سائين جي ايم سيد جي سالگرهه

محمد فاروق ٻرڙو قادري
جنوري مهينو جڏهن به ايندو آهي ته پاڻ سان گڏ ڪجهه اميدون کڻي ايندو آهي، ڇو ته نئين سال جي شروعات ٿيندي آهي۔ جنوري مهينو اسان سنڌين لاءِ ان ڪري به گهڻو اهميت وارو آهي جو هن مهيني ۾ سنڌ جي عظيم اڳواڻ، مفڪر ۽ ڏاهي سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن ايندو آهي۔سن جو سائين جي ايم سيد (سيد غلام مرتضى شاهه) سنڌ جو رهبر رهيو آهي، شهيد مخدوم بلاول جي خليفه سيد حيدر شاه سنائي جي نسل مان 17 جنوري 1904ع تي سن ۾ سيد محمد هاشم جي گهر سيد غلام مرتضى شاه المعروف جي ايم سيد جو جنم ٿيو. ‏ جي ايم سيد شروعاتيسنڌي ماستر ڌرمداس، ماستر ريوا چند ۽ ماستر وسڻ مل وٽ پڙهيو،عربي ۽فارسي جي تعليم محمد هاشم سنائي مولوي محمد صالح سيال ۽ الهه بخش دادويءَ کان حاصل ڪيائينقرآن شريف آخوند ميان سمن ميمڻ وٽ پڙهيو ۽ انگريزي حامد علي هالائي کان سکيائين. مٽياري سيدن جو هي ڪامل سپوت هڪ ئي وقت سياستدان سماجي ورڪر، اديب، عاشق، مفڪر، فلسفي، صوفي، تعليمي ماهر ۽ منتظم هو. مطلب ته سندس شخصيت جا ڪيترا ئي رخ آهن، ‏جي ايم سيد سياست کان سواءِ عام سماجي ڀلائيءَ ڀلائي جا ڪم پڻ ڪيا. 1920ع ڌاري، يعني 16 سال جي ڄمار ۾خلافت ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ حڪيم معين الدين کنيارين واري سان گڏجي شريڪ ٿيو. جنهن کان هڪ مهينو پوءِ سن ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي صدارت ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ڪيائين.1924ع ۾ انجمن سادات مٽياري َ جو بنياد وڌائين. 1925ع تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو رڪن ۽ پوءِ صدر بڻيو. 1929ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جو وائس پريزيڊنٽ ۽ ڪجه وقت لاءِ پريزيڊنٽ پڻ چونڊجو. ان عرصي ۾ ڪيترائي عام ڀلائي جا ڪم پڻ ڪندو رھيو. جن ۾ غريب شاگردن ۾ تعليم عام ڪرڻ، رستا ۽ اسپتالون ٺهرائڻ،سناسٽيشن تائين پڪو رستو ٺهرائڻ، زنانا ۽ مرداڻا اسڪول کولڻ، ڪراچي کان ڪوٽڙي ۽ ڪوٽڙي کان منگهي پير تائين پڪا رستا ٺهرائڻ ۽ ڪراچي جي لوڪل بورڊ عمارت ٺهرائڻ شامل آهن. 1930ع ۾ ميرپورخاص ۾ دوستن سان گڏجي هاري ڪاميٽي جو بنياد رکيائين. 1937ع ۾سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ 1938ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. 1940ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي مجلس عامله جو رڪن بڻايو ويو. 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبلي‏ءَ مانپاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪرايائين. جناح سان اصولي اختلاف ڪرڻ ڪريمسلم ليگ مان خارج ڪيو وويو، ‏ان کان پوءِ عوامي پارٽي۽عوامي محاذ جوڙيائون. 1955ع ۾ون يونٽٺهيو ته ان خلاف جدوجهد جي جرم ۾ کين گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. 1956ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 10 آڪٽوبر 1958ع جي مارشل لا ۾ کين گرفتار ڪيو ويو. جي ايم سيد شروع کان وٺي هر پليٽ فارم تيسنڌجي مفاد کي مقدم رکيو. پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ ۽ سنڌين جي صورتحال وڌيڪ ابتر ٿيندو محسوس ڪندي ”جيئي سنڌ“جو نعرو اختيار ڪيائين. 4 مارچ 1972ع تي ”سنڌوديش“ لاءِ جدوجهد جو اعلان ڪيائين ۽جيئي سنڌ محاذنالي نئين پارٽي جو بنياد پيو. جي ايم سيد جي تحريرن ۽ تقريرن نئين نسل ۾ سنڌ لاءِ لازوال محبت پيدا ڪئي. شاگرد ۽ نوجوان وٽس پتنگن وانگر گڏ ٿي ويا. تعليمي لوڪل بورڊ مانجهند واري زماني ۾ محال مانجهند جو تعليمي پروگرام جوڙيائون. 1940ع ۾ سنڌ جا وزير تعليم ٿيا ته ”سنڌ يونيورسٽي“جي قيام لاءِ ڪاميٽي مقرر ڪيائون ۽ ”سينٽرل ايڊوائيزري بورڊ آف ڪنٽرول فار سنڌي لٽريچر“ قائم ڪيائون. بعد ان کي خودمختيار ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي حيثيت ڏياريائون.
‏مصروف سياسي ۽ سماجي زندگي مان مطالعي ۽ لکڻ لاءِ باقائده وقت ڪڍندو هو. سندن لائبرري سنڌ جي شاندار ڪتب خانن ۾ شمار ٿئي ٿي. پاڻمذهب، تصوف،سياست،تاريخ،جاگرافي۽ شخصيات سميت مختلف موضوعن تي 60 کان وڌيڪ ڪتاب لکيائون. پهريون ڀيرو ”پيغام لطيف“ لکيشاه لطيف ڀٽائي جي شاعري جا انيڪ نوان رخ سامهون آندائين. سندن اهم ڪتابن ۾ پيغام لطيف، خطبات سيد، پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني، ديار دل داستان محبت، جيئن ڏٺو آهي مون، سنڌوديش ڇو ۽ ڇا لاءِ، جديد سياست جا نو رتن، سنڌو جي ساڃاه، جنب گذاريم جن سين، رهاڻ، پاڪستان هاڻ ٽٽڻ گهرجي، رهاڻ ۽ ساهڙ جا سينگار وغيره شامل آهن. سندن اڪثر ڪتابن تي سرڪار بندش هڻي ڇڏي هئي. ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ سندن آخري تصنيف آهي.
‏جي ايم سيد ھڪ صوفي هو. مذهبي تنگ نظريءَ جو مخالف ۽ تصوف جو پرچارڪ هو.سنڌي ثقافت ۽ راڳ توڙي موسيقيءَ جو ڀرجهلو هو. سندن خيال هو ته سنڌ جي صوفين وٽ عالمي امن ۽ ترقيءَ لاءِ هڪ عالمگير پيغام موجود آهي. جنهن کي منظم نموني ڦهلائڻ جي ضرورت آهي. ”بزم صوفياءِ سنڌ جو قيام ۽ سن ۾ ٿيندڙ ڪچهريون، جتي سيد دنيا جي هر موضوع تي ڳالهائيندو هو جي ايم سيد صوفي روايت جو ڪامل امين هو. ”ديار دل داستان محبت“ ۽ ”جيئن ڏٺو آهي مون“ عشق ۽ تصوف جي موضوع تي سندن مستند تصنيفون آهن.
‏ھو پنهنجي ايڪانوي سال ڊگھي ڄمارَ ۾ ٽيهن سالن کان وڌيڪ عرصي لاءِ جيل يا نظربنديءَ ۾ رهيو. هن جو پرچار ھو تھ سنڌ هزارين سال قديم ثقافت جي مالڪ آھي، جنھن کي آزاد ملڪ رھڻ جو حق حاصل ھوڻ گھرجي ۽ سنڌ کي هڪ آزاد، سيڪيولر، سوشلسٽ ۽ انسان دوست ديس بڻجڻ گھرجي. 25 اپريل 1995ع تي جي ايم سيد وفات ڪري ويو پر سندس پيغام اڄ به سڄي دنيا جي سنڌين لاءِ مشعل راھ آھي، سائين جي ايم سيد، پنهنجي ذات م هڪ اڻ کٽ هستي آهن، سائين جي ايم سيد پنهنجي وجود ۾ لامحدود آهن. بيشڪ سائين جي ايم سيد جو محور سنڌ رهي آهي پر سائين جي ايم سيد مظهر ڪائنات آهي ۽ سندس مدار سڄي عالم انسانيت آهي. سائين جي ايم سيد جو فڪر ۽ پيغام سڄي عالم لاءِ راه نجات آهي . سائين جي ايم سيد جو فڪر سنڌ جي هزارن سالن جي تهذيب ۽ تمدن جو فطري نچوڙ آهي، جنهن کي آفاقي شاعر شاه عبدالطيف ڀٽائي پَرکيو هئو ۽َ سائين جي ايم سيد ان ساڳي فڪر ۽ پيغام کي وِ رکيو. اهو پيغام مذهبي، نسلي، لساني،قومي، گروهي، فرقيوارنه تضادن ۽ ڇڪتاڻن جو حل آهي ، جنهن لا سڄي عالم انسانيت واجها ئي رهي آهي، جيڪو سنڌ ڌرتي جي هزارن سالن کان تهذيب بڻجي رهيو آهي ۽ سنڌ جي صوفين، ملنگن ، مستن، درويشن ۽ عام ماڻهن جو ڪامل ايمان ٿي رهيو آهي، سائين جي ايم سيد وٽ سنڌوديش ذريعي سڄي عالم انسانيت لاءِ اهو فڪر ۽ پيغام آهي

پهنجو تبصرو موڪليو