ايران ۾ صدارتي چونڊ لاءِ ووٽنگ جاري

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران ۾ صدارتي چونڊن لاءِ ووٽنگ جاري آهي. صدر حسن روحاني جي جان نشيني لاءِ 4 اميدوارن ۾ مقابلو آهي. جن مان ٽي سخت گير خيالن جا مالڪ آهن. راءِ عامه جي جائزن موجب قدامت پسند شيعه اڳواڻ ۽ عدليا جو موجوده سربراهه ابراهيم رئيسي جي ڪاميابي جو امڪان وڌيڪ آهن. سندس وڏو حريف اعتدال پسند سوچ جو مالڪ عبدالناصر هيماتي آهي جيڪو ايران جي مرڪزي بئينڪ جو اڳ ۾ گورنر به رهي چڪو آهي. ڪيترن شيعا گروپن اهو چئي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي ته ڪيترن اميدوارن جا ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن ۽ ابراهيم رئيسي جي کٽڻ جي راهه هموار ڪئي وئي آهي. ايران جي رهبر اعليٰ آيت الله خامنه اي پنهنجو ووٽ ڏيندي عوام کي اپيل ڪئي ته اچو ووٽ ڏيو ۽ پنهنجو صدر چونڊيو، هر ووٽ جي پنهنجي اهميت آهي ۽ هي اسانجي ملڪ لاءِ اهم آهي. 3 سال اڳ ايران تي ايٽمي پروگرام سبب آمريڪا پاران مڙهيل معاشي پابندين سبب عوام مالي مشڪلات جو شڪار آهي. صدر حسن روحاني ٻه ڀيرا چار چار سالن لاءِ صدر رهيو آهي ۽ قاون موجب لڳاتار ٽيون ڀيرو صدر نٿو رهي سگهي. ايران ۾ سڀ کان طاقتور عهدو رهبر اعليٰ جو هوندو آهي. جنهن تي ٻه شخص رهيا آهن پهريون دفعو اسلامي انقلاب بعد آيت الله روح الله خميني 1979 ۾ هن عهدي تي رهيو ۽ سندس وفات بعد 1989 ۾ آيت الله خامنه اي فائز آهي. هن عهدي واري کي اربين ڊالر جا فنڊ خيراتي ادارن کي ڏيڻ، فوجي سربراهه، ريديو، ٽي وي ۽ عدليا جا اڌ ميمبر جمعي نماز جا امام مقرر ڪرڻ جو اختيار آهي. ٻئي نمبر تي ايران جي صدر جو عهدو اهم هوندو آهي. هو انتظامي سربراهه هوندو آهي پر حتمي فيصلو رهبر ڪندو آهي. صدر جي اميدوار لاءِ فيصلو عالمن ۽ قانوني ماهرن تي مشتمل 12 رڪني نگهبان شوريٰ ڪندي آهي. گذريل صدارتي چونڊ ۾ 2021 ۾ 590 ماڻهن صدارتي چونڊ لاءِ فارم جمع ڪرايو پر اجازت 7 ميمبرن کي ملي. 290 ميمبرن تي مشتمل ايراني پارليمان قانون سازي، بجيٽ جي منظوري ۽ حڪومت تي نگراني ڪندي آهي، منظور ڪيل قانون نگهبان شوريٰ جي منظوري بعد قانون بڻبو آهي، هر 4 سالن بعد ان جي چونڊ ٿيندي آهي. نگهبان شوريٰ تمام اهم ادارو آهي جنهن جو سربراهه آيت الله جنتي آهي. هن جي 12 ميمبرن مان 6 عالم دين رهبر اعليٰ ڪندو آهي باقي 6 ميمبر عدليا ۽ پارليمان نامزد ڪندو آهي، هر ميمبر جي مدت 6 سال هوندي آهي ۽ هر ٽن سالن بعد اڌ ميمبر ريٽائر ٿيندا آهن جيئن پاڪستان جي سينيٽ م ٿيندو آهي. 8 ڪروڙ 30 لک جي آبادي واري ملڪ ايران ۾ 5 ڪروڙ 80 لک ووٽر آهن. اڪثريت آبادي 30 سالن کان گهٽ يعني نوجوانن جي آهي هر دفعي 50 سيڪڙو کان مٿي ٽرن آئوٽ هوندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو