سرمائيدار،جاگيردار ۽ پورهيت

طفيل مگسي
پاڪستان دنيا جي ڪجه اهڙن ملڪن منجهان هڪ آھي .جتي جاگيرداري جهڙو وحشي نظام ۽ سرمائيداراڻي نظام جهڙو ظالم نظام ٻئي موجود آھن.يعني خاص ڪري ڏکڻ پنجاب.اندرين سنڌ .بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جا اتريان علائقا مشھور آھن. جاگيرداراڻي نظام.۾ ڏٺو وڃي ته مزدور ٻن قسمن جا هوندا آھن.سٺو مزدور \ هاري يا برو مزدور \ هاري . سٺو مزدور ان کي سڏيو ويندو آھي.جيڪو جاگيردار کي خدا جو رتبو ڏيندو آھي(نعوذ با لله) جاگيردار جي سامهون ڪنڌ جهڪائيندو آھي.جاگيردار کي پيرين پوندو آھي.جاگيردار جي هر حڪم تي لبيڪ ڪندو آھي.جاگيرداري کي جيڪڏھن هن جي ڌيء يا زال پسند اچي وڃي ته جاگدردار انهن کي پنهنجي بنگلي تي گهرائي ته سٺو مزدور \ هاري ڪڏھن به اعتراض نه ڪندو آھي.جاگيردار هن کي اجرت به تمام گهٽ ڏيندو آھي جنهن تي هو ڪڏھن ڪڇندو به ناهي اهڙي قسم جي مزدور\ هاري کي بهتر سمجهيو ويندو آھي. جڏھن ته انهن جي ڀيٽ ۾ برو مزدور \ هاري اهو هوندو آھي.جيڪو جاگيدار جي ظلم وستم کي بري نگاه سان ڏسي ٿو.۽ موقعي جي مناسبت سان جاگيردار جي سامهون ان جو اظھار به ڪري ٿو.اهو جاگيردار جي خلاف مزدورن جي يونين جو حصو هوندو آھي.۽ ھن کي انهيء ڳاله جو هر وقت فڪر رهندو آھي ته جاگيردار مزدورن جا بنيادي حق غضب ڪري ٿو.۽ مزدورن جي ڀلائي جي لاء ڪجه به نٿو ڪري. سرمائيداراڻو نظام جاگيرداراڻي نظام کان وڌيڪ ظالم ۽ ڪٺور هوندو آھي.هتي مزدور طبقي جا ٻه قسم هوندا آھن.سٺو ملازم ۽ ٻيو برو ملازم يا ناسنديده ملازم.سٺو ملازم انهيء کي چيو ويندو آھي جيڪو آفيس جي وقت ايندو هجي.مگر موڪل مالڪ جي مرضي سان ڪري .ايگريمنٽ کان وڌيڪ ڪرڻو پويس ته بنا ڪنهن ڀڻڪ جي ڪندو آھي. فيڪٽري يا اداري جي مالڪ جي دل کٽڻ جي لاء ان جي پاليسين جي تعريف ڪري.اجرت جي واڌ جي لاء ڪڏھن احتجاج نه ڪري.اداري جي اندر ڪنهن به گروپ جو حصو نه بڻجي.ادارو هن سان ظالم ڪري ته ليبر ڪورٽ نه وڃي.اهڙي سٺي ملازم فيڪٽري \ اداري جو مالڪ تمام.گههڻو پسند ڪندو آھي. ٻيو قسم بري ملازم جو آھي.اهو وقت تي اچي ٿو.وقت تي وڃي ٿو.جيڪڏھن فيڪٽري مالڪ مقرر ڪيل ڊيوٽي کان وڌيڪ ڪم وٺي ته ان جي اجرت گهري ٿو.ادارو ساڻس سان جيڪڏھن ڪو ظلم.وزيادتي ڪري ٿو ته هو عدالت ۾ وڃي ٿو۽ پنهنجا بنيادي حق وٺڻ چاهي ٿو. منهنجي مشاهدي جي مطابق جاگيرداراڻي نظام.کان وڌيڪ ظالم نظام سرمائيداراڻو آھي. جاگيردراراڻي نظام ۾ جيڪڏھن مزدور ڀڄي ڪري ملڪ جي ڪنهن ٻيئي جاگيردار وٽ ڪم شروع ڪري ٿو ته هتي جاگيردار ان کان ريفرنس ليٽر نٿو وٺي. مگر سرمائيداراڻي نظام ۾ اوهان جيڪڏھن حقن جي لاء آواز بلند ڪيو ته اداري جو مالڪ اداري جو مالڪ نوڪري کان ڪڍي ڇڏيندو.مگر هاڻي ڪٿي ڪنهن ٻئي نوڪري جي لاء وڃو ته لازمي آھي ته اڳوڻي اداري کان ريفرنس ليٽر وٺڻو پوندو.جيڪڏھن اڳوڻي اداري کان حقن جو آواز بلند ڪيو يا مالڪ سان نه ٺھيو۽ استيعفي ڏئي ڇڏي ٿو ته اوهان کي ريفرنس خراب ملندو.۽ اتي ان نظام ۾ يا اداري جي مالڪ سان ها ۾ ھا ملائي ڪري سٺو مزدور بنجڻو پوي ٿو.نه ته هن ملڪ جي ڪنهن به اداري ۾ کيس کي قطعي ڪا به نوڪري نٿي ملي سگهي ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو