خان صاحب! اِئين ڪم نه هلندو… منصور آفاق

2010ع جو اُهو ڪارو ڏينهن، لاهور واسين کان نه وسريو هوندو، جڏهن جناح اسپتال تي حملو ڪيو ويو ۽ 6 فرد ماريا ويا. اهو حملو اُن زخمي دهشتگرد کي فرار ڪرائڻ لاءِ هو، جنهن هڪ عبادتگاهه تي حملو ڪيو هو.

تازو ئي ڪجهه مهينا پهريان دهشتگرد بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي اسپتال تي حملي آور ٿيا. اهو طئي آهي ته اسپتالن تي حملو ڪرڻ وارا دهشتگرد هوندا آهن. آمريڪا به افغانستان جي شهر قندوز جي اسپتال تي فضائي حملي ۾ ملوث پنهنجي اهلڪار جي خلاف باقاعده ڪارروائي ڪئي.

شام، يمن ۽ فلسطين ۾ به اسپتالن تي حملن جا الزام لڳايا ويا، پر ڪنهن به تسليم نه ڪيا. لاهور ۾ هي ڇا ٿيو؟ قانون جي پاسدارن، ڊاڪٽرن کان بدلو وٺڻ جي لاءِ اسپتال تي حملو ڪري ڏنو. دل جي مريضن واري اسپتال تي. يقين نٿو اچي!

افسوس! هڪ قانوندان هڪ بيمار نينگريءَ جو آڪسيجن ماسڪ لاهي ڦٽو ڪيو ۽ اُن تڙپي تڙپي دم ڏنو. دل جا ٽي ٻيا مريض اُن حملي سبب دل جو دورو پوڻ ڪري فوت ٿي ويا. اُنهن جو قاتل ڪير آهي؟

قلم ٽي سو ٻه تحت ايف آءِ آر ڪنهن جي خلاف درج ٿيڻ گهرجي؟ ڪارن ڪوٽن وارن تي يا ڪاري ورديءَ وارن جي خلاف، يا اُنهن ڊاڪٽرن جي خلاف، جن ڪجهه ڏينهن پهريان وڪيلن تي تشدد ڪيو هو ۽ پوءِ معافي گهري ورتي هُئي.

منهنجو پهريون الزام پوليس تي آهي. ميڊيا جي ڪيمرائن ۾ صاف نظر اچي رهيو آهي ته جڏهن انفارميشن منسٽر فياض الحسن چوهاڻ کي ڪجهه وڪيل ماري رهيا هُئا ۽ هو پوليس کي سڏي رهيو هو ته مٽيءَ جي ٺاهيل پوليس هن کي خاموشيءَ سان بيٺي ڏسي رهي هُئي، جهڙوڪ هُنن جا اڌ ڌڙ پٿر جا ٿي ويا هُجن.

لاهور واقعي طلسم جو شهر بڻجي چُڪو آهي. ڪجهه شدت پسند وڪيلن جو اِهو رويو نئون ناهي. پرويز مشرف جي دور ۾ ڊاڪٽر شير افگن خان سان به ائين ئي ڪجهه وڪيلن سلوڪ ڪيو هو، بلڪه اُن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هُئي. هو به دل جو مريض هو ۽ اُن جو علاج جاري هو.

مان پوري يقين سان چوان ٿو ته جيڪڏهن ماڊل ٽائون جي 92 زخمين ۽ چوڏهن شهيدن جي قاتلن کي سزا ملي وڃي ها ته هيءُ واقعو نه ٿئي ها. ڪو به معاشرو سزا ۽ جزا کان سواءِ وڌي نٿو سگهي.

منهنجو ٻيو الزام به پوليس تي آهي. پوليس کي گهربو هو ته انهن درندن کي اسپتال کان گهڻو اڳ ڪٿي روڪي وٺن ها. مهذب معاشرن ۾ ته اسپتال جي ويجهو هارون وڄائڻ به ڏوهه ۾ شمار ٿيندو آهي ۽ لاهور جي پوليس آهي، جيڪا نعرا هڻندڙ هڪ جلوس کي اسپتال جي اندر وڃڻ تي خاموش رهي.

منهنجو ٽيون الزام به پوليس تي آهي. پوليس کي پهريان معلوم هُجڻ گهربو هو ته وڪيل ڇا ڪرڻ وڃي رهيا آهن. اهو طئي آهي ته پوليس پاران بروقت ايڪشن کنيو وڃي ها ته انساني تاريخ جو اهو سفاڪ واقعو پيش نه اچي ها.

اطلاعن مطابق اسپيشل برانچ وڪيلن جي احتجاج جو اطلاع بروقت ڏنو هو، پر پوليس ڪو قدم نه کنيو، بلڪه ٽريفڪ پوليس اُن جلوس جي لاءِ رستو ٺاهيندي رهي ۽ اهو سڄو منظر لاهور سيف سٽي جي ڪيمرائن سان نه صرف پوليس آفيسر ڏسندا رهيا، بلڪه سيڪيورٽي جا ٻيا ادارا به. اهڙي صورت ۾ پوليس جي خاموشي مجرماڻي آهي.

افسوس! اُها پوليس جيڪا پنهنجي گاڏي نه بچائي سگهي، اُها عوام جي حفاظت ڇا ڪندي. لاهور واسين جي لاءِ منهنجي صلاح آهي ته اُهي پوليس جي سڙيل گاڏيءَ جو ڍانچو آءِ جي آفيس جي ٻاهران روڊ تي يادگار طور نصب ڪرائين ته جيئن پوليس آفيسرن کي ايندي ويندي ياد رهي ته اسان کي قوم جو ئي نه، قوم جي شين جو به تحفظ ڪرڻو آهي. پوليس کي پنهنجي تحفظ جي ڪيتري ڳڻتي آهي، اُن جو اندازو آءِ جي آفيس وڃڻ وارن کي چڱيءَ طرح آهي.

هاڻي اچون ٿا وڪيلن طرف. حيران آهيان ته اُهي وڪيل جيڪي اسپتال ۾ بيهي پستول سان فائر ڪري رهيا هُئا. اُنهن کي اهو خيال ڇونه آيو ته اُن اسپتال ۾ جيڪي دل جا مريض آهن، اُهي به ڪنهن جا والد هوندا، ڪنهن جا ڀائر هوندا، اُنهن ۾ به ڪا ڪنهن جي ماءُ هوندي، ڪنهن جي ڀيڻ هوندي.

ائين لڳي ٿو ته اُنهن جي سيني ۾ دل نه، پٿر ڌڙڪي رهيا هُئا. سڄي رات اُنهن وڪيلن جون گرفتاريون جاري رهيون. اڍائي سو وڪيلن کي نامزد ڪيو ويو، پر هيستائين سو کان وڌيڪ وڪيل گرفتار ڪيا ويا آهن. ڪجهه عورت وڪيلن کي آزاد به ڪيو ويو. مون کي يقين آهي ته ٻيا وڪيل به ٻن ٽن هفتن ۾ آزاد ڪيا ويندا. عدالتون اُنهن کي ضمانت ڏينديون.

چئن ماڻهن جي قتل جي باوجود پوليس ڪنهن جي خلاف به قتل جي ايف آءِ آر داخل ناهي ڪئي. معمولي قلم لڳايا آهن. ورهين کان وڪيل ۽ پوليس وچ ۾ هڪ خاموش معاهدو هلندو اچي پيو. ٻئي هڪ ٻئي کي رستو ڏيندا آهن. وڪيلن جي ليڊرشپ گرفتار ٿيل وڪيلن متعلق چئي رهي آهي ته اُنهن ۾ گهڻي ڀاڱي بيگناهه آهن.

هڪ اسپتال تي حملو ڪرڻ واري جلوس ۾ شريڪ ڪو هڪ به شخص بيگناهه نٿو ٿي سگهي، پر ڪيڏي پڪائيءَ سان حقيقتن کي چيڀاٽڻ جي ڪوشش ۾ آهن. ڇا اُنهن کي انسان چئي سگهجي ٿو، جيڪي دل جي پوڙهن مريضن ۽ عورتن سان بنا سبب جي بدتميزيءَ سان پيش اچي رهيا آهن.

مريضن جون ڊرپس لاٿيون پئي ويون. اُنهن جي وارثن کي ماريو پئي ويو. قانون دانن جي ڪنهن اهڙي غنڊه گرديءَ جو مثال پوري انساني تاريخ ۾ موجود ناهي. ڪيئن چوان ته هي پڙهيل لکيل ماڻهو يا وڪيل هُئا.

اُنهن ۾ ڪجهه اهڙا به هُئا، جيڪي برطانيا ۽ آمريڪا کان قانون جي تعليم حاصل ڪري آيا هُئا. جيڪڏهن اسان اُنهن ڪجهه وڪيلن جي رويي تي غور ڪريون ته لڳي ٿو ته جج بحالي تحريڪ مان اهڙن شدت پسند وڪيلن کي پنهنجي طاقت جو احساس ٿيو ۽ طاقت جو گُهمنڊ وڏي حد تائين خطرناڪ شيءِ آهي.

پوءِ اُن معاشري ۾ جتي سول ادارا انتهائي ڪمزور هُجن، اُتي ته اهو گهمنڊ تباهي آڻيندو آهي. مون کي لڳي ٿو ته اسان جو معاشرو اجتماعي خودڪشيءَ طرف وڌي رهيو آهي. اسان کي هن بوسيده نظام کي پاڙئون پٽي اُڇلائڻ گهرجي. عمران خان صاحب! ڪنهن خوش فهمي ۾ نه رهجو، ائين ڪم نٿو هلي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو