڪ مسخرن کي ڳولهڻ ۽ لوڪ مسخري کي زنده رکڻ جي نيت رکي ٿو ته هر ڊويزن ۾ لوڪ مسخرن جا کل ڀوڳ جي حوالي سان شو ڪرائي جتي لوڪ مسخرا پهچي سگهندا جن مان بهترين لوڪ مسخرن جي چونڊ ڪري سگهبي، جن کي ثقافت کاتو پنهنجي پئنل تي رکي ڪري انهن کي ماهوار معاوضو ڏئي سندن حوصله افزائي ڪري ته جيئن سنڌ ۾ لوڪ مسخري وارو ورثو محفوظ رهي سگهي ۔سنڌ جي علمي ثقافتي ۽ ادبي اڪابرن کان مدد وٺي لوڪ مسخرن جي تاريخ جوڙي وڃي.سنڌ جا نوجوان لوڪ مسخري تي پي ايچ ڊي به ڪري پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.سياري جي مچ ڪچهرين ۾ لوڪ مسخرن کي ويهاري انهن جي لوڪ ڀوڳن تي مچ تيز ڪري سگهجن ٿا.بهرحال سنڌ جي سدا حيات لوڪ مسخري محمد فقير جي 39 هين ورسي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪجي ٿو ۽ دعاڳو آهيون ته خداوند ڪريم کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي.

پهنجو تبصرو موڪليو