سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن لاء ڪڙو امتحان

تحرير زوار حسين شاهه

عدالت سڳوري جي ڏنل فيصلي بعد ڪيترائي خوش ڪيترائي ناراض , سوشل ميڊيا تي ڏي وٺ جاري آھي پر اهي ته خوش ٿيندا جن سان زيادتيون ٿيون هونديون پر پوء به مان ناليواري ايڊوڪيٽ سجاد احمد چانڊيو کي سلام پيش ڪندس. سنڌ پبلڪ سروس جنهن 2018 ۾  ڊاڪٽرن جو امتحان ورتو , جنهن ۾ ڊاڪٽرن رٽن ٽيسٽ پاس ڪئي ڪافي انتظار بعد انٽر يو ۾  فيل ڪيو ويو جڏھن ته جن امتحان پاس ڪيو انهن پنهنجي اپوائنٽمينٽ لاء ڪافي قانوني دڳ اختيار ڪيا پر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن چيئرمين  انهن کي ڊاڪٽرن کي بحال نه ڪيو , رهندو وري ٻيا امتحان ورتا ويا ۽ انهن کي نوڪريون ڏنيون ويون جنهن بعد عدالت سڳوري سان رجوع ڪيو ويو شنوائيون ٿينديون رهيون عدالت سڳوري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کان لکت ورتل امتحان جي رڪارڊ جي گهر پڻ ڪئي جيڪا به هو عدالت سڳوري م پيش نه ڪري سگهيا , جڏھن ته هڪ شاگرد جو رول نمبر بابت مارڪون پڇيون اهي به نه ٻڌائي سگهيا هيا جنهن بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو ۽ هاڻ حيدرآباد عدالت سڳوري فيصلو ٻڌائي چيئرمين , سيڪريٽري کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ ڪم ڪرڻ کان پڻ روڪي ورتو آھي , جيڪا ڊاڪٽرن سان ٿيل زيادتي جي سزا آھي , برحال سنڌ حڪومت , سنڌ پبلڪ ڪميشن لاء ڪڙو ۽  سخت امتحان شروع ٿي چڪو آهي.پاڪستان سميت سنڌ جي ڪيترن ئي ادارن مٿان تنقيد ٿيندي رهندي آھي ,ان جا اڪثر سبب اهي به آھن ته سياسي مداخلت هنن ادارن کي تباه ڪيو آھي , پر جيڪڏھن مان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڳالھ ڪيان ته لکين روپيا اڳواٽ رشوت وٺي به اڪثر ڀوتارن جاگيردارن وڏيرن سياستدانن ڪامورن جي آشيروارد رکندڙن کي پاس ڪن ٿا جيڪو چيئرمين ,ميمبرن مٿان رشوت وٺي نوڪرين ڏيڻ جا مبينا الزام آھن , لازمي هاڻ اداره تحقيقات ڪندا , مان عرض ڪيان ته پاڪستان سميت جيڪڏھن نوڪرين جي ڀرتين جي ڳالھ ڪيان ته تعجب ٿيندو ته خاص طور اهي غريب خاندانن سان تعلق رکندڙ بي انتها محنتي پڙهاڪو شاگردن کي نظر انداز ڪري اڪثر انهن ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو جن مٿان ڀوتار جاگيردار وڏيري رئيس ڪاموري , يا ڪنهن سياستدان , يا سياسي پشت پناهي ته حاصل هئي پر اڪثر اهي جيڪي پاس ٿيا جن جا تعلقات سنڌ پبلڪ سروس جي چيئرمين , ميمبران يا سيڪريٽري سان هيا يا وري چيئرمين ان جا ميمبران يا واسطي وارن جن کي ايجنٽ به چئون ٿا انهن کان لکين روپيا رشوت وٺي وڏين وڏين پوسٽنگ تي مقرر ڪيو ويو , ڪڙو سچ اهو آھي , ڪوئي تسليم ڪري يا نه ڪري, برحال مان عرض ڪيان ته حيدرآباد عدالت سڳوري جو ڏنل فيصلو هڪ تاريخي آھي , ها ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هزارين ماڻهون بيروزگار به ٿيندا , پر اتي مان چوندس ته انهن کي خوشي ٿي هوندي جن ميرٽ هوندي به نوڪريون حاصل  نه ڪري سگهيا , جيڪڏھن مان خاص پڙهاڪو شاگردن جي ڪيان جن جو تعلق سنڌو سنئون غريب خاندانن سان آھي , مان سمجهان ٿو ته عدالت سڳورين جا اهڙا فيصله هڪ تاريخ رقم ڪندا آھن اهو به سمجهان ٿو ته وري واويله به پيدا ٿي سگهي ٿي , جنهن جو اثر گهٽ م گهٽ عدالت سڳوري تي ته نه پوندو پر ائين چوان ته غلط نه هوندو ته جن لکين روپيا ڏيئي نوڪريون ورتيون , هاڻ اهي ڀرتي ٿيل ڪامورن جا پٽ رشتيدارن سياستدانن جا ويجها , رڙيون به ڪندا ته ڪوڪون به ڪندا , هاڻ ڏسڻو اهو آھي ته ڇا ان عدالتي فيصلي تي عمل ٿيندو يا وري هو عدالت سڳوري م ئي نظرثاني ڪيس داخل ڪندا,   برحال سنڌ جيڪا وڏي تڪليفن مان پئي گذري , وفاق پاران ٿيل زيادتون , نوڪريون نه ملڻ ڪري بيروزگاري , صحت جو فقدان , تعليم تباه , نجي اداره اڳتي وڌندا پيا وڃن سرڪاري ادارا تباه ٿيندا پيا وڃن , منهنجي نظر ۾ حيدرآباد جي عدالت سڳوري جي قابل احترام جج صاحبان فيصلو ٻڌائي انهن غريبن  جو حوصلو بلند ڪيو آھي , جن کي نظر انداز ڪيو ويو , هن فيصلي ۾ چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن , سيڪريٽري کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو جڏھن ته سال 2018 کان تمام ڀرتي ڪيل آرڊرس پڻ رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي , جنهن کان پوء گهٽ اهي ماڻهون ته نا خوش هوندا , مان عرض ڪيان ته پاڪستان سميت سنڌ م جهڙي ريت عوام جي تذليل ٿيندي رهي اها ڪنهن کان لڪيل ناهي , عوام پاران پنهنجي حق حاصل ڪرڻ لاء احتجاج به ڪرڻآ پيا بک هڙتالون به ڪن پيا جڏھن ريليون به ڪڍن پيا , ڪن کي انصاف ملي پيو ته ڪن کي نه , جڏھن ته رياست هڪ ماء آھي , ماء جو اهو فرض آھي ته اولاد جيان پيار ڏيئي  جيڪو اسان هن وقت گهٽ ڏسئون پيا ,سنڌ وفاق دوري , پنجاب جو ننڊن صوبن سان رويئو به اسان جي سامهون آهي , پاڻي جي ورڇ جو مسئلو , اين ايف سي ايوارڊ جو مسئلو وفاق پاران اعلانيل رقم جيڪآ به ننڊن صوبن کي نه ٿي ڏني وڃي , هن وقت عوام صرف عدالت سڳورين ڏانهن واجهائي رهيو آھي , مان عرض ڪيان ته عوام کي متاثرين کي اها اميد آھي ته دير ئي سهي پر عدالت سڳوري پڪا ثبوت گواهن قانون آئين کي مدي نظر رکندي تاريخي فيصله ٻڌايا ويندا , ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته سنڌ م غريب عوام وڏو پريشان آھن , حيدرآباد عدالت سڳوري جي هن ٻڌايل تاريخي فيصلي گهڻن جون ننڊو ڦٽائي ڇڏيون هونديون , ۽ سال 2018 کان سال 2021 درميان جيڪي به نوڪريون ڏنيون ويون اهي سڀ گهر ڀيرا ٿي ويا ,جن مان سمجهان ٿو ته جن جن نوڪريون حاصل ڪيون هونديون انهن دل دل ۾ يا ڀوتارن جاگيردارن ڪامورن وٽ احتجاج به ڪيو هوندو , جڏھن ته ڪجھ نه ڪجھ اهڙا به شامل هوندا جن ميرٽ تي نوڪريون حاصل ڪيون هوندو , وڏن کان ٻڌو آھي ته سڪن جي آڙ م ساوا به سڙي ويندا آھن  , جڏھن عدالت سڳوري جي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بابت ڏنل فيصلي کان پوء ڇا ميرٽ تي پاس ٿيلن سان زيادتي ناهي , سوشل ميڊيا تي هن فيصلي کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي ,برحال منهنجي ذاتي راء آھي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هڪ ناسور آھي جنهن صرف غريبن سان زيادتيون ڪيون آھن جيڪي به لڪيل ناهين , پر اهو به ڪڙو سچ آھي ته جيڪي ميرٽ تي پاس ٿيا انهن جو ڇا ٿيندو , يا وري امتحان ٿيندا , هي سوال آھي جنهن جي جواب م به مونجهاره آھن , ڇا حقدارن کي حق ملندو, برحال رياست پاڪستان کي عوام سان زيادتيون ڪندڙن کي به سزائون ڏيڻيون پونديون جيئن عوام جو اعتماد بحال ٿي سگهي ,

پهنجو تبصرو موڪليو