رسول بخش درس جو مڙهه الين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

رسول بخش درس جو مڙهه الين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)نامياري اديب، ڪھاڻيڪار، ليکڪ، دانشور رسول بخش درس جو مڙھ جھمپير شھر مان سندس گھران کڻي جھمپير لڳ ڪينجھر ڪناري قديمي درگاھ شاھ حسين جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي نماز ناليواري اديب شيخ عبدالله ڪوھستاني پڙھائي، جنازي نماز ۽ تدفين وارين رسمن ۾ سنڌ جي اديبن، قومپرست اڳواڻن، سياسي سماجي شخصيتن ناليواري اديب تاج جويو، پروفيسر رحمان گل پالاري، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ، ديدار شام، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، نواز شاھ ڀاڏائي، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سورھيه سنڌي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور، قومپرست اڳواڻن امير آزاد پھنور، اسلم خيرپوري، سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ دودو مھيري، راڳي استاد فقير، وقار ملاح، ليکڪ گل حسن ڪلمتي، قادر بخش طالباڻي، پروفيسر محمد آدم ٻٽ. فاروق پليجو، خير محمد ڪوي، صادق پالاري، پريس ڪلب جھمپير جي صدر نظير احمد پالاري، پريس ڪلب مڪلي جي جنرل سيڪريٽري صحافي محبوب بروھي، صحافي محمد ايوب ملاح، خداڏنو پالاري، ڀورو سرڪي، اقبال جاکرو، نطير جاکرو، خان محمد ھيلايو، ھاشم سولنگي، حاجي فيض بروھي، محمد بخش بروھي، شاھ محمد چانگ، اڪبر شورو، احمد خان پالاري، مٺا خان لاشاري، انور پالاري، صحافي عباس پالاري، شمس پالاري، عالم پالاري، محمد امين آڪاش، حاجي خير محمد بروھي، عباس شاھ، گسٽا ضلعي ٺٽي جي صدر علائوالدين بروھي، پ ٽ الف ضلعي ٺٽي جي صدر ارشاد شاھ، جيئي سنڌ محاذ(سھتو) گروپ جي مرڪزي چيئرمين صوفي حضور بخش، جنرل سيڪريٽري علي نواز ٻٽ، آدم ٻٽ، اصغر شاھ سميت سياسي سماجي علمي ادبي شخصيتن، صحافين ۽ قومي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سندس تڏو جھمپير شھر جي درس محلي ۾ وڇايو ويو آھي، جتي صحافي اسماعيل درس ۽ ٻين سان تعزيتن جو سلسلو جاري آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو