سنڌ حڪومت نيڪ ڪم ۽ گسٽا جو ڪردار؟

سڀ کان پهريان ته مان مبارڪ باد پيش ڪندس انهن قابل احترام استادن کي جن سنڌ جي تاريخ جي منفرد تقريب رٿي جنهن ۾ ڊويزن سکر سميت ضلعي خيرپور جي انهن استادن جن کي ايڇ ايس ٽي مان  ايڇ ،ايم لاڀ پروموشن مليا ، انهن جي مان شان ۾ تاريخي آجياڻو ڏنو ويو جنهن م سنڌ ڀر جي استادن لاء خاص پيغام ڏنا ويا هيا   سنڌ جي ناليواري شخصيتن ضلعي خيرپور جي اسي 80 انهن  ايڇ ايس ٽي استادن جن کي سنڌ حڪومت ايڇ ايم جا پروموشن ڏيئي 17 هين گريڊ ۾ ترقي ڏني آهي انهن جي مان ۾ هڪ پروقار تقريب جيڪا تعلقه سوڀوديرو گسٽا رهنما محمد علي سهتو ، استاد  پانڌي خان خاڪي ، استاد رحيم بخش ڀبڀرو  ،استاد خالق ڏنو لغاري  استاد خادم حسين منڱڻيجو ، استاد عبدالرزاق ميمڻ ياسين چانڊيو ۽ ٻين منعقد ڪئي  جنهن جي صدارت گسٽا  سنڌ جو صوبا.ئي صدر بهادر بيباڪ اڳواڻ  حاجي محمد اشرف خاصخيلي ، مهمان خاص گسٽا رهنما ڪوآرڊينيشن گستا صوبه سنڌ استاد  نورالدين پنهور هيا جڏهن ته  گل حسن شر گسٽا سکر اسد علي شر امام ڏنو پنهور ,قلندر بخش شر , لياقت علي لاڙڪ , حماد الله حمادي , حسن علي منڱريو ,نور محمد سهتو ڊپٽي ڊآئريڪٽر ايجوڪيشن سکر خان محمد سهتو ڪوثر خاڪي سيد مفتون ضياء نبي بخش مڪول  سيد سوڀارو شاه  سنڌ سميت ڊويزن گهوٽڪي جا استاد گستا رهنمائن شرڪت ڪئي ، تقريب جي شروعات قران پاڪ جي تلاوت ڪلام الاهي سان ڪئي وئي جڏهن ته نعت مقبول صلم استاد اشفاق ميمڻ  ادا ڪئي,  جنهن بعد باقائده تقريب شروع ٿي ، ضلعي خيرپور مان اسي استاد جنهن م 13 اسان جون فيميل ٽيچرس جيڪي پڻ ايڇ ايم جا پروموشن حاصل ڪيا انهن کي پڻ هڪ عظميم الشان پروقار تقريب ۾ آجياڻو استاد عبدالرزاق ميمڻ ۽ هي تقريب منعقد ڪندر استاد محمد علي سهتو ڪئي . استاد محمد علي سهتو ان جي مڪمل ٽيم  پنڊال کي خوبصورت سجايو هو  جنهن ۾ سنڌ ڀر کان ڪهي آيل استاد ، سماجي اڳواڻن صحافين جو پڻ شڪريو ادا ڪيو ويو جڏهن ته پروموشن حاصل ڪندڙ استادن کي  نئين مينداري ملڻ تي پڻ مبارڪون ڏنيون ويون جڏھن ته  سنڌي اجرڪ سنڌي ٽوپيون اوڍايون ويون ان موقعي تي هن تقريب جي صدارت ڪندڙ گسٽا سنڌ جو صدر حاجي محمد اشرف خاصخيلي ۽ ٻين پروموشن حآصل ڪندڙن کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته توهان جو تجربو آھي  شاگردن کي به نئين جدت سان پڙهائيندا ته اسان جو ڳاٽ اوچو رهندو , هن وڌيڪ چيو ته توهان گسٽآ جو شان مان آھيو , توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته ڪنهن به استاد کي ڪا به ڪنهن آفيسر پاران تڪليف اچي برداشت نه ڪنداسين                

پر شرط اهو آھي ته توهان جي به مونکي ڪا شڪايت نه ملي , گوسڙو استادن کي اسڪول اچڻ گهرجي  استادن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسان جو پيشو استاد پيغمبري شعبي سان تعلق رکي ٿو اسان مٿان گهڻو فرض آهي ته اسان شاگردن کي پنهنجي اولاد سمجهي ان جي اها پرورش ڪيون جيڪو گهر ۾ والدين ه نه ٿا ڪري سگهن ، والدين اها زميواري اسان کي ڏين ٿا ته  انهن کي علم ادب تاريخ ، ععظمت انسان خدمت انسان سکاري ان منزل تي پهچايو جنهن لاء ان جا والدين به خواب ڏسن ٿا ته شاگرد به ڏسن ٿا ، آخر ۾  گسٽا سنڌ جو صوبائي مرڪزي چيئرمين حاجي محمد اشرف خاصخيلي تمام پروموشن حاصل ڪندڙن استادن کي مبارڪو ڏنيون ۽ عهد ورتو ته پنهنجي اهم زميواري ملڻ بعد واعدو ڪيو ته توهان جيئن پهريان بهترين استاد هيا هاڻ وڌيڪ زميواريون ملڻ تي پنهنجي فرض سان وفاداري ڪندا جيئن اسان پنهنجو ڪنڌ ڳاٽ اوچو رکون  جڏھن ته گسٽآ سنڌ پاران استاد اشفاق ميمڻ ک ئي سال جو بيسٽ ايوارڊ مليو جڏھن ته استاد محمد علي سهتو سٽي پريس ڪلب جي صدر سيد زوار شاه , کي سنڌي اجرڪ پيش ڪيو ۽ صحآفت ۾,سچو ڪردار ادا ڪرڻ تي ساراهه پڻ ڪئي جڏھن ته مجاهد وساڻ فقير محمد عباسي کي پڻ اجرڪ جو تحفو پڻ ڏنو ويو گسٽآ سنڌ جي صدر حاجي محمد اشرف خاصخيلي گسٽآ رهنما محمد علي سهتو سميت مڪمل ٽيم کي سنڌ جي تاريخ جو منفرد پروگرام ڪرڻ تي جس ڏنو , اهڙو ڪڏھن به خوبصورت پروگرام ناهي ٿيو                   

 سياسي رشوت سان کليل سيف جا اسڪول تعليم جي بنيادي حقن تي ڌاڙو آهي ، تنظيم جو مان ۽ استاد جي عزت اسان جي پهرئين ترجيح آهي ، جمهوريت ۾ هيڪڙائي آهي جنهن سان استادن جا مسئلا حل ڪيا آهن ، استاد دشمن پاليسن خلاف مهاڏو اٽڪايو آهي ، استاد پنهنجي محنت ڪري نجي اسڪول جي تعليمي ادارن کي مات ڏين ، گورنمينٽ نيشنل سيٽ ٿريساز هاء اسڪول خيرپور ۾ اسي استادن کي سيڪنڊري مان هيڊ  ماستر جي ترقي ملڻ جي اعزاز سنڌ گستا تنظيم تعلقي سوڀوديرو جي جنرل سيڪريٽري استاد محمد علي سهتو ، حافظ عبدالرزاق ميمڻ ، استاد رحيم بخش ، استاد خادم حسين ، استاد ياسين ، استاد پانڌي خان خاڪي ، استاد عبدالخالق لغاري ، ۽ ٻين پاران مقرر ڪيل تقريب ۾ سنڌ گستا جي صدر  حاجي محمد اسڙيف خاصخيلي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اسان جي تنظيم 1984 کان وجود ۾ آهي ته استاد جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاء ڪافي محنت ڪ.ئي آهي ، سنڌ جا 46 هزار بيروزگار استادن کي ڀرتي ڪري تعليم جي بهتري لاء سرڪار واعده پاڙي ته سرڪاري اسڪولن جي شاگردن جهڙو ڪو هوشيار ئي ڪونهي ، هن وڌيڪ چيو ته استاد بهترين ڪردار سان جديد طرز تعليم سان سڃاتو وڃي ٿو جڏهن ته اعلي معياري انساني بلندي جو حقدار ٿئي ٿو دنيا م پاڪستان جي جمهوريت جو خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مشهور ئي ان ڪري ٿيو جو هن حقيقت پسندي تي عبور حاصل ڪيو ۽ آمريت جي بادشاهي سان مهاڏو اٽڪايو ، تعليم اصلاح آهي ، جنهن سان برائي جو مقابلو ڪري علم ۽ ادب تي عمل ڪبو ، استادن جن کي ايڇ ايس ٽي مان ايڇ ايم جي لاء ترقي ملي آهي اها وڏي محنت احتجاجن بعد عمل ۾ آئي آهي ، جي ايس ٽي جي منجهيل مسئلي کي حل ڪيو ويندو ، بينوئل فنڊ گروپ انشورنس تي ڳالهيون هلي رهيون آهن جلد اهو به مسئلو حل ٿي ويندو ،  جڏهن ته ڪرونا وائرس جي بيماري جي بهاني استادن سان ٿيل معمولي غير حاضري معاملي تي ڊي سي خيرپور سان ڳالهيو آهي جلد اهو به نبيرو ٿي ويندو  ٻي صورت ۾ ڊي سي  خيرپور آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو استاد ۽ شاگرد والدين اسان سان رابطي ۾ هجن سرڪاري اسڪولن ۾ ڪافي رعايتون آهن جن سان فيض حاصل ڪري سگهجي ٿو ، ايس ايڇ ٽي مان ترقي ماڻيندڙ استادن لاء سيڪريٽري سان ڳالهايو آهي ته هو جلد پوسٽنگ جا به آرڊر ڪري اپ گريڊ ٿيل اسڪولن م هيڊ ماستر مقرر ڪرن جا احڪامات جاري ڪري بي چيني دور ڪري محترم اشريف خاصخيلي چيو ته ضلعي خيرپور جي اٺن ئي تعلقن جا ترقي ماڻيندر استاد پنهنجو نظام بهتر بڻائين ادب ۽ اخلاق جو دائرو مضبوط ڪيو وڃي پنهنجي منصب سان وفا ڪري مان مٿانهون ڪن نجي اسڪولن جي پڙهائي ۽  ماحول تي ڪرڙي نظر رکن ان موقعي تي سنڌ گسٽا جي ڪوآرڊينيشن استاد  نور الدين پنهور چيو ته جمهوريت ۾ هيڪڙائي آهي بادشاهي ناهي جو پنهنجي هڏ ڏوکي استادن کي پريشان ڪيون هن پروقار تقريب ۾ ڊي اي و خيرپور کي مدعو ڪيو ويو پر هو هن زير دستن جي خوشين ۾ شامل نه ٿيو جن استادن کي تحفا مليا  ان ۾ فاروق احمد سومرو ، اشرف منگي ، نزاڪت علي شيخ لياقت علي لاڙڪ اسٽيج سيڪريٽري استاد اشفاق ميمڻ نبي بخش مڪول جمال الدين قاضي نورمحمد سهتو اياز علي کوسو شفيع محمد لاشاري امتياز علي  خادم حسين ڦلپوٽو علي اصغر بوذدار رمضان آرائين فتح علي ، سيد سوڀارو شاه حسن علي ، شير محمد مهيسر گل حسن شر امام الدين پنهور شامل آهي جڏهن ته بهترين رپورٽنگ تي سوڀوديرو جي عبرت رپورٽر فقير محمد عباسي ، گڊ ڪليڪشن سٽي پريس ڪلب راڻيپور جي صدر نامور صحافي سيد زوار حسين شاه ، بهترين ڦوٽو گرافي تي مجاهد حسين وساڻ کي مڃتا تحفه ڏنا ، ان موقعي تي تلاوت ڪلام پاڪ حافط عبدالرزاق ميمڻ ڪئي جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتطامات سٽيزن بوائز اسڪائوٽ جي اڳواڻن ۽ ساٿين ذوالفقار علي سومرو ، امداد تانوري ۽ ٻين سرانجام ڏنا ،  تعلقو سوڀوديرو ڪنگري نارو ، گمبٽ ڪوٽ ڏيجي ، تعلقه خيرپور ، فيض گنج ٺري ميرواهه جي استادن  به ترقيون ماڻيون ان موقعي تي شاه محمد بوازدار سيد مفتون ضياء شاه ، امام الدين پنهور ، اسد الله ، سائين بخش وساڻ صدر سکر ڊويزن جي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾  6 هزار استاد بنا پوسٽنگ جي ويٺا آهن صرف ان ڪري جو سنڌ سرڪار جا کاٽو پٽ انهن ٻن ٻن پوسٽنگ تي ويهي اربين رويپا هڙپ ڪن ٿا جنهن ڪري سنڌ جي تعليمي نطام خراب پيو ٿئي ، ان تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته سنڌ سراپا احتجاج تي نڪري ايندي جڏهن ته آخر ۾ سنڌ جي ثقافت سوکڙي ڳوٺ انبن جي پٽ جي ڌاڳن سان ٺهيل ريشمي کيس استاد محمد علي سهتو ، پاران گسٽا سنڌ جي صدر محمد اشرف خاصخيلي  استاد نور الدين پنهور کي به پيش ڪيا ويا ان موقعي مڏ هاء اسڪول جي ماستر خان محمد سهتو آيل سڀنن استادن جو پڻ شڪريو ادا ڪيو .  zawarshah110@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو