سنڌ جي هندن کي نه ستايو –اعجاز منگي

هو ورهاڱي وقت سنڌ ڇڏي هند نه ويا

انهن لاءِ ڌرتي اوچو ڌرم هئي

انهن کي گنگا ڀر ۾ وڄندڙ گهنٽيون

سڏينديون رهيون

انهن لاءِ هي ديس هڪ مندر هو

اهو مندر جنهن جو مهان ديوتا

سنڌو درياءُ هو

غريب ٻالڪ جي اکين جهڙي ميرڙي پاڻيءَ

جي وچ منجهدار تي موهت ٿي

”جهولي لال“ جا ڳيچ ڳائيندا رهيا

پنهنجن نيڻن جا ديپ جلائيندا رهيا

لوڪ کان لڙڪ لڪائي مسڪرائيندا رهيا

انهن ديس ڪارڻ هر زخم کي آشيرواد سمجهيو

جڏهن ساوڻ ۾ برساتن جا وسڪارا ٿيندا هئا

تڏهن انهن کي پل پل پنهنجا پيارا ياد ايندا هئا

پر انهن ڪڏهن به اتر، ڪاڇي ۽ ٿر کي نه ڇڏيو

انهن ڪڏهن به سنڌو سڀيتا جي مندر کي نه ڇڏيو

انهن وطن کي خاطر ڌن جو پيڇو نه ڪيو

انهن جا گهر لٽيا ويا

انهن جا در ڀڳا ويا

انهن جي ننگ کنيا ويا

انهن کي ڌڪ هنيا ويا

پر انهن پريم جي پرک تي نه پڇتايو

انهن اياز کي گيتا جيان پڙهيو

۽ لطيف کي ويدن جيان ورجايو

۽ اڄ جڏهن گهوٽڪيءَ جي گهٽين ۾

انهن کي دهشت سان ڌڪاريو ويو

۽ انهن کي تعصب جي تلوار کڻي للڪاريو ويو

تڏهن به انهن اهو نه چيو ته:

”اسان سوشل ميڊيا تي مسلمانن اڳ

دوستن کي واڌيون ڏيندا آهيون

اسان ته فون جي گهنٽيءَ تي ”نمستي“ چوڻ بدران

”اسلام اعليڪم“ چوندا آهيون

اسان ته رنگ ٽون تي رکيل نعتون به نه مٽيندا آهيون

پوءِ به اسان کي ڌاريو سمجهي ڌڪيو وڃي ٿو

تاريخ گهايل پنڇيءَ وانگر لڇي رهي آهي

وقت جي وير اسان کان پڇي رهي آهي

”آخر هي انياءُ ڪيستائين؟

آخر ڪيستائين نرمل ۽ نوتن کي

سنڌ ۾ رهڻ جي سزا ڏيندا رهندا؟

آخر ڪيستائين پشپا ۽ پريانڪا کي

مذهب جي آڙ ۾ کنڀيندا رهندا؟

آخر ڪيستائين مندرن جي مورتين کي

ملياميٽ ڪندا رهندا؟

آخر ڪيستائين سنڌ جي سينڌ کي لٽيندا رهندا؟

آخر ڪيستائين سنڌ جي جهوني وڻ جي پکين کي

ٺاٺارڪن ٺڪاون سان اڏاريندا رهندا؟

انهن کي آکيرن مان نه اڏايو

سنڌي هندن کي نه ستايو“

(اعجاز منگيءَ جي فيس بوڪ وال تان کنيل)

پهنجو تبصرو موڪليو