ذاتي زندگي جي ڳالهه ڪري سرخين ۾ اچڻ نه ٿي چاهيان: نوين وقار

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل نوين وقار چيو آهي ته هوءَ پنهنجي ذاتي زندگي جي ڳالهه ڪري سرخين اچڻ نٿي چاهي،اداڪارا نوين وقار هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي ڪيريئر ۽ انڊسٽري بابت ڳالهايو،هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته مان ڪڏهن به پنهنجي ذاتي زندگي کي سوشل ميڊيا تي آڻڻ نٿي چاهيان،هن چيو ته مون زندگيءَ ۾ پنهنجي والدين کان سکيو آهي ته پنهنجي گهر جي ڳالهه گهر تائين رکو ڇو ته جڏهن ڳالهه گهر کان ٻاهر ٿيندي آهي ته ڳالهه بدلجي ويندي آهي، اهي پنهنجو وات بند نٿا ڪري سگهن، ان ڪري کين پنهنجو وات بند رکڻ گهرجي.اداڪارا جو چوڻ هو ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجي ذاتي زندگي کي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري اسپاٽ لائٽ ۾ ايندا آهن پر مان اهڙي اسپاٽ لائٽ نه ٿي چاهيان، مان چاهيان ٿي ته منهنجي ڪم جي ڪري مون تي اسپاٽ لائٽ اچي.

پهنجو تبصرو موڪليو