سنڌي ثقافت ۽ اسان

غلام نبي چوهاڻ
جيئن ته سنڌ جي ثقافت تمام گهڻي قديمي لڳ ڀڳ 5000 هزار سالن کان به اڳ جي آھي پر وقت ۽ حالات جي ڪري ۽ اسان وٽ دنيا جي نئين فيشن جي ڪري سنڏي ثقافت جو استعمال تمام گهٽجي ويو هيو سواء شادين ۾ جيئن سنڌي بوسڪيء جو پٽڪو(پڳ) اجرڪ موڙ گج ڳانا ڪنگي ۽ آرسي سرمي نادي کي سينگارڻ سميت جڏهن ته غمي ۾ وري سنڌي اجرڪ جو استعمال لازمي ٿيندو هيو باقي عام رواجي زندگيء ۾ سندس استعمال تمام گهٽجي ويو هيو سنڌي ٽوپي جنهن جو استعمال پڻ گهٽجي ويو هيو فيشن جي استعمال طور اسان جو نوجوان مٿي اگهاڙي وارن ۾ سينڌ ڪڍي هلڻ کي وڌيڪ ترجيج ڏيڻ لڳو هيو ايئن چوڻ ۾ ڪو به هرج نه ٿيندو ته اسان جوجيڪو نوجوان طبقو هيو اگر سنڌي ٽوپي يا سنڌي اجرڪ شآدي ميلي ملاکڙي يا عيد ۾ اگر پائيندو به هيو ته به ثقافت جي لحاظ سان نه بلڪه ان جي محض خوبصورتي جي ڪري پائيندو هيو پر کين انهن شين جو سنڌي ثقافت جي اهميت يا افاديت جي خبر نه هئي تقريباّ 2008 جي ڳالھ آھي جڏھن پاڪستان پيپلز پارٽيء جو ڪو چيئرمن جناب آصف علي زردار ي صاحب جن ملڪ جا صدر ٿيا هيا ته ان وقت آصف علي زرداري صاحب جن ايوان صدر ۾ ۽ گڏو گڏ ٻاهرين ملڪ سرڪاري دوري تي سنڌي ٽوپي پائي وڃڻ کي ترجيج ڏني هئي باقي ڪنهن ڪيپ وغيره کي اها اهميت نه ڏني هئي، جنهن تي ان وقت پنجاب جي اردو چئينل کي آصف علي زرداري صاحب جن جي سنڌي ٽوپي ايوان صدر ۾ پائي وڃڻ واري ڳالھ ڏاڍي ڏکي لڳي ۽ آصف علي زرداري کي ڄٽ ڪوٺيو هيو جيڪا ڳالھ اسان جي سنڌي چئينل جي مالڪ خصوص ان وقت ڪي ٽي اين ڪشش ڪاوش ۽ ڪوشش اخبار جي مالڪ جناب علي قاضي صاحب جن کي ڏاڍي ڏکي لڳي جن قومي غيرت جو مظاهرو ڪندي سنڌ جي ماڻھن ۽ سڀني سنڌ جي پارٽين ۽ قوم پرست تنظيمن کي اپيل ڪندي چيو ته سنڌيو اچو ته ان تعصب پرست اردو چئينل ۽ ان جي مالڪ کي شاه صاحب جي ان جي بيت جي چواڻي ۾ جواب ڏيون جنهن ۾ شاه لطيف چيو آھي اسان ۽ پرين جون اميدون پسن تيهان پوء مرن سڙي انهيء سور ۾ نه ئي کين بندوق جي گولي سان جواب ڏيون ڇاڪاڻ ته اسان سنڌي پرامن آهيون لطيف جا پيروڪار آھيون انڪري اسانجو جواب به پر امن هئڻ گهرجي پر تشدد نه هجي. انڪري اسان ان ئي ڏينهن ان سال کان هر سال ڊسمبر جي پهرئين آچر تي سنڌي ثقافت ۽ ايڪتا ڊي وڏي چاھ جوش جذبي ۽ شوق سان نچي ڪڏي ملهائيندا رهون ٿا، هاڻ ته پوري دنيا ۾ هر سال ڊسمبر مهيني جو پهريون آچر سنڌي سنڊي يعني سنڌي آچر طور مشھور ٿيڻ لڳو آھي، جنهن ۾ حصو ملائيندي پاڪستان چوهان اتحاد به گڏ گڏ آھي ۽ ڪنهن به حوالي سان پوئتي ناهي ۽ انشاء الله جتي سنڌ جون ٻيون تنظيمون به هرسال جيان سنڌ جي ثقافتي ۽ ايڪتا ڏينهن کي اعلانيل موضوع ۽ سنڌ جي مفادن تحت موضوع کان هٽي ڪري بلڪه جنهن ۾ سنڌ جو مفاد ۽ ايڪتا اول ترجيح هوندي ان تحت ملهائينديون ته پاڪستان چوهان اتحاد سنڌ پڻ انشاء الله هر سال وانگر هن سال پڻ گڏ گڏ ھوندي ۽ سنڌ دشمن ۽ سنڌ مخالف لاء للڪار ثابت ٿيندي انشاء آلله سدائين اهو نعرو هوندو ته جيئي سنڌ ۽ جيئي سنڌي ثقافت.

پهنجو تبصرو موڪليو