تائيوان کي چين جو حصو ضرورو بڻائبو، شي جن پنگ

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چي جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته تائيوان کي چين جو هر حال ۾ حصو بڻائينداسين. اسين اهو ڪم پرامن طريقي سان ڪنداسين پر اهو به ياد رکو ته چين جي علحدگي خلاف شاندار جدوجهد جي تاريخ آهي. سندس اهو بيان ان وقت آيو آهي جڏهن امريڪا تائيوان ۽ چين ۾ وڌندڙ ڃڪتاڻ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. چيني صدر جي بيان تي صدارتي ترجمان رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته تائيوان جو فيصلو هتي رهندڙ عوام ڪندو.  اسين جنگ نٿا چاهيون پر پنهنجي آزادي جو ڀرپور دفاع ڪنداسين. ياد رهي ته گذريل هفتي دوران چين جي ڏيڍ سو جنگي جهازن تائيوان جي ايئرڊفينس ۾ اڏامون ڀريون آهين. چين جي آزادي جي 110هين تقريب جي موقعي تي چيني صدر جو لب ۽ لهجو جولاءِ جيان سخت نه هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته تائيوان چين جو آهي ۽ آزادي جا خواب ڏسندڙن کي چٿي ڇڏينداسين. چين ۾ انقلاب بعد 1910 ۾ بادشاهت ختم ڪئي وئي هئي. بعد ۾ ڪميونسڙ حڪومت دوران 1940 جي گهرو جنگ بعد تائيوان جو ٻيٽ چين کان کسيو ويو هو ۽ برطانوي ڪالوني رهيو ۽ معاهدي بعد چين کي واپس ملڻو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو