تندرستي ھزار نعمت آھي

عبدالااحد گھنڃو
صحت جي باري ۾ ھڪ عام چوڻي مشهور آهي ته تندرستي هزار نعمت آهي.مطلب ته جيڪو ماڻهو جسماني ۽ دماغي طرح صحتمند آھي اِھا ان جي صحت ڪيترن ئي نعمتن کان بالاتر آهي.جيڪي ماڻهو بلڪل ٺيڪ ٺاڪ ۽ تندرست ھوندا آھن اھي ماڻھو زندگي ۾ ھر ڪم سھڻي ۽ سٺي نموني ڪندا آهن ۽ پنھنجي زندگي ۾ خوش به رھندا آھن ۽ ان جي ابتڙ جيڪي ماڻهو بيمار ۽ پريشانين جو شڪار رھندا آھن اھي ويچارا پنهنجي زندگي کي چڱي طرح جيئي به نه سگھندا آهن. پر افسوس اڄڪلهه اسان جي معاشري ۾ گھڻي ڀاڱي اسان جا ماڻهو پنهنجي صحت جا پاڻ دشمن بڻجي ويا آهن ۽ ڪي وري اسان جي ماحول ۾ واپاريندڙ خراب شين جي ڪري بيمار ٿين ٿا. اچو ھاڻي جيڪڏهن اڄڪلهه جي جوانن جي کائڻ پيئڻ جو جائزو وٺون ته اسان کي خبر پوندي ته اسان جا جوان توڙي نوجوان ڇوڪرا وڌ ۾ وڌ ھوٽلنگ ڪرڻ پسند ڪن ٿا يا فاسٽ فوڊ کائڻ پسند ڪن ٿا جيڪو انهن جي لاءِ بلڪل ئي ھاڃيڪارڻ نه آهي ۽ ان ۾ ڪو شق ناهي ته فاسٽ فوڊ جي کاڌي ۾ لذت ٿئي ٿي پر اصل ۾ گھڻو پيزا ۽ زنگر برگر کائڻ سان مادو ۽ جگر بلڪل ڪم نٿا ڪن جنهن جي ڪري انسان ھميشه لاءِ انھن بيمارين جو خاص طور تي مادي جو مريض ٿي وڃي ٿو ۽ سڄي عمر لوڙ لوڙي ٿو پر جيڪڏهن اھي شيون گھٽ۽ وافد مقدار ۾ کاڌيون وڃن ته پوءِ انهن جو غلط اثر گھٽ پوي ٿو ۽ جيڪڏھن ھوٽلن تي کائڻ پيئڻ جي ڳالهه ڪجي ته اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي ننڍا توڙي وڏا ھوٽل آهن جن تي کائڻ پيئڻ جون شيون بلڪل پاروٿيون ملن ٿيون ھڪ چانھ جي ڪوپ کان ويندي وڏي گوشت جي ڪڙاھي تائين ھر شيء ۾ ملاوٽ ھوندي آھي جنھن جي ڪري انسان بيمار ٿي پوي ٿو جيڪڏهن ھوٽلن ۾ ملاوٽ تي نظر وجھندا سين ته اسان کي خبر پوندي کير ۾ پاڻي جي ملاوٽ ھوندي سبزيون ۽ گوشت رکيل گرم ڪري ڏيندا جنهن جي کائڻ سان ٽافائيڊ گيسٽرو ۽ ھيزو ٿي پوي ٿو جنهن جي ڪري انسان جو اندر بلڪل ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ڪيتري عرصي تائين انسان انهن خطرناڪ بيمارين کي منهن ڏيندو رھي ٿو. پر افسوس انهن ھوٽل وارن کي ڪن تي جون به نٿي پوي ڇو جو انهن کي پنهنجي ڪاروبار جي لڳل ھوندي آھي ۽ انھن جي ڪاروبار جي چڪر ۾ ڪنهن جي اگر جان ھلي ٿي وڃي يا صحت گھڻي خراب ٿي وڃي ٿي ته انهن کي ڄڻ ته ڪا پرواهه به نه ھوندي آھي. پر ھتي خود اسان جڏهن پنهنجي صحت ۽ جان جي پرواهه نٿا ڪيون ته پوءِ ٻين کي ڪھڙي اسان جي پرواهه ھوندي اسان جا نوجوان اڄڪلهه جي دور ۾ گھڻي ڀاڱي ھوٽلنگ کي ترجيح ڏين ٿا جنهن جي ڪري انھن ۾ اھا طاقت ۽ قوت ڏسڻ ۾ نٿي اچي جيڪا پھرين دور جي ماڻهن ۾ ھوندي ھئي ۽ ان ڪري انھن کي وقت کان پھريان موٽايو بلڊ پريشر ۽ شگر جھڙيون بيماريون وٺ ڪري ٿيون وڃن ۽ اسان جا ٻار توڙي وڏا ويھڪ جي ڪري ۽ ورزش نه ڪرڻ جي ڪري ئي جلدي بيمار به ٿي وڃن ٿا. جيڪڏهن پراڻي دؤر جي ماڻهن کي ڏسندو ته اڄ به انھن وٽ طاقت جوانن جھڙي ڏسڻ ۾ ملندي ڇو جو انھن ماڻھن جي خوراڪ خالص ۽ سٺن کاڌن تي مشتمل رھي ۽ اھي خالص کير مکڻ لسي گيھ تي پلڻ وارا ماڻهو ھئا.جنھن ڪري اڄ به اھي ماڻھو صحت مند زندگي گزاري رھيا آھن.پر افسوس اڄڪلهه اسان ڪجهه پنھنجو پاڻ سان سچا ناھيون ۽ ڪجهه بيماريون اسان جي ڪجهه روايتي ھوٽلن ۾ صفائي ۽ سچائي نه ھجڻ ڪري اسان کي مليون آھن ۽ ڪجھ اسان جي پنھنجي اندھي شوق ۽ لاپرواهيءَ جو به نتيجو آھي۽ اھا ھڪ حقيقت آھي .پر ھوٽلنگ کان علاوه اسان جي روزمره جي زندگي ۾ اسان جا ٻار جيڪي روزانا ننڍڙن دڪانن تان سموسا پڪوڙا ٽڪيون جليبيون وٺي کائن ٿا انهن شين جي کائڻ جي ڪري به ٻارن ۾ بيماريون گھڻيون وڌيون ٿيون.ڇو ته انهن اسٽالن تي اھي مٺيون ۽ چھريون شيون سڄو ڏينهن انھن وٽ پيون ھونديون آھن ۽ انھن جي مٿان مکيون ۽ جيت به پيا ھوندا آھن ۽ سڄو ڏينهن انھن جي مٿان مٽي جو مينھن به وسندو رھي ٿو جنهن جي ڪري اھي شيون خراب ٿي وڃن ٿيون ۽ جيڪو به انهن کي خريد ڪري کائي ٿو اھو بيمار ٿي پوي ٿو ۽ اھا حالت اڪثر اسان جي ملڪ ۾ ھر ننڍي توڙي وڏي شھر ۾ ڏسڻ لاءِ ملي ٿي.ھن وقت اسان جي ماڻهن کي گھرجي ته جيڪڏهن اھي پنهنجي زندگي صحتمند گذارڻ چاھين ٿا ته پوءِ ھوٽلنگ کان گهڻو پرھيز ڪن ۽ ڦل فروٽ ۽ گھر جو کاڌو کائڻ تي ترجيح ڏين. جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته اڄڪلهه جي دور ۾ ھر ٻي ماڻهو کي ھيپاٽائٽس شگر بلڊ پريشر ۽ بيا ڪيترائي مرض آھن جنھن جي ڪري اھي ماڻھو پنھنجون زندگيون آساني سان نٿا گزاري سگهن ۽ انهن کي زندگي گذارڻ لاءِ گھڻي پرھيز ۽ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي پر اسان جيڪي بلڪل ٺيڪ آھيون اھي ڇو پنھنجي صحت پاڻ خراب ڪري رھيا آھيون ۽ تندرستي جھڙي ھزار نعمت کان پاڻ کي پري رکي رھيا آھيون.

پهنجو تبصرو موڪليو