بابا گرونانڪ جي 550 هين جنم ڏينهن تي سڪو جاري

ڪراچي (شهزادو مستوئي) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سکن جي روحاني پيشوا بابا گرو نانڪ جي 550هين جنم ڏينهن جي موقعي تي 50 روپئي جو خصوصي سڪو جاري ڪيو آهي. سڪي جي هڪ پاسي اسلامي جمهوريه پاڪستان لکيل آحي ته ٻئي پاسي سکن جي عبادتگاهه جي تصوير اڪريل آهي ۽ لکيل آهي سري گرونانڪ ديو جي 1469 کان 2019. ياد رهي ته حڪومت سکن جي مذگبي سياحت وڌائڻ لاءِ 9 نومبر تي ڪرتارپور لنگهه کولڻ جو به اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو