سنڌ جي نگران حڪومت کي تعليم بابت تجويزون

روشن علي
حڪومت سنڌ ڪجهه سالن کان تعليم کاتي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ مختلف وقتن تي قدم کڻي رهي آهي، جنهن ۾ ڪيتريون نواڻ آڻيندڙ شيون به قابل غور ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون، جهڙوڪ بائيو ميٽرڪ سسٽم ، شاگردن کي مفت ڪتاب ڏيڻ، پرائمري کان هاءِ اسڪول جي شاگردن جون فيس معاف ڪرڻ يعني مفت تعليم ڏيڻ جهڙا تحفا ساراهه جوڳا قدم چئي سگهجن ٿا.اهڙي طرح ئي وري آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 17 هين گريڊ جي هيڊ ماسترن کي بنا ڪنهن ڪميشن جي ايڏي وڏي عهدي تي مقرر ڪري پرائمري اسڪولن مٿان جهڙي طرح مقرر ڪيو ويو آهي، اهو هڪ وڏو سوال ۽ حيرت انگيز تجسس ڏياريندڙ عجوبو پڻ آهي ته ڪنهن به ڪميشن بنا ڪنهن به شخص کي 17 هون گريڊ ڏيڻ سراسر ناانصافي مترادف عمل آهي. جيڪڏهن وري حڪومت سنڌ انهن 957 آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 17 هين گريڊ جي هيڊ ماسترن کي مقرر ڪيو ته انهن کي جانچڻ جو پيمانو ڪهڙو رکيو ويو آهي ۽ انهن جي ڪارڪردگي ڪيئن معلوم ڪري سگهجي ٿي، هر هڪ باشعور سمجهي سگهي ٿو ته يورپين بئنڪ، ايشين بئنڪ، ورلڊ بئنڪ، پرڏيهي امدادي ادارن جي تعاون سان ڪروڙين اربين رپيا ڏيندڙ ملڪ سنڌ جي تعليم جي بهتري جا خواهشمند آهن ؟، پر حڪومت سنڌ هميشه جيان پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي ( مين نه مانو ) واري فارمولي تي ڪارفرما بڻيل آهي، سنڌ حڪومت جيڪڏهن واقعي سنڌ جي تعليم سان سنجيده مخلص ۽ سچي آهي ته پوءِ سڀ کان پهريان انهن 17 هين گريڊ جي آءِ بي اي جي ٽيسٽ پاس نون هيڊ ماسترن کي پهرين فرصت ۾ بغير ڪنهن دير جي بند پيل اسڪول کولائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ شهرن بجاءِ ٻهراڙين ڳوٺن ۾ جتي تعليم نه هجڻ برابر بڻيل آهي اتي مقرر ڪري اتان جي تعليم ۾ بهتري آڻڻ لاءِ سخت ترين قدم کنيا وڃن باقي سڀ کي معلوم آهي ته ٻهراڙين ڳوٺن کان وڌيڪ شهرن ۾ تعليم جو سرشتو بهتر نظر اچي ٿو، نون هيڊ ماسترن جن کي 17 هون گريڊ ڏيئي پرائمري اسڪولن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، انهن نون هيڊ ماسترن مان اڪثر هيڊ ماسترن جي لاءِ اها شاگردن جي والدين جي شڪايت عام آهي ته انهن اچڻ سان ئي ٻيو ڪجهه نه ڪيو پر اسڪول جي اسڪول مئنيجمينٽ ڪميٽي ( ايس ايم سي فنڊ ) جي گهٽ ۾ گهٽ رقم 5 لک کان وٺي 10 لک تائين وارا پئسا پنهنجن من پسند چيئرمينن جي ملي ڀڳت سان ڳٺ جوڙ ڪندي پئسا هڙپ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اڄ به هن جديد ترين ٽيڪنالاجي واري ترقي يافته دور ۾ جتي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪس ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا به عروج تي پهتل آهي. انهي ۾ به حڪومت سنڌ طرفان نوان مقرر ڪيل 17 هين گريڊ جا هيڊ ماستر لکين رپيا اسڪولن جي ايس ايم سي فنڊن مان اسڪولن اندر نه ئي صفائي سٿرائيءَ لاءِ ڪو سوئيپر مقرر ڪيا ويا آهن، نه ئي گرميءَ جي شدت سبب اسڪولن ۾ پيئڻ جي ٿڌي پاڻيءَ جا واٽر ڪولر رکيا ويا آهن جيئن معصوم ٻارڙا پاڻي پي سگهن. وڏي ڳالهه اها ته سوين معصوم ٻارڙا اسڪول جتي روزانو اچن ٿا اتي ٻارڙن شاگردن شاگردياڻين کي ضرور ڪا ٻاٿ روم جي ضرورت ٿيندي هوندي، انهيءَ جي صفائي سٿرائي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻيو نه ته موٽر مشين يا نلڪو ته لڳرايو وڃي. انهي سلسلي ۾ سروي ۾ معلوم ٿيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اباڻي لاڙڪاڻي شهر جي اندر ڪافي تعداد ۾ اهڙا به پرائمري اسڪول آهن جتي سون جي تعداد ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪن ٿيون پر انهن سوين ٻارڙن لاءِ اسڪول ۾ ٻيو ته ٺهيو پر نلڪو به لڳل ڪونهي هاڻي اندازو ڪريو ته گرميءَ جي شدت لاڙڪاڻو، سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، دادو، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، نوابشاهه سميت ٻين علائقن ۾ رڪارڊ گرمي جو درجه حرارت ڇا هوندو آهي؟ پر پرائمري اسڪولن ۾ سوين پرائمري اسڪولن جي شاگردن لاءِ نلڪو به نه هجي ته پوءِ تعليم کاتي جي مقرر ڪيل نون 17 هين گريڊ جي آَءِ بي اي هيڊماسترن جي ڪارڪردگي جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ . اسڪولن ۾ فرنيچر جي شديد کوٽ واقع آهي، اسڪول بلڊنگس عمارتن جي خسته حالي زبون صورتحال سان گڏ ڪيترائي اسڪول رنگ و رونگ لاءِ ترسي رهيا آهن. جنهن لاءِ سياسي ڪلچر ۽ پسند ناپسند جي ڪري سون جي تعداد وارا پرائمري اسڪول تعميراتي ترقياتي ڪمن کان پري رکيا ويا آهن جنهن لاءِ ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ جي ڪامورن جي ڇا ڳالهه ڪري سگهجي ٿي. ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ پهريان مهيني سر مهيني ۾ پاڻ مرادو اسڪولن جي وزٽ ڪري زبون حالي ۽ رنگ رونگن جي حوالي سان متحرڪ هوندا هئا پر هاڻي انهن کي به حرام کائي ويو اهي ۽ اهي پر سفارشي ڪلچر ۽ رشوت ڪميشن مافيا جو حصو بڻجي پنهنجي گهر ويٺي سياستدانن جي آشير واڌ ۾ خوش رهڻ لڳا آهن جنهن ڪري انهي ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ جا سٺا ڀلا ۽ محنتي ماڻهو به مجبور ۽ لاچار بڻجي مثبت رٿابندي ۽ اسڪولن جي بهتري لاءِ پلاننگ رکڻ جو بي مثال جذبو ڄڻ ته وساري ويٺا آهن. هاڻي ڳالهه ڪجي ٿي تعليم ڪيئن سڌري سگهي ٿي ۽ اسان ٻين صوبن ۽ ملڪن سان تعليم جي سلسلي ۾ ڪيئن قدم وک ملائي سگهون ٿا ؟. اڳتي وڌڻ لاءِ رڳو استادن کي ذميوار قرار نٿو ڏيئي سگهجي هن پوري سسٽم ۾ منفي ۽ مثبت پهلوئن کي ڏسڻو پوندو. پرائمري استاد به هن معاشري جو هڪ حصو آهي، انهي ۾ به اوڻايون هونديون پر سڄي ساري ذميواري صرف ۽ صرف استاد مٿان عائد ڪرڻ سراسر زيادتي هوندي. ڪير ٻڌائي ته اڳ ۾ جڏهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان کان بغير رڳو تازو فارملٽي رسمي خانه پوري ڪري 17 هين گريڊ جا نوان هيڊ ماستر نه هيا ته تعليم نه هئي ڇا؟ ۽ جڏهن هي آيا آهن ته ڪهڙو وڏو ۽ واضع فرق نمايان نظر آيو آهي. نون بغير ڪميشن جي امتحان ڏيندڙ 17 هين گريڊ ۾ غير قانوني ڀرتي ٿيل هيڊ ماسترن کي بند پيل اسڪولن ۽ خاص ڪري ڳوٺن ٻهراڙين ۾ رکيو وڃي پوءِ بهتر جانچ ۽ انهن جي ڪارڪردگي معلوم ڪري سگهجي ٿي. پر باشعور ساڃاهه وند سوچ رکندڙ طبقو ٻڌائي سگهي ٿو ته هتي تعليم کي سڌارڻ لاءِ ڪنهن يورپين ورلڊ بئنڪ جي فارمولي بجاءِ سادي سودي سمپل ڳالهه آهي ته توهان ڪنهن به طرح جيڪڏهن پنهنجن تعليمي ادارن کي وڌ کان وڌ بنيادي سهولتون ڏيون، اسڪولن ۾ وسيع ميدان، اڳ جيان شاگردن کي پيئڻ جي پاڻيءَ جو مناسب فوري انتظام ڪرڻ، اسڪولن ۾ گل ٻوٽا ۽ نم ، ٽاري سميت ٻيا وڻ لڳرائڻ، شاگردن کي ڪتاب مفت ڏيڻ سميت انهن غريب طبقي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مڊل ۽ هاءِ اسڪول شاگردن وانگر اسڪالرشپ، امداد ، مالي سهائتا ڪرڻ، سڀ کان اهم ترين ڳالهه ته اسڪول ۾ مقرر ڪلاس رومن موجب شاگردن جي انرولمينٽ داخلا ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته اڪثر سروي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته پرائمري اسڪولن ۾ هرهڪ ڪلاس روم ۾ 25 کان 30 شاگرد ويهارڻ آهن پر هتي دراصل انجي ابتڙ ٿي رهيو آهي ۽ پرائمري اسڪولن جي ڪلاس رومن ۾ شاگردن کي گودام، انبن جي پال جيان ويهاري گرميءَ ۾ شاگردن جي حالت بي حال بڻائي وڃي ٿي. حڪومت سنڌ جو انهي ڳالهه تي زور آهي ته شاگردن جي داخلا وڌايو پر جڏهن حقيقي معني ۾ ڏسجي ٿو ته اصل ۾ ڪلاسن ۾ شاگرد بجلي جي نه هجڻ ڪري ڪلاس رومن ۾ گودام جيان پال پئجي رهيا آهن. پ پ پ جي 16 سالا دور اقتدار ۾ تعليم کاتي جي جيڪڏهن حقيقي معني ۾ پرگهور لهي وڃي ها ته اهڙي رحم جوڳي حالت انهي کاتي جي نه هجي ها. وڏي افسوس ۽ حيرت جي اها ڳالهه آهي ته تعليم جهڙي حساس ترين شعبي کي اسان وٽ نون نون تجربه گاهه طور هلايو وڃي ٿو. نوان نوان تجربا ۽ نيون نيون اڻوڻندڙ شيون جيڪي ڪنهن به حوالي سان سنڌ جي تعليم لاءِ فائديمند ناهن اهي لاڳو ڪيون وڃن ٿيون.جهڙوڪ پرائمري اسڪول ٽائيم 8 وڳي کان 2 وڳي تائين مقرر ڪرڻ آهي، وڏي حيرت جي اها ڳالهه آهي ته بنا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ٽيسٽ ڏيڻ جي تازو هاڻي رسمي انٽرويو جي نالي ۾ وڏي رشوت ڀري آيل 17 گريڊ جي آيل هيڊ ماسترن عملي طرح ڪهڙو وڏو ڪارنامو ڪيو آهي جو انهن کي هيڏي وڏي پوسٽ تي ويهاريو ويو آهي. ڪنهن به قانون ۾ آهي ڇا ته جيڪي هي مسلط ڪيل نوان 17 گريڊ جا هيڊ ماستر آهن اهي اسڪولن ۾ ٽائيم اچن يا نه اچن انهن جي مرضي آهي ڇا؟ اهي پاڻ ڏينهن جا ڏينهن غائب هجن ۽ پنهنجي اسڪولن ۾ حاضري رجسٽر ۾ نالو نئبه نه لکن درج ڪن، انهن کان ڪو پڇڻ وارو ڪير ڪونهي ڇا؟ اندازو ڪيو ته هي هزار جي لڳ ڀڳ هيا جيڪي هوشيار محنتي هيڊ ماستر هيا اهي ڪميشن ڏيئي ٻين ڊپارٽمينٽن ۾ اڳتي نڪري ويا پر ڪي ٿڪل گذريل ستن سالن کان هتي آهن انهن ڪجهه احتجاج ڪري حڪومت تي پريشر دٻاء رکيو جنهن تي حڪومت ڀاڙي ٿي پئي ۽ هنن کي گهر ويٺي 17 هون گريڊ ڏيئي ڇڏيو. جڏهن ته هنن کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي امتحان ٽيسٽ ورتي وڃي ها پر حڪومت مٿي سور پنهنجو ختم ڪرڻ لاءِ رڳو ايس پي ايس سي جو نالي ماتر انٽرويو وٺي 17 هون گريڊ ڏنو ويو آهي. جڏهن ته انهن جي اسڪولن جي بهتر ڪارڪردگي جي رپورٽ غير جانبدارانه اداري کان ورتي وڃي ها، نمبر ٻئي ڳالھ ته انهن جي اسڪولن جي ايس ايم سي فنڊس جي جاچ ڪئي وڃي ها ته انهن اسڪولن ۾ مليل لکين رپين جا ڪهڙا ڪم ڪار ڪرايا آهن. هاڻي ته تازو 30 يا 35 هزار نون ڀرتي ٿيل عورت ٽيچرس جي اچڻ بعد پرائمري اسڪولن ۾ رڳو ڪچهريون نون هيڊ ماسترن جون لڳل آهن ڪو چوڻ وارو ڪونهي. سڀ ملوث آهن ڪير ڪنهن کي ڪيئن چئي، پوء اهڙي سنڌ جي تعليم جو الله واهي آهي ۽ ادارن ۾ احتسابي عمل بجاءِ آفيسر به رڳو ڪميشن مافيائون بڻجي ويون آهن. نون آيل هيڊ ماسترن جي مقرر ڪرڻ جهڙن اهڙن نادر شاهي حڪمن بعد سنڌ جو مستقبل مايوس ڪن بڻجي ويو آهي، نون بنا ڪميشن جي امتحان وارن هيڊ ماسترن کان پوءِ تعليم کاتي، استادن ۽ شاگردن کي ڪهڙو فائدو ملي سگهي ٿو؟. جڏهن ڪنهن ڳالهه جو ڪو فائدو ئي ناهي. وري بار بار چيو ويندو آهي ته اسڪولن ۾ عام استاد نٿا پڙهيائين، ڇا پوليس سڀ ڏوهاري پڪڙي ڇڏيا ؟، ڇا عدالتن سڀني کي انصاف ڏئي ڇڏيو ؟، ڇا واپڊا سيپڪو وارن سڀني کي بجلي پهچائي لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏي ؟ ، ڇا اينٽي ڪرپشن، ڪرپشن جو خاتمو آڻي ڇڏيو، ڇا ڊپٽي ڪمشنرن ڊي سي صاحبان سڄي سنڌ ۾ پلاٽن ۽ زمينن جا معاملا ٺيڪ ڪري ڇڏيا؟، ڇا سڀ مختيارڪار ۽ تپيدار ايماندار ٿي ويا ؟، ڇا اي جي آفيسن، ٽريزري آفيسن فنانس ڊپارٽمينٽ ۾ ويٺل ڪلارڪ ملازم ڪنهن جو به جائز ڪم مفت ۾ ڪرڻ لڳا آهن؟. ٻين ڊپارٽمينٽن کاتن جيتري ڪرپشن ڪئي آهي، انجي مقابلي ۾ استاد (0) زيرو پرسنٽ به ناهي ڪئي، جيڪڏهن استاد نٿا پڙهائين ته هي ڊاڪٽر، انجنئير، وڪيل ۽ ٻيا سڀ هندستان مان پڙهي ٿا اچن ٿا اچن ڇا ؟. هن معاشري ۾ نشانو صرف ۽ صرف استاد ئي ڇو بڻيل آهن ؟، ۽ هيءُ سڀ ڇو نه آهن نشاني تي؟ . جيئن سياڻا ڏاها ماڻهو چوندا آهن ته پاڻي هيٺاهين تي لهي ايندو آهي تيئن ئي استاد تي هرهڪ مسخرو به ٺٺوليون ڪندا رهن. هاڻي ته وري سنڌ حڪومت نئون تعليم کاتي سان ويل ڪري ڇڏيو آهي، اسڪولن ۾ ساڍا ست سئو مڱڻهار راڳي تبلا باجا وڄائڻ وارا ناچ گانن وارا ڊرامائي ماڻهو مقرر ڪري ڇڏيا آهن. جنهن استاد لاءِ شرط لازم هجي باڪردار قوم جي ٻچڙن شاگردن کي بهتر تربيت ڪندڙ هجن. هاڻي سائين نچڻ ڪوڏڻ وارا ماڻهو شاگردن کي دهل شرنايون کڻائيندا، نگهت ناز ڳائڻي کي به ڪنهن چيو نوڪري جو آرڊر مليو آهي ته اها اسڪولن ۾ ماحول بهتر ڪندي؟ انهيءَ جي معني آهي ته اسان جا حڪمران جو غلط رسم رواج جا بنياد رکندا ته پوءِ ضرور انهي جا منفي اثر تعليم تي پوڻ لڳندا. ڪڏهن به پيغمبري پيشي سان وابسته استادن کي ٽارچر پريشر ذريعي تعليم کي سڌاري نٿو سگهجي پر جيڪڏهن واقعي تعليم جي ترقي ۽ سڌارا گهرجن ته پوءِ حقيقت پسند ٿيڻو پوندو ۽ هڪ ٻئي تي اجايا ۽ فضول الزام بازيون لڳائڻ بجاءِ آنِ اسپاٽ سرزمين تي وڃي ماحول جي مطابق فيصلا ڪرڻا پوندا جيڪڏهن اسان يورپ، آمريڪا ۽ برطانيه جي تعليم جا حوالا ڏيون ٿا ته پوءِ اهڙيون سهولتون به ڏيڻيون پونديون پوءِ اهي گهرجون به پوريون ڪرڻون پونديون باقي سنڌ کي سنڌ جهڙيون به مناسب بنيادي سهولتون نه ڏيون ۽ ڳالهه ڪريون يورپين ملڪن جون ته اها سراسر زيادتي ٿيندي.جنهن ملڪ ۾ هر طرف ڪميشن مافيائون جو راڄ هجي وک وک تي آدم بوءِ لڳل هجي ۽ جنهن ملڪ جا وزير اعظم به ڪرپشن جي ڪري اقتدار لهڻ شرط گرفتار ٿيندا هجن ۽ جنهن ملڪ ۾ اقتدار لهڻ شرط ڪرپٽ وزيرن جي ٻئي جڳهه جيل جو بندوبست ٿيل هجي اتي صرف استاد کي ڏوهي قرار ڏيڻ سراسر نا انصافي ۽ ظلم رهندو. اسان ائين به نٿا چئون ته استاد فرشتا آهن پر اهي پنهنجن وڏيرن، ڀوتارن ۽ ڪمدارن جا ڪٿي ڪٿي تحفا مليل آهن جنهن تي پوري استاد برادريءَ مٿان هٿ کنيا وڃن ٿا. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو، ائين ئي هن معاشري ۾ اسان جي وزيرن سيڪريٽرين ۽ لاٺڙين لاءِ “ خاص ڪري پرائمري استاد” کي ڳورو سمجهي ڦٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جيڪا سنڌ جي ڪروڙين شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت لکين استادن سان وڏو مذاق ۽ مسخري آهي. پ پ پ حڪومت ۾ سنڌ جي تعليم جو صوبائي وزير سردار شاهه چئي ٿو ته هڪ لک 36 هزار استادن مان هڪ لک استادن کي پڙهائڻ ئي نٿو اچي ۽ مان انهن هڪ لک استادن کي نوڪرين مان ڪڍڻ ٿو چاهيان جنهن لاءِ اپوزيشن ساٿ ڏي،تعليم ۽ صحت کاتي سنڌ لاءِ ڪيڏي وڏي رقم ڪروڙين نه پر اربين رپين جي بجيٽ اچي ٿي اها اسڪولن ۾ بنيادي ضرورتن تي خرچ ٿيڻ بجاءِ سيمينارز، واڪ،ورڪشاپ، ميٽنگن، اجلاسن، نون نون تجربن تي خرچ ڪئي وڃي ٿي جڏهن ته اڄ به سنڌ جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ اسڪولن ۾ بجليءَ جي سهولت مليل ناهي، 85 سيڪڙو اسڪولن واش رومز ناهن، 75 سيڪڙو اسڪولن ۾ پلي گرائونڊ ناهن، تقريبن 90 سيڪڙو اسڪولن ۾ صفائي سٿرائي لاءِ سوئيپر مقرر ڪونهن، جنهن ڪري هن جديد دور ۾ به شاگرد جيڪي اسڪولن ۾ پڙهڻ اچن ٿا انهن کان اسڪول انتظاميه صفائي ڪرائين ٿا، اهڙي طرح اڻ ڳڻيا پرائمري اسڪولن مسئلا آهن جنهن ڪري شديد ترين گرميءَ ۾ لکين شاگرد ۽ شاگردياڻيون هر سال تعليم پڙهڻ بجاءِ ويتر محروم بڻجي رهيا آهن. هيءُ ڪنهن تي ڪيس داخل ڪجي جو تعليم جهڙي حساس شعبي وارن کي هر روز وزير انهن ڀوتار ۽ ڪمدار ذهني ٽارچر ڏيئي پنهنجي حڪمراني صرف ۽ صرف اسڪولن تائين محدود بڻائي پاڻ کي پاڻ مرادو شهنشاهه سمجهي خوش فهميءَ جو شڪار رهن ٿا. شايد انهن کي معلوم ناهي ته استاد ئي اها هڪ وڏي قوت سگهه آهي جيڪا ملڪ جا صدر، وزيراعظم، انجنيئر، وڪيل، دانشور، شاعر، اديب، ليکڪ، صحافي، ڊاڪٽر ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا هيرا موتي پيدا ڪري ٿو. انهيءَ عظيم پيغمبري پيشي جو ڪو لحاظ ڪو خيال اسان نه ڪنداسين ته ٻيو ڪير ڪندو. تعليم کي سڌارڻ لاءِ اجايون ٺٺوليون تنقيدون ۽ مسخري مذاق ڪرڻ بجاءِ عملي طرح حقيقت پسند ٿي ڪري سينئير استادن سان گڏجي صلاح مشوري سان انهن جي تجربي تحت نصاب سميت هر معاملي ۾ نواڻ آڻي سگهجي ٿي جنهن جا مثبت ۽ ديرپا نتيجا ملڻ لڳندا. آءِ بي اي هيڊماسترن مان به سنڌ جي پرائمري اسڪولن مان جند آجي ڪرائي وڃي ۽ انهن کي پهرين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي 17 هون گريڊ ڏيڻ واري شرط مطابق نه صرف رسمي ڳالهه ٻولهه لين دين ڪافي آهي پر امتحان ٽيسٽ وٺڻ بعد باضابطا طور تي رکندا. هنن آءِ بي اي هيڊ ماسترن گذريل 7 سالن ۾ ڪهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، سواءِ هنن ايس ايم سي فنڊ کائڻ جي ڪجهه به ناهي ڪيو، تعليم بهتري بجاءِ ويتر مسئلن جو شڪار رهي آهي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب الدين آءِ بي اي هيڊ ماسترن کي صلاح ڏني آهي ته اهي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 17 هين گريڊ ۾ هيڊ ماستر بڻجي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته 17 هين گريڊ جي پوسٽ ڪميشن کان بغير نٿي ڏيئي سگهجي. ٻئي طرف هڪ ڳالهه واضع آهي ته سنڌ ۾ هزارين سينئير پرائمري استاد جن 30 سالن کان وڌيڪ عرصو هن ڊپارٽمينٽ کي ارپيو آهي ۽ پنهنجون زندگيون ڏنيون آهن انهن مان خاص ڪري پوسٽ گريجوئيٽ ايم اي، ايم ايس سي پاس ڪندڙ ۽ تعليمي سند بي ايڊ پاس ايم ايڊ ڪندڙن کي فوري طور تي پرائمري اسڪولن ۾ ئي 17 هون گريڊ اپ گريڊيشن تحت هيڊ ماستر مقرر ڪري تعليم کاتي ۾ انقلابي ۽ حقيقي تبديلي آندي وڃي. ڇاڪاڻ ته انهن سينئير استادن کي 30 سالن جي پڙهائڻ ۽ ايڊمنسٽريشن سنڀالڻ جو هڪ وڏو وسيع ايڪسپيرينس تجربو پڻ آهي، جنهن سان تعليم کاتي ۾ وڌيڪ 17 هين گريڊ جي آءِ بي اي هيڊ ماسترن جو بار پڻ لهي ويندو ۽ پنهنجي ئي تعليم کاتي ۾ موجود استادن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. باقي تعليم کاتي کي روز روز تجربه گاهه بڻائي سنڌ جي مستقبل سان نه کيڏيو وڃي. وڏي ڳالهه ته جن زندگي هڪ ڏينهن به اسڪولن ۾ هڪ ڏينهن بلڪ هڪ پيرڊ به نه پڙهايو اهي اسڪولن ۾ ڪهڙي پڙهائي تعليم جاري رکرائي سگهن ٿا. سنڌ جو بهتر مستقبل ڪرڻو آهي ته پوء فوري طور تي نون 17 هين گريڊ وارن بنا ڪميشن واري امتحان وارن هيڊ ماسترن کي بند پيل اسڪولن ۽ ڳوٺن ٻهراڙين وارن اسڪولن ۾ رکي تعليم کي بهتر بڻايو وڃي ڇاڪاڻ ته حڪومت سنڌ جي مطابق اهي دادلا هوشيار آهن ته پوءِ انهن کي چئلينج طور بند پيل اسڪول ۽ ڳوٺن ٻهراڙين جا اسڪول ڏنا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو