سنڌي رانديگرن سان زيادتي ٿين نه ڏينداسين،بنگل مهر

خانپورمهر(ن س) راندين ۽ جنگلي جيوت بابت وڏي وزير جي خاص معاون بنگل خان مهر چيو آھي ته پي سي بي جي نئين آئين بابت جلد سنڌ جي سڀني ريجنز ۽ آرگينائيزرن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙينداسين ۽ سنڌ جي رانديگرن سان ٿيندڙ ذيادتين خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا سون. اهڙو اظهار هن ٿاڻو بولا خان ۾ ملڪ اسد سڪندر سان سندس والده جي وفات تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ گيمز سنڌ جي رانديگرن کي اڳتي آڻڻ جو مکيه پليٽ فارم آھي ۽ جيئن ماضي ۾ سنڌ گيمز جا ڪامياب ايونٽ ٿيا آھن اڳتي به سي ايئن ئي جاري رهندا ۔ مير بنگل خان مهر جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اولمپڪس ۾ شامل سڀني راندين کي هٿي وٺرائڻ ئي سندس ترجيح آھي. سندس چوڻ ھو ته بي پهچ ۽ ٽيلنٽيڊ رانديگرن کي هميشه همٿايو ويندو ۔ جنگلات بابت هڪ پڇيل سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ ھو ته ڊپارٽمينٽ بهتر ڪم ڪري پيو جنهن جو ثبوت ڪجهه ڏينهن اڳ ٽنڊوڄام ۾ ھرڻ اسمگلنگ ٿيڻ وقت ٿيل بروقت ڪارروائي آھي ۔ هن چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪري ٿو ته غير قانوني ٿيندڙ شڪار تي شڪارين خلاف سخت قانوني ڪئي ويندي ۽ ڪنهن به ريت جانورن توڙي پکين کي شڪاري اک کان بچايو ويندو ۔ هن چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ راندين توڙي جنگلات واري کاتي بابت  پوري سنڌ لاء واضح پاليسي ڏني ويندي جنهن سان تمام گهڻو فائدو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو