ايسٽرولوجي الرٽ، اڄ کان ڪنهن ڪنهن جو سٺو وقت شروع آهي؟

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناليواري نجومي ڀگوان داس جٽيا ستارن جي علم لال ڪتاب مطابق پيشنگوئي ڪئي آھي ته، ف، ڦ، ڀ ۽ ڌ سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن جو 15 مارچ کان بهتر وقت شروع ٿي رهيو آهي. انهن نالن وارن ماڻهن جي نالن جي طالع جي ٻئي گهر ۾ موجود نحس اسٽار مريخ نڪري رهيو آهي. جنهن سان کين خوشخبري ملندي، ڪاروبار ۾ بهتري ايندي ۽ مالياتي معاملن ۾ فائدو ٿيندو. انهن ماڻهن کي 15 مارچ کان پهرين مئي دوران خوشخبري ملي سگهي ٿي پر وڌيڪ محنت ڪرڻ سان کين ڀرپور فائدو ملندو. انهن نالن وارا ماڻهو خميس تي پيلي شئي جو ڪنهن غريب کي دان ڏين گهرجي ته ان سان کين فائدو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو