سري لنڪا ڪرڪيٽ بورڊ کي پاڪستان اچڻ بابت چتاءُ مليو آهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سري لنڪا ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان جي دوري تي نوان خدشا ٿي ويا آهن.سري لنڪا بورڊ جو چوڻ آهي ته انهن کي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان چتاءُ مليو آهي جنهن کانپوءِ انهن سيڪيورٽي ٻيهر جانچڻ لاءِ پنهنجي حڪومت کان سهڪار گهري ورتو آهي.

سري لنڪا ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان جي مطابق، سري لنڪا بورڊ پاڪستان جي حوالي سان هڪ دفعو وري سيڪيورٽي جو نئين سر جائزو وٺڻ لاءِ حڪومت کان سهڪار جي گهر ڪئي آهي.

 سري لنڪا ڪرڪيٽ بورڊ کي حڪومت جي طرفان تازي بريفنگ ڏني ويندي، سري لنڪا ڪرڪيٽ بورڊ جي اعلان جي مطابق بورڊ کي سري لنڪا جي وزير اعظم جي آفيس جي طرفان دوري جي حوالي سان هڪ چتاءُ مليو آهي.سري لنڪا ڪرڪيٽ بورڊ جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزير اعظم آفيس کي اطلاءُ ڏنو ويو آهي ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي خدشا ٿي سگهن ٿا جنهن کانپوءِ سيڪيورٽي جو نئين سر جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بورڊ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سري لنڪا بورڊ جي ٽيم جي روانگي کان پهرين سڀني معاملن جو انتهائي سنجيدگيءَ سان جائزو ورتو ويندو.

ان حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته اسان سري لنڪا ڪرڪيٽ بورڊ جو بيان ڏٺو آهي،اسان کان سري لنڪا ڪرڪيٽ ٽيم جي حفاظت تي انٽيليجنس رپورٽ جي ڏي وٺ ناهي ڪئي وئي.ترجمان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيو آهي ته پي سي بي سري لنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم کي مڪمل حفاظت ۽ سيڪيورٽي جي عظم کي ورجهائي ٿو ۽ پي سي بي ان سلسلي ۾ سري لنڪا ڪرڪيٽ ٽيم سان سهڪار جاري رکندو.واضع رهي ته سري لنڪا جي ٽيم پاڪستان ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندو.جڏهن ته ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ون ڊي ميچون 27،29 سيپٽمبر ۽ 2 آڪٽومبر تي ڪراچيءَ ۾ ٿينديون ۽ ٽي 20 جون 3 ميچون 5،7 ۽ 9 آڪٽومبر تي لاهور ۾ ٿينديون.ياد رهي ته ڀارت جي طرفان سري لنڪا جي ڪرڪيٽرن کي پاڪستان جي دوري تي اچڻ جي متعلق دهمڪيون ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو هيو تڏهن سري لنڪا جي راندين واري وزير ان دهمڪين جي ترديد ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو