جيتن جو ڌيان آپگهات ڏانهن ڏياريندڙ خطرناڪ جيتُ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)هي جيت نقصان ڏيندڙ نظر ناهي نٿو اچي پر اهو خطرناڪ جيت (Paracite) آهي جيڪو Hair Worm جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اهو هيئروارم پنهنجي ميزبان (Host) جي جسم ۾ وڃي ان جي دماغ کي ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ آخر ۾ جيت ڄڻ ڪنهن سَحَر جي اثر هيٺ، پاڻي ۾ وڃي پاڻ کي ٻوڙي ڇڏيندو آهي.هيئروارم پنهنجي هوسٽ ۾ وڃي ان جي جينياتي ڪوڊ کي چورائي ان جي ذهن کي ڪنٽرول ڪري وٺي ٿو ۽ پوءِ ان کي پاڻي جي سطح تي وٺي وڄي ٻوڙي ڇڏي ٿو ته جيئن پنهنجي نسل جي واڌ ويجهه جو عمل جاري رکي سگھي. هيئروارم جڏهن بيضن کان پوءِ ٻئي مرحلي لاروا ۾ هوندو آهي ته ان جو پهريون مقصد کائڻ جي ذريعي ٽيڊپول (ڏيڏر جي ٻچي) يا مڇر جي اندر وڃڻو پوندو آهي. ان کان پوءِ اهو ان وقت تائين غير فعال رهندو آهي جيستائين ٽيڊپول يا مڇر ڪو وڏو جيت نٿو کائي. جڏهن اهي ٽيڊپول يا مڇر وڏن جيتن جي پيٽ ۾ هضم ٿي ويندا آهن ته پوءِ هيئروارم وڏي هوسٽ جي پيٽ مان ئي ٻاهر نڪرندو آهي ۽ ان جي اندروني غذائيت کي جن ۾ جينياتي به هوندا آهن، اندر انداران ختم ڪري ان کي لاروا بي وس بڻائي ڇڏيو آهي. ان پوري عمل ۾ رڳو ٽي مهينا لڳن ٿا جنهن کان پوءِ هيئروارم پنهنجي هوسٽ کي پاڻي ڏانهن ٻوڙڻ لاءِ وٺي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ هيئر وارم پاڻي ۾ واڌ ويجهه ڪندا آهن ان ڪري هوسٽ جي مرڻ کان پوءِ اهي پهنجي واڌ ويجهه ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ ويجهي ترين هيئروارم تائين پهچ حاصل ڪري وٺندا آهن ۽ پوءِ ڄاڻايل عمل نئين سر شروع ٿي ويندو آهي. جيتوڻيڪ سائنسدانن کي هيروارم جي ان ”جادوئي ڄار“ ۾ سالن کان خبر هئي پر ان جي برين واش ڪرڻ جي طريقيڪار بابت تازو ئي خبر پئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو