برسات ڪرڪيٽ جي پريڪٽس به ٿيڻ نه ڏني

ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) پاڪستان ۽ مهمان سري لنڪا جي ٽيمن ۾ پهرين ون ڊي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي. ان ميچ کان اڳ ٻنهي ٽيمن طئي ڪيو ته پريڪٽس جاي رکي ويندي. پر اربع ڏهاڙي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٻنهي ٽيمن جا پريڪٽس سيشن ملتوي ڪرڻا پئجي ويا ڇو ته شهر ۾ ڪنهن وقت تيز ته ڪنهن وقت هلڪي برسات پوڻ جو سلسلو جاري رهيو جنهن ڪري پريڪٽس سيشن منعقد ڪرڻ آسان نه رهيو. برسات سبب نيشنل اسٽيڊيم جي انتظاميا پِچز کي ڍڪي ڇڏيو ته جيئن 27 تاريخ واري ميچ کان اڳ ان کي خشڪ ڪري ميچ لاءِ موزون بڻائي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو