برسات متاثرن جي مدد تي ٿيندڙ سياست، محمد اسماعيل لانگاھ

قدرت طرفان ايندڙ مصيبتن کي روڪڻ انسان جي هٿ وس ته ناهي پر ان مصيبت واري ڏُکي ويل ۾ مدد ڪرڻ ئي انسانيت جو اولين فرض آهي, تازو سنڌ ۾ برسات جي روپ ۾ جيڪا مصيبت ماڻھن مٿان اچي ڪري آهي ان مصيبت ۾ اسان جي ملڪ جي حڪمرانن کي عوام جا اهنج ڏُک سور سلڻ جي بجاءِ پنهنجي اصلي ۽روايتي سياست وارو گس ورتو آهي جنهن وسيلي انهن برسات متاثرن جي مرهمن تي ملم پٽيون رکڻ بجاء  پنهنجن مفادن ۽ تعصب پرست سياست کي اپنائيندي  برسات ۽ ٻوڏ  جي تباهين جون ذميواريون هڪ ٻئي مٿان مڙھڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن ته سنڌ ۾ ٻُڏل ماڻھن جي مالڪي سنڌ جي آهي باقي ڪراچي وفاق جي حڪمراني جي قبضي ۾ آهي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ موجوده حڪومت ۽ سندن اتحادين جي روايتي سياست ۽ اولين ترجيح رهي آهي تڏھن ته ملڪ جو وزير اعظم خود ڪراچي لاء 11 سئو ارب رپين جو پيڪيج ڏئي ٿو ڇا سنڌ جون ٻھراڙيون هن ملڪ جون ناهن..

Photo Twitter

خير سان ڪراچي لاء جيڪو پيڪيج ڏنو ويو آهي وزير اعظم عمران خان طرفان ڪراچي دوري دوران برسات متاثرن ۽ ڪراچي جي ترقي لاء اعلانيل پيڪيج13 11 سئو ارب رپين واري دعوا کي پ پ سرڪار رد ڪندي چيو آهي ته وزير اعظم جي اعلانيل رقم ۾ 802 ارب رپيا سنڌ جا آهن, اهڙي دعوا بعد وفاق ۽ سنڌ ۾ برسات متاثر ماڻھن جي مالڪي ۽ ڪراچي لاء اعلانيل رقم تان الزام بازي شروع ٿي وئي آهي سنڌ سرڪار وفاق کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچي لاء ڏنل رقم سنڌ سرڪار پاڻ خرچ ڪندي اهڙي بيان بعد وفاق طرفان کين رقم جو کُتو جواب ڏيندي ڪراچي جي سروي لاء اين ڊي ايم اي کي, حڪم ڏنو آهي اين ڊي ايم اي هڪ وفاقي ادارو آهي جيڪو مصيبت جي گهڙين ۾ متاثر ماڻھن جي مالڪي ڪندو آهي جنهن جي ڪارڪردگي تي سنڌ سرڪار اعتراض واري ڇڏيا آهن  ۽ وفاق ان اداري معرفت ڪراچي جي سروي جو اعلان ڪيو آهي ته  ڪراچي لاء اعلانيل رقم بغير سروي جي سنڌ حڪومت کي نه ڏينداسين ۽ کين ڪوبه مٿن اعتبار ناهي, جڏھن ته  وفاق جي اهڙي بيان بازي بعد سنڌ پنهنجو موئقف ڏنو ته اين ڊي ايم اي هڪ غير فعال کاتو آهي جنهن جي ڪارڪردگي پهرين ئي بهتر ناهي انجي ٿيل سروي قبول نه ڪنداسين ۽ برسات ۾ وفاق سنئو سڌو اسانجي مدد ڪري وزير اعظم عمران خان جي صدارت  وفاقي ڪابينا جي ٿيل اجلاس ۾ سڀ کان پهريان سنڌ صوبي جي صورتحال خاص طور تي اندرون سنڌ ۾ برساتن سبب ٿيل نقصانن تي ڳالھ  ٻولھ پڻ زير غور به رهي, جنهن ۾ وفاق جون سنڌ اتحادي جماعتون پڻ شامل هيون اتحادي پارٽين طرفان به وزير اعظم آڏو  خاص طور تي اندرون سنڌ ۾ ٿيل جاني مالي ۽ فيصلن کي ٿيل نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آھي وزير اعظم عمران خان ڪراچي دوري دوران جنهن وڏي رقم جو اعلان ڪيو ان رقم ۾ ظاهري طرح هُن سواء ڪراچي جي اندرون سنڌ متاثرن جي مالڪي جي ڪابه دعوا نه ڪئي ۽ اتحادي پارٽين جي زور ڀرڻ بعد وفاق  جو اهو بيان سامهون آيو آهي ته وس آهر سنڌ جي ٻھراڙين جي مالڪي ڪنداسين پر سنڌ سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو ويو ته پ پ سرڪار سنڌ جو ڍانچو تبديل ڪري ڇڏيو آهي متاثرن جي مالڪي جي ذميواري سنڌ سرڪار جي آهي هن وقت جيڪا رقم ڏني وئي آهي 11 سئو ارب رپيا هي سنڌ حڪومت کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڏني ويندي.

پ پ ۽ پي ٽي آء سرڪار جو جهيڙو ايترو ته شدت اختيار ڪري چُڪو آهي جو هن اهڙي مصيبت ۾ مبتلا ماڻھن جي مالڪي لاء به سندن ۾ صلاح مصلحت ڪرڻ به هڪ ٻئي سان گوارا نٿا سمجهن وزير اعظم جڏھن  تازو ڪراچي جي دوري بعد وزير اعظم اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي آھي ته صوبائي حڪومت سان گڏجي برساتن سبب ملڪ اندر ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي جنهن ڳالھ تان وفاق ۽ سنڌ ۾ اختلافات سامهون اچي ويا آهن. هڪ طرف 12سالن کان  مٿي پ پ سنڌ ۾ مسلسل حڪمران جماعت رهندي آئي آهي پر موجوده وفاقي حڪومت سان  رويو بهتر نه هجڻ ڪري نقصان صرف صوبي جي غريب عوام کي پئجي رهيو آهي پ پ سرڪار جي محسوس نه هئڻ جهڙي ڪارڪردگي وفاقي سرڪار کي هر موڙ تي ڄڻ جواز ٺاهي ڏنو آهي ته هو سنڌ جي اندروني معاملن ۾ سڌي ۽ اڻ سڌي ريت جنڳھ اڙايو بيٺي آهي,  وفاقي سرڪار جو اصل مقصد ڇا آهي ۽ سنڌ سرڪار پنهنجي ووٽ بئنڪ جو عوام کي ڪيترو ثمر ڏنو آهي هي گهڙيون ٻنهي وفاق توڙي سنڌ لاء امتحان جون گهڙيون آهن جيڪڏھن وفاق هن ڏُکي گهڙي ۾ سنڌ جي ٻُڏل ۽ بي سهارا ماڻھن کي اڪيلو ڇڏڻ چاهي ٿي ته سنڌ سرڪار کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جو هي موقعو هٿان نه وڃائڻ گهرجي, سنڌ جي عوام تي جيڪڏھن پ پ کي يقين آهي ته هو عوام جي طاقت سان چونڊجي اچي ٿي ته هن کي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ لاء هر صورت ۾ تمام تر ڪوششن کي اپنائڻ گهرجي جيڪڏھن ڪراچي کان نڪري ڪري سنڌ جي ٻھراڙين تي هن وقت نظر وجهبي ته عوام هن وقت حڪمرانن جي مدد جي منتظر آهي جيڪي غريب ويچارا بي گهر ٿي ويا آهن انهن کي اجهن جي ضرورت آهي موسمي حالتن پٽاندر انهن جي ترت مدد نه ڪئي وئي ته مٿان وري سياري جي موسم ۾ ڪُجھ ڏينهن وڃي رهيا آهن, ۽ ٻھراڙين ۾ بغير خيمن جي کلي آسمان هيٺ ويٺل ٻوڏ متاثرن جي تڪليفن ۾ اضافو ٿي ويندو, پ پ کي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ لاء وفاق کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ثابت ڪري ڏيکارڻ گهرجي ۽ هيئنر وفاقي حڪومت ڪراچي جي مسئلن جي حل جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي، وفاقي اختياريون  ڏکين حالتن ۾ ڪراچي واسين کي اڪيلو نه ڇڏڻ چاهين ٿيون, انهن کي پنهنجي ووٽ بئنڪ آڌار ڪراچي جي مالڪي ڪرڻي آهي ۽ اتحادين جي مطالبن کي مڃڻو آهي. برساتن سبب هن وقت سڀ کان وڌيڪ سنڌ جون ٻھراڙيون متاثر ٿيون آهن, جتي ماڻھن جي زندگي ڏُکين حالتن ۾ بسر ٿي رهي آهي ماڻھن جا گهر ٻنيون مال ملڪيتون تباه ٿي ويون آهن,

انهن متاثرن کي بلڪل اهو ڀروسو ناهي ته سرڪار اسان کي ٿيل نقصانن جو معاوضو ادا ڪري سگهندي پر انتظاميه ۽ خاص طور سنڌ جي آفت سٽيل ضلعن جي چونڊيل نمائندن ۽ ھتان جي سرڪاري ڪامورن کي اهي هدايتون ضرور ڏئي سگهي ٿي جنهن سان ماڻھن جي مايوس ٿيل دلين کي ڪُجھ حد تائين مطمئن ڪري سگهجي ٿو ۽ برسات سبب نقصانن جو جائزو وٺي جيئن رليف سرگرمين کي وڌيڪ بهتر ۽ نقصانن جو ازالو ڪرڻ جي حوالي سان ڪا اهڙي حڪمت عملي جوڙي وفاق جي آسري ڇڏي ڏيڻ سنڌ جي متاثرن سان ويساه گهاتي هوندي پ پ جيڪڏھن پنهنجي طرف کان متاثرن ۽ آفت سٽيل ضلعن لاء  ساڍا 62 ڪروڙ واري رقم کي صاف ۽ شفاف نموني متاثرن تائين رسائي کي ممڪن نه بڻايو ته سندن وفاق کان وڌيڪ سنڌ جي عوام سان پ پ جي اها دشمني هوندي هونئن ئي به هر عام خاص ماڻھون جي واتان اها لفظ نڪري رهيا آهن ته مصيبتن ۾ جيتري تڪليف ۽ ان جا ناڪاري اثر غريب عوام تي پون ٿا اوترا هاڪاري ۽ منافعي بخش فائدا سياسي ماڻھن کي پوندا آهن اهڙي سوچ کي هاڻي پاسي تي رکي ڪري تڪ جي آفت سٽيل ضلعن جي چونڊيل نمائندن جي اها ذميواري آهي ته هو پنهنجي علائقن جي ڀرپور مدد ڪري انهن جي وساميل چلهن کي چراغان ڪن انهن جي بي سهارا مسڪينن جي پرگهور لهن باقي دعوائون ڪرڻ سان دليون کٽي نٿيون سگهجن هن وقت خاص طور دادو ضلعي جي ڪاڇي ۾ جيڪا تباهي آئي آهي انجو ازالو ته ممڪن ئي ناهي ته سرڪار ايترو ڏئي سگهي پر ڏيڻ لاء سرڪار کي پهريون قدم روڊن جي بحالي وارو ڪرڻ گهرجي جيڪا دادو ضلعي جي ڪاڇي وارن علائقن جي ٻوڏ متاثر علائقن جي مالڪي جو پهريون قدم آهي جنهن ۾ ڪوتاهين سان وڌيڪ بُحران جنم وٺي سگهن ٿا.   

پهنجو تبصرو موڪليو