حيدرآباد ۾ ڊينگي وائرس عروج تي پھتل….!!

حسن ناز سومرو
سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شھر حيدرآباد ۾ نہ فقط مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي پر ڊينگي مڇرن بہ تباھي مچائي ڇڏي آھي، حيدرآباد ۾ صفائي جو ناقص انتظام ھجڻ ڪري مچر ۽ مکيون ايتريون تہ جھجھي تعداد ۾ موجود آھن جو کير وڪڻندڙ ماڻھو جڏھن کير پنھنجي ٽپ ۾ وجهندو آھي تہ ان ۾ اڻ ڳڻيون مکيون ۽ مڇر کير ۾ داخل ٿي ويندا آھن ۽ پوءِ دڪاندار چانھ واري ڇاڻي سان کير مان مکيون ۽ مڇر ڪڍي اڇلائيندا آھن ۽ وري اھو کير وڪڻي ماڻھن کي بيمار ڪري وجھندا آھن،. تازي ٿيل برساتن کان پوءِ حيدرآباد شھر بہ تمام گھڻو متاثر ٿيو آھي، جيتوڻيڪ حيدرآباد مان ڪافي حد تائين گندو پاڻي نيڪال ٿي چڪو آھي پر پوءِ بہ گندگي جي ڪري حيدراباد شھر مڇرن جو مرڪز بڻجي چڪو آھي حيدرآباد جي ھر پاڙي ۽ ھر محلي ۾ گند جا ڍير لڳا پيا آھن جڏھن تہ بلديا وارا من پسند علائقن ۾ صفائي سٿرائي ڪري ويندا آھن پر ننڌڻڪن علائقن کي ڦري بہ نہ نھاريندا آھن جنھن جي نتيجي ۾ حيدرآباد شھر ۾ ڊينگي مليريا جو مرض عام ٿي چڪو آھي.
ھن وقت حيدرآباد شھر جي ھر ٻئي گھر ۾ ماڻھو ڊينگي جو شڪار ٿي چڪا آھن پر افسوس جو بلديا وارا گھري ننڊ ۾ سمھي رھيا آھن، حيدرآباد ۾ مھينن جا مھينا مليريا جو اسپري نہ ڪيو ويندو آھي پر جي اسپري ڪندا بہ آھن تہ ان اسپري جي پاڻي ۾ ڪنھن بہ قسم جو ڪيميڪل نہ وجھندا آھن بس رڳو خوشبوءَ لاءِ ڪجھ ڊيزل جا قطرا ملائي اسپري ڪري ڏيکاريندا آھن تہ جيئن عوام کي خبر پئي تہ اسپري ڪيو ويو آھي جڏھن ناقص ڪيميڪل جي ڪري مڇر مرڻ بدران اڃان وڌيڪ پيدا ٿيندا آھن جنھن جي نتيجي ۾ اڄ مليريا ڊينگي جي صورت اختيار ڪري ورتي آھي ۽ حيدرآباد ۾ جھڙي طريقي سان مليريا ھڪ وباءَ جي شڪل اختيار ڪري ورتي آھي پر سنڌ سرڪار پاران ڪنھن بہ قسم جي ڪا چرپر نہ ڪئي آھي، سنڌ جي ٽائون ڪميٽين، ميونسپل ڪاميٽين ۽ بلديا ۾ ھر مھيني لکن ۽ ڪروڙين روپين جي بجيٽ ايندي آھي پر خبر نہ آھي تہ اھا بجيٽ الائي جي ڪيڏانھن ھلي وڃي ٿي جڏھن تہ ٽائون ڪاميٽيون، ميونسپل ۽ بلديا انتظاميہ فقط مينھن جي پاڻي کي بہ نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آھن.
ھن وقت سنڌ ۾ برساتون پوڻ کان پوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿي آھي سا انتھائي ڳڻتي جوڳي آھي پر افسوس جو سنڌ سرڪار بہ ان پاسي کان ڪن لاٽار ڪيون ويٺي آھي، پوري سنڌ سان گڏوگڏ سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شھر حيدرآباد جي اھا حالت آھي جو شھر جي چوڪن تي گند جا ڍير لڳا پيا آھن ۽ پوري حيدرآباد شھر کي مکين ۽ مڇرن ولو ڏيئي ورتو آھي ھن وقت جيڪڏھن توھان مارڪيٽ ۾ ڪھڙي بہ شيءِ خريد ڪرڻ ويندو اھا شيءِ توھان کي مکين جي جهرمٽ سان ڍڪيل نظر ايندي ۽ گراھڪ مکين کي اڏاري بعد ۾ ان شيءِ جو معائنو ڪندو آھي ۽ جڏھن گراھڪ اھائي مکين جي استعمال ٿيل شيون گهر کڻي وڃن ٿا ۽ اھا شيءِ جڏھن ننڍڙا ٻار بغير ڌوئڻ جي کائن ٿا تہ يڪدم معصوم ٻارڙا بيمار ٿي پون ٿا پر انتظاميہ پاران مکين توڙي مچرن کي مارڻ لاءِ ڪنھن بہ قسم جو اسپري نہ ڪرايو ويو آھي جنھن جي نتيجي ۾ مليريا وبائي شڪل اختيار ڪري ورتي آھي.
ھن وقت پوري سنڌ سان گڏ حيدرآباد جي علائقن جي او آر ڪالوني، بنگالي ڪالوني، بابن شاھ ڪالوني ۽ لطيف آباد نمبر 2، 4، ۽ 6 مکين ۽ مڇرن سان ڀريا پيا آھن پر ميونسپل انتظاميہ ڪنھن بہ قسم جو تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناھين.
حيدرآباد جي وڌندڙ آبادي جي ڪري ھتي صفائي جو بہ ڪافي فقدان آھي صفائي جو عملو ھڪ مھيني ۾ ھڪ ڀيرو مشڪل سان ايندو آھي ۽ ائين ئي نوساڙا ماري واپس ھليا ويندا آھن پر ميونسپل انتظاميہ سندن خلاف ڪنھن بہ قسم جو ايڪشن ناھين کڻڻدي جنھن جي نتيجي ۾ اڄ حيدرآباد جا ڪيترائي علائقا کنڊرات جو ڏيک ڏيڻ لڳا آھن.
ھن وقت حيدرآباد ۾ ڊينگي وائرس وڌڻ ڪري ماڻھو تمام وڏي پريشاني ۾ مبتلا آھن پر بلديہ عظميٰ اگھور ننڊ ۾ ستل آھي اسپري جا پسئا بچائي پنھنجا بنگلا اڏڻ ۾ پورا آھن جڏھن تہ سندن کي عوام جو ڪو ڪوبہ اھنج نہ آھي
سو ان باري پوري سنڌ جي يونين ڪائونسلز، ٽائون ڪاميٽين، ميونسپل ڪميٽي ۽ بلديہ سان گڏ خاص ڪري حيدرآباد شھر جي ميونسپل ڪاميٽي ۽ بلديہ وارن کي گذارش ڪجي ٿي تہ ھو حيدرآباد ڏانھن بہ ڪجھ توجھہ ڏين، مکين ۽ مچرن جو خاتمو آڻي عوام کي مليريا ۽ ڊينگي جھڙي موذي مرض کان بچايو وڃي تہ جيئن عوام سک جو ساھ کڻي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو