ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايپل سيپٽمبر ۾ پنهنجي نئين آپريٽنگ سسٽم (آءِ او ايس) 17 کي لانچ ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي، جيڪو آءِ فونز ۾ گھڻيون نيون خاصيتون متعارف ڪرائيندو، پر هاڻ ان اپ ڊيٽ سان آءِ فون جي ڪجهه ماڊلز جي قدر ۾ 50 سيڪڙو تائين گھٽتائي ٿي ويندي.برطانوي رسالي ڊيلي ميل ۾ ڇپيل رپورٽ موجب 2017ع ۾ متعارف ڪرايل آءِ فون 8 ۽ آءِ فون ايڪس 10 آءِ او ايس 17 ان کي سپورٽ نه ڪندا، ان کي نظر ۾ رکندي ٽيڪنالوجي ماهر واهپيدارن تي زور ڏئي رهيا آهن ته هو سيپٽمبر کان اڳ ڊوائيسز .کي وڪرو ڪري آءِ فون ماڊلز تبديل ڪن.ڇو جو جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته اوهان جي فون گھڻن نون ۽ اهم فيچرز کان محروم رهندي.آءِ او ايس 17 ۾ ڪهڙا ڪهڙا نوان فيچرز هوندا؟رپورٽ موجب آءِ او ايس 17 آءِ فون 8 ۽ آءِ فون 10 تي ڪم نه ڪندو، جنهن جو مطلب آهي ته فون تي نوان فيچرز متعارف نه ٿي سگھندا.ان کانسواءِ ضروري سيڪيورٽي اپ ڊيٽس به موصول نه ٿي سگھنديون.ماهرن جو چوڻ هو ته آءِ او ايس 17 ۾ چائلڊ پروٽيڪشن سوڌو ڪيترائي شاندار فيچرز متعارف ڪرايا ويندا، جن ۾ اسٽينڊ باءِ موڊ به شامل آهي.آءِ او ايس 17 ۾ ڪي بورڊ اپ ڊيٽس سوڌو آٽو ڪريڪٽ جو آپشن به ڏنو ويندو، ان آپريٽنگ سسٽم ۾ نيم ڊراپ آپش جي واڌ به ڪئي پئي وڃي، جنهن تحت واهپيدار سولائي سان هڪ ٻئي سان پنهنجي ڪانٽيڪٽ انفارميسن شيئر ڪري سگھندا.ان اپ ڊيٽ کان پوءِ واهپيدار پنهنجو پوسٽر به بڻائي سگھندا جيڪو ڪال جي وقت ٻين واهپيدارن جي اسڪرين تي نظر ايندو.
