محمد خالد ميمڻ
پياري ڀاء جاويد علي وڳڻ سان گڏ ايران عراق اربعين جي زيارتن جي موقعي تي جاويد ڀاء جي هڪ وڏي خواهش هئي ته ايران ۾ اتان جي هڪ ٽرين جنهن جو نالو فدڪ ٽرين آهي ان جو سفر ضرور ڪبو ڇوته سندس جي چوڻ مطابق ان ٽرين ۾ بهترين سفري سهولتون مهيا ڪيون وينديون آهن ۽ اها هڪ جديد ٽيڪنالوجي تي مبني هڪ آرام ده ٽرين آهي سو جڏهن اسان پهريان ايران ۽ وري عراق اربعين ڪري واپس ايران جي شهر مشهد پهتاسين ۽ اتي اسان کي ٽي ڏينهن رهڻو هيو بعد ۾ اسان جي واپسي هئي ان ڪري اسان مشهد پهچڻ شرط هوٽل وٺڻ کان اڳ ۽ بعد ۾ سڄو ڏينهن اتي موجود مختلف بسن ڪوسٽرن ڪارن ٽرين ۽ هوائي جهاز جي اڏن تان ڪوششون ڪيوسين ته ايڊوانس واپسي لاء تهران تائين فدڪ ٽرين جي بڪنگ ڪرائي ڇڏيون پر بدقسمتي سان وڏين ڪوششن باوجود اسان جي فدڪ ٽرين جي بڪنگ نه ٿي سگهي سڀني اڏن وارن چيو ته آئنده هڪ هفتي تائين فدڪ ٽرين جون سيٽون موجود ناهن اهي سڀ بوڪ آهن ان ڪري خصوصي طور مان فدڪ ٽرين تي سفر ڪرڻ واري خواهش تان بلڪل هٿ کڻي ويس پر جاويد ڀاء چيو ته ڪو مسئلو ناهي جنهن هستي جي شهر ۾ آهيون اهو اسان کي ڪڏهن به مايوس ٿيڻ نه ڏيندو ۽ اسان فدڪ ٽرين ۾ سفر ضرور ڪنداسين ۽ جڏهن اسان مولا امام رضا عليه السلام جي روضي تي بار بار زيارت لاء پئي وياسين ته اتي به ڀاء جاويد چيو ته مولا امام رضا اسان جي فدڪ ٽرين ۾ سفر وارو خواب ضرور پورو ڪندو ۽ مولا امام رضا عليه السلام جي روضي ۾ مولا جي دسترخوان جو کاڌو به نصيب ٿيو ۽ اسان مولا امام رضا جي روضي پاڪ جون خوب زيارتون پڻ ڪيوسين ۽ ان وچ ۾ اسان کان فدڪ ٽرين ۾ سفر واري ڳالھ جهڙو ڪر سچ پچ صفا وسري وئي ۽ جنهن ڏهاڙي اسان کي واپس تهران ڏانهن وڃڻو هيو ته اهو جمع جو ڏينهن هيو ۽ اسان فدڪ ٽرين جو خيال دل مان ڪڍي مختلف اڏن تي ڪنهن بس ڪوسٽر يان يان وري تهران تائين باء ايئر جهاز جي لاء پئي جاچ ڪئي ته هڪ اڏي تي هڪ عورت چيو ته اوهان تهران مان ڪاڏي ويندئو ته اسان کيس جهاز جي واپسي واري ٽڪيٽ ڏيکاري ته اسان کي تهران کان ڪراچي جهاز ۾ وڃڻو آهي سو جيڪڏهن ڪا سواري بس ڪوسٽر ڪار جهاز هجي ته اتي ٽائيم سان پهچائي ته ان عورت اسان جي جهاز جي ٽڪيٽ ڏسي چيو ته تهران تائين فدڪ ٽرين ۾ ويندئو اسان کي ٻيو ڇا پيو گهرجي جو نه چئون سو هڪ ئي آواز ۾ چيوسين ته ها فدڪ ٽرين ۾ وينداسين ۽ ائين اسان هڪٻئي ڏي هڪ عجيب خوشي مان ڏسڻ لڳاسين ۽ جاويد ڀاء چيو ته ڏس خالد مون تون کي چيو هيو نه ته اسان جنهن پاڪ هستي جا مهمان آهيون اهو اسان کي ڪڏهن به مايوس ٿيڻ نه ڏيندو ۽ اسان جون سڀ جائز خواهشون پوريون ڪندو ۽ ڏس جنهن فدڪ ٽرين جي سفر لاء اسان کي هر جاء تان جواب مليو هيو ۽ اسان ان ڪري ان ٽرين ۾ سفر جي خواهش دل مان ئي ڪڍي ڇڏي هئي ۽ ڪنهن ٻئي قسم جي سواري لاء ڪوششون پئي ڪيون ان فدڪ ٽرين جي سفر جي لاء خود دعوت ملي آهي سو اسان هڪدم ها ڪئيسين ۽ ان وقت 11 جو ٽائيم هيو ۽ ٽرين جو ٽائيم سوا هڪ بجي هيو سو ٽرين جون 2 سيٽون پاڪستاني 13 هزارن ۾ بوڪ ڪرايوسين ۽ ٽڪيٽ کڻي سڌو هوٽل تي آياسين ۽ ڪار ڪرائي سڌو اسٽيشن تي آياسين ۽ دل سان مڃيوسين ته الله پاڪ جا محبوب بزرگ هستيون واقعي پنهنجي زائرين کي ڪڏهن به مايوس ناهن ڪندا ۽ سندن سڀ جائز حاجتون پوريون ڪندا آهن ائين اسان جڏهن مشهد ريلوي اسٽيشن پهتاسين ته ريلوي اسٽيشن ڪنهن ايئرپورٽ کان گهٽ نه پئي لڳي بهترين صفائي فل ايئرڪنڊيشن ويهڻ لاء جديد ڪرسيون موجود هيون ۽ ٽرين پوري ٽائيم تي هلي ٽرين ۾ هرهڪ ڊٻي اڳيان مسافرن کي گائيڊ ڪرڻ لاء مايون مرد بيٺل هيا اسان جو دٻو ستون نمبر هيو اتي هڪ ڇوڪري بيٺل هئي جنهن اسان جون ٽڪيٽون ڏسي دٻي ۾ ويهاريو ڊٻي اندر ڪيبن نموني چار چار مسافرن جي لاء روم ٺهيل هيا جيڪي فلي ايئرڪنڊيشن هيا آراده سيٽون سيٽن مٿان سليپر هيا ۽ هر مسافر جي لاء هڪ پيڪيٽ ۾ ٽوٿ پيسٽ ڏندن جو برش هينڊ فري ۽ وارن جو ڪنگهو پيل هيو جڏهن ته ٽرين ۾ پائڻ لاء پيرن جا پاتا ڪور به هرهڪ جي لاء الڳ الڳ پيل هيا ۽ هرهڪ لاء بيگ پيل هيا جنهن ۾ سمهڻ لاء سوڙ چادر ۽ وهاڻو ڪور سميت موجود هيو ۽ منرل واٽر جون بوتلون پڻ اڳ ئي موجود هيون اسان سان گڏ هڪ عراقي 70 سالن جو جهونو ۽ هڪ انڊين نوجوان ڪيبن ۾ گڏ هيا ٿوري دير بعد ساڳي ڇوڪري جنهن کي هوائي جهاز جي ايئرهوسٽس واري ڊريس پاتل هئي اها آئي ۽ چيائين ته قهوو پيئندو يان زعفران وارو شربت اسان قهوو پيتوسين اڌ ڪلاڪ رکي وري ڇوڪري آئي ۽ اسان کي کائڻ لاء پيزا برگر وغيره ڏئي وئي جيڪو ڏاڍو لذيذ هيو ۽ مٿان وري بوتل به گڏ ڏنائين ائين سفرڪندي سج لهي ويو ته وري قهوو کڻي آئي ۽ وري اڌ ڪلاڪ رکي رات جي ماني چانور چڪن وغيره کڻي آئي رات جي ماني کائي اسان سيٽ کي سليپر ٺاهي سمهي پياسين ته تقرين رات جو 11 وڳي ساڳي ڇوڪري آئي ۽ اسان کي اٿاري چيائين ته تهران اسٽيشن اچڻ واري آهي اوهان تياري ڪريو ۽ ائين اسان مشهد کان تقريبن يارهن ڪلاڪن جي سفر ۾ تهران پهچي وياسين۔
