سنڌ جو تفريحي ماڳ گاج ڊيم

تحريرايس ايم لغاري

سنڌ ۾ گهڻا ئي تفريحي ماڳ آهن  پر ضلع دادو جي بلوچستان جي سرحد سان ملندڙ علائقي ۾ رني ڪوٽ گورک يا گاج ڊيم جيڪي قديمي  ماڳ آهن پر حڪومت جي بي ڌياني سبب اهي تفريحي ماڳ لاوارث بڻيل آهن روڊ جي سهولتن کان ويندي مسجدون پارڪ ريسٽورنٽ يا ٻيون سهولتون نه هجڻ جي ڪري اهي تفريحي ماڳ ڀڙڀانگ ٿي ويا آهن هي جيڪي سنڌ ۾ تفريحي ماڳ آهن اهڙا ماڳ يورپ ملڪن ۾ هجن ها تہ اهڙو ٺاهيو وڃي ها جو  پوري دنيان حيران ٿي وڃي ها پر بدقسمتي سان هي تفريحي ماڳ سنڌ ۾ هجڻ جي ڪري لاوارث بڻيل آهن نواز حڪومت هجي يا مارشل لا يا عمران خان جي حڪومت انهن ته سنڌ ڏي ڪڏهن به ڌيان ئي ناهي ڏنو ڇو ته شايد انهن جي اندر ۾ سنڌ ۽ سنڌي غير هجن يا شايد محسوس ڪن ٿا ته سنڌ پاڪستان ۾ نه هجي پر سنڌ مان ڪامياب ٿيندڙ ملڪ جي وڏي پارٽي جيڪا سدائين سنڌ مان ڪاميابي ماڻي آهي پاڪستان پيپلزپارٽي ان به سنڌ جي ماڳن تي ڌيان ناهي ڏنو جيڪڏهن هڪ اڌ ماڳ تي بجيٽ منظور ڪئي به هوندس ته اتي ڪرپشن جي ڀرمار ٿي هوندي جئين گورک هل اسٽيشن تي اربين رپين جون بجيٽون آيون پر اڄ به اتي روڊ جي سهولت ناهي اسپتال جي سهولت ناهي گورک به لاوارث بڻيل آهي گورک کان علاوه گاج ڊيم آهي گاج جو پاڻي پوري ملڪ ۾ ڪٿي به ناهي پاڻي پيڻ سان جلد هاضمو ٿي ويندو آهي جيڪڏهن سائينس گاج جي پاڻي تي ريسرچ ڪري ته سائينٽس حيران ٿي ويندا اهڙو پاڻي ڪٿي  آهي ئي ڪون ان کان علاوه گاج ڊيم اندر نئيون آهن اتي پاڻي جي جا ننڍا ننڍا چشما گذرن ٿا وڏي وڻڪاري هئي آسپاس ۾ ڪيترائي ڳوٺ آهن اتي رهندڙ ماڻهن ۾ مھمان نوازي اڄ به زندا آهي خوبصورت اوطاقون وغيره وڏي وڻڪاري هئي پر هاڻي ته پوليس وڻن جي واڍي ڪرائي وڻن جون پاڻون پٽي گاج ڊيم جي خوبصورتي وڃائي ڇڏي آهي گاج ڊيم جهڙو علائقو جيڪڏهن پنجاب ۾ هجي ها ته اتي فلٽر پلانٽ هڻي منرل واٽر ڪري کپائن ها ته پوري دنيان ۾ پاڻي وڪرو ٿئي ها ڇو ته گاج جي پاڻي ۾ قدرتي طرح پاڻي پيڻ سان ڪلاڪ کان بعد اهڙو هاضمو ٿي وڃي ٿو ڄڻ سڄي ڏينهن جا بکيا هيو سنڌ جي بي ڌياني سبب گاج ڊيم ڀڙڀانگ ٿي ويو آهي گاج ڊيم گهمڻ لاءِ سياح اچن ٿا پر ڪا به سهولت نه هجڻ ڪري ڪلاڪ به ڪون بيهي سگهن ٿا واپس هليا وڃن ٿا پيڻ لاء پاڻي ته آهي پر ريسٽ ڪرڻ ماني کائڻ چانھ پيڻ لاء ريسٽورنٽ ناهي نماز پڙهڻ لاءِ مسجد ناهي پارڪ ناهي مطلب ڪا به سهولت ناهي گاج ڊيم تي 15 سال اڳ بجلي هئي تفريحي ماڳ گاج ڊيم ويندڙ بجلي جا پول تارون وابڊا وارن ڀوتارن سان ٽيوب ويل مالڪن سان ملي ڪري بجلي جا پول ۽ تارون چوري ڪرائي ڀڳڙن جي مٺ عيوض وڪرو ڇڏيون گذريل 15 سالن کان گاج ڊيم جي بجلي ڪٽيل آهي تفريحي ماڳ گاج ڊيم ويندڙ 15 سال اڳ ناقص مٽريل استعمال ٿيل روڊ ٺاهيو ويو جيڪو هاڻي هنڌان هنڌان اکڙي ويو ان روڊ تي گوڏي جيڏا کڏا پئجي ويا آهن منهنجي چوڻ جو مقصد اهيو آهي ته اسان جي ملڪ جا حڪمران ملڪ ۾ تفريحي ماڳ ٺاهن جئين دنيان گهمڻ اچي ڊالر سستو تڏهن ٿيندو  باقي درگاهون ٺاهڻ سان ٻاهرين ملڪن جا ماڻهون ٿورئي ايندا پاڪستان جي چارئي صوبن ۾ حڪومت رڳو درگاهون ٺاهڻ ۾ پوري آهي يورپ ملڪ توهان جون درگاهون ڏسڻ ٿورئي ايندا تفريحي ماڳ ٺاهيو اتي سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته جئين پنهنجي ملڪ سان گڏوگڏ ٻاهرين ملڪن جا ماڻهون گهمڻ اچن رپي جي ويليو تڏهن وڌندي ملڪ ۾ قديمي تفريحي ماڳ موجود آهن اتي سهولتون مهيا ڪيو پر نوان تفريحي ماڳ ٺاهيو ملڪ کي سهڻو ڪيو جئين پوري دنيا خوبصورتي ڏسڻ اچي سنڌ حڪومت کي به اپيل ٿا ڪيون تہ سنڌ ۾ الائي ڪيترا قديمي تفريحي ماڳ آهن ٿر ۾ آهن ڪاڇي ۾ تفريحي ماڳ آهن جئين رني ڪوٽ آهي جتي هزارين سال اڳ 30 ڪلوميٽر يا وڌيڪ ٿيندي وڏي ديوار آهي ماڻهون وڃن لاء پريشان آهن پر اتي سهولتون ناهن روڊ ناهي امن امان ناهي گورک هل اسٽيشن تي به ساڳي حالت آهي پر گاج ڊيم تي انگريزن جي دور جون آفيسون ٺهيل آهن اهي آفيسون اڄ کنڊر بڻجي ويون آهن جيڪڏهن اتي خرچ ٿئي ۽ سياحن لاء سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته يورپ مان ماڻهون گهمڻ ايندا اسان سنڌ حڪومت سميت ملڪ جي سڀني ادارن کي اپيل ڪنداسين ته خدارا گاج ڊيم قيمتي خزانو اٿو اتي ڌيان ڏيو نياب پاڻي ملندو گيس تيل ملندو بس رڳو ڌيان ڏيو اسان دادو جي چونڊيل نمائيندن کي به اپيل ڪنداسين ته گاج ڊيم لاء سهولتون مهيا ڪيون وڃن گاج ڊيم تي مسجد ،پارڪ ريسٽورنٽ گيسٽ هائوس ۽ بجلي ۽ سحت اسڪول جي سخت ضرورت آهي مهرباني ڪري هي سڀ سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جئين ايندڙ سياحن کي پريشانين جو منهن ڏسڻو نه پوي 

پهنجو تبصرو موڪليو