سانڊي جهڙي سياست ۽ سادڙو عوام

طفيل مگسي
جيئن ته ڪور ڪمانڊر هائوس ڪيس ۾ گهربل اڳوڻي خزاني جي وزير سلمان شاه جي ڌيء  ۽اڳوڻي ڇيف آف آرمي اسٽاف آصف نواز جنجوعه جي ڏوهٽي خديجا شاه پوليس جي ڇاپي جي وقت گهر کان فرار ٿي نڪتي ۽ جهانگير ترين جي ڌيء مهر ترين ۽ ان جي مڙس عمر شيخ سان گڏ سندن گلبرگ لاهور واري اپارٽمينٽ ۾ پناه ورتي.جنهن تي جهانگير ترين پنهنجي پراڻي ملازم عون ڇوڌري جي ڊيوٽي هنئي ته خديجا شاه سندن پناه ۾ آھي.ان جو وار به ونگو نه ٿيڻ گهرجي.ياد رهي ته عون چوڌري ساڳيو ئي عون چوڌري آھي.جيڪو هن وقت وزيراعظم شھباز شريف جو خاص صلاحڪار پڻ آھي.۽ ھن کان اڳ هو عمران خان جي پيارن ملازمن منجهان هڪ رهي چڪو آھي.نه صرف اهو بلڪ اهوئي عون ڇوڌري آھي.جنهن عمران.پنڪي پيرياڻي جي ٻٽي نڪاح جو بندوبست پڻ ڪيو هو.چوڌري خديجا شاه کي گرفتاري کان بچائڻ جي لاء هر وڏي پوليس آفيسر کي پاڻ فون ڪري نهن ڇوٽي جو زور لڳايو ۽ گڏ ئي وزيراعظم شهباز شريف کان به سفارش ڪرايائين.ليڪن فوجي اسٽيبلشمينٽ ديوار برلن بڻي رهي ته خديجا شاه کي ڪنهن به صورت ۾ ضرور گرفتار ڪيو ويندو.ٻيئي پاسي مزي جي ڳاله اها به آھي ته خديجا شاه جو سهرو سرمد امين شھباز شريف جو ذاتي دوست آھي ۽ دوستي جو اهو دٻاء پڻ وزيراعظم کي مجبور ڪندو رهيو ته هو پنهنجي ڇيف سيڪيورٽي آفيسر کان پوليس ۽ فوج کي فون ڪرائي ته خديجا شاه کي گرفتار نه ڪيو وڃي.جڏھن ته چوڌري شجاعت حسين کي پڻ ڏاڏي بابا جو ڪردار ادا ڪندي ڏٺو ويو.ڇاڪاڻ ته چوڌري شجاعت حسين جا ان خاندان سان نه صرف تمام ويجهڙا تعلقات آھن بلڪ اهو خديجا شاه جي نڪاح جو شاھد پڻ آھي.چوڌري شجاعت حسين پنهنجي طرف کان ايجنسين کي منٿون ڪيون ته خديجا شاه کي گرفتار نه ڪيو وڃي.ليڪن جڏھن خديجا شاه جي مڙس جهانزيب امين کي گرفتار ڪيو ويو ته ڳاله چٽي ٿي ڪري سامهون آئي ته موصوف 83 لکن جي هڪ غبن ۽ بوگس ڇيڪ ۾ اڳ کان ئي اشتهاري آھي.پر کيس کي ان وقت تائين گرفتار نه ڪيو ويو.جيستائين اسٽيبلشمينٽ کي ناراض نه ڪيائين.خديجا شاه ۽ سندس مڙس تي ڪراڇي ۾ به غبن ۽ فراڊ جا چار ڪيس اڳ کان ئي موجود آھن.پوليس خديجا شاه کي گرفتار ڪرڻ جي لاء جڏھن جهانگير ترين جي ڌيء جي گهر تي ڇاپو هنيو ته مهر ترين ۽ سندس مڙس عمر شيخ ڳجهي لفٽ جي وسيلي خديجا شاه کي بلڊنگ جي ته خاني ۾ پهڇائي ڇڏيو.جتان کان اهي ٻيهر فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.جڏھن پوليس کي اها پروڙ پئي ته خديجا شاه جهانگير ترين جي ڌيء جي گهر کان فرار ٿي وئي آھي ته پوليس کي اطلاع مليو ته خديجا شاه پي ٽي آئي جي وڪيل خواجا طارق رحيم جي گهر ۾ لڪل آھي .طارق رحيم جنهن جي گهر واري چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي سس جي دوست آھي.بهرحال پوليس جڏھن طارق رحيم جي گهر جي تلاشي وٺڻ جي ڌمڪي ڏني ته شام جي وڳڙي ڌاري طارق رحيم جي گهر کان هڪ گاڏي نڪتي.جنهن تي پوليس کي شڪ ٿيو ته انهيء گاڏي ۾ خديجا شاه سوار آھي.جنهن جو پيڇو ڪندي پوليس جڏھن گاڏي کي روڪيو ته گاڏي منجهان خديجا جو پيء سلمان شاه ۽ سهرو سرمد امين ظاهر ٿيا.پوليس کين کي گرفتار ڪري سي سي پي لاهور وٺي آئي ۽ سرمد امين کي چيو ته جيڪڏھن خديجا شاه کي پيش نه ڪيو ويو ته تنهنجي پٽ جهانزيب جا پراڻا سمورا ڪيس کولي کيس کي ڊگهي سزا ڏياري ويندي.جتي هڪ تمام وڏي صحافي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي جي انٽري ٿي.جنهن ٻنهي ڌرين کان گارنٽي ورتي ته هڪ ڌر خديجا کي پيش ڪندي  ۽ ٻئي ڌر يعني پوليس خديجا شاه تي تشدد نه ڪندي.بلڪ صبح جو کيس کي صحيح سلامت عدالت ۾ پيش ڪندي.تڏھن وڃي خديجا شاه جي گرفتاري عمل ۾ آئي.
سياسي ورڪرو؛هن سموري ڪهاڻي ۾ اسان سڀني کي هن ڳاله تي خاص غور ويچار ڪرڻ جي اشد ضرورت آھي ته اسان جي ملڪ جي ايليٽ صرف ڏيکاء جي طور تي هڪ ٻئي جي سياسي مخالف آھي.جڏھن ته پڙدي پٺيان اهي سڀ هڪ ئي آھن.عمران خان.جهانگير ترين.عون چوڌري.شجاعت.شهباز شريف جي وچ ۾ ڪا به دشمني ناهي ۽ جيڪڏھن اهي سلمان شاه جي ڌيء کي گرفتاري کان بچائڻ جي لاء هڪ ئي آھن ته ٻين مفادن جي لاء ڪيئن پاڻ ۾ گه ۽ کنڊ هوندا.اڃا به وقت ناهي ويو ته انهن سانڊي جهڙي صفت رکندڙ سياستدانن کي سمجهو ۽ انهن جي چڪرن ۾ پئجي پنهنجو پاڻ کي تباه وبرباد نه ڪيو.ڇاڪاڻ ته اهي سمورا سياستدان جيڪي بظاهر عوام کي پنهنجو ڪرڻ جي لاء هڪ ٻئي جي خلاف بيان بازي ڪن ٿا.ليڪن اهي هڪ ئي زنجير جي ڪڙي آھن.۽ جنهن به ڪڙي کي جڏھن نقصان پهچڻ جو کين کي انديشو ٿيئي ٿو ته سموريون سياسي مخالفتون وساري هڪ ٿي وڃن ٿا.جڏھن ته ورڪر درپدر ۽ جيلن جي شيخن پٺيان زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا.جتي سندن جي ڪو به سارسنڀال لهڻ وارو ناهي هوندو؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو