انسانيت جو قتلام روڪيو

انسانيت جو قتلام روڪيو

قاسم خاصخيلي
   ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي تہ هڪ انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل هوندو آھي پر ان تي عمل ڪرڻ وري اسان جھڙن گهٽ عقل وارن انسانن لاءِ شايد لازم ئي ناهي رهيو، ڇو جو هت هر روز ڪنهن نہ ڪنهن شھر ڳوٺ واهڻ وستي مان انسانن جي قتل جو خبرون عام جام ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، جن تي اسان نہ رڳو وقتي طور ڏک جو اظھار ڪري ڪو مذمتي بيان يا ڪو هڪ اڌ رسمي طور مظاهرو ڪري فرض پورو سمجهون ٿا ۽ وري ڪنهن ٻئي انسان جي قتل ٿيڻ جي شايد انتظار ۾ هٿ تي هٿ ڏئي ويھي ٿا رهون، پر اسان دل من سان ڪڏهن ان ڳالھ تي غور ڪيو آھي تہ انسان ذات جي روز روز ٿيندڙ ھن قتل عام تي ڇا ڪيو آھي يا ان کي روڪڻ لاءِ اسان ڀلا  عملي طور تي ڪھڙو ڪم ڪيو آھي يا ڪھڙا قدم کنيا آھن، شايد ڪڏهن بہ ان تي سوچڻ جي اسان ڪوشش بہ نہ ڪئي هوندي ڇو تہ اسان لاءِ جيڪو چيو ويندو آھي تہ اسان مرده پرست قوم آھيون شايد اهو ئي سچ آھي جو اسان هڪ مرده پرست قوم ئي آھيون جو هر ايندڙ ڏينهن ٿيندڙ ناحق انساني قتل عام تي ڪو بہ عملي طرح ڪم ناهيون ڪري سگهيا هتي جيڪي انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ٺاهيل اين جي اوز آھن يا انسان دوست تنظيمون آھن انهن جو ظاهري طور تي تہ ڪو بہ ڪردار نظر نٿو اچي سياسي جماعتن ۾ بہ ڪڏهن ڪو انسان دوست ليڊر پئدا ناهي ٿي سگهيو ۽ وري جيڪڏهن مذھبي بنيادن تي ڳولينداسين تہ ڪافي مذھبي ڌريون آھن جن انسان ذات جي لاءِ ڪڏهن ڪنهن موقعي تي آواز اٿاريو بہ هوندو ۽ پنهنجي مذھبي ميڙاڪن ۾ بہ انسان ذات جي ڀلائي ۽ بچاء لاءِ پيغام ڏنا هوندا پر سوال وري بہ اهو ٿو پئدا ٿئي تہ حقيقي معني ۾ انسان ذات جي بهتري ۽ ڀلائي انسان ذات جي قتل عام کي روڪڻ لاءِ ڪنهن ڪيترو پاڻ پتوڙيو آھي يا جدوجهد ڪئي آھي، اهو ڪٿي بہ نظر نٿو اچي، اگر اسان جي قوم جا سڀئي ادارا جماعتون ۽ باشعور فرد ملي هڪ قوم بنجي ويڇا وساري صرف انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن ۽ انسانيت جو پيغام عام ڪرڻ لاءِ پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪري انسان ذات جي لاءِ اهي ڪم ڪن جنهن سان پيار محبتن ۽ سهپ رواداري جو ماحول جڙي سگهي، ان ماحول سان بہ شايد ڪنهن بيگناھ جو رت وهڻ کان بچي سگهي ٿو، قبيلائي جهڙن ذاتي معاملن ۾ ٿيندڙ اڻبڻت کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان لوڪل سطح تي ننڍا ننڍا ڪم ڪري جهيڙيندڙ ڌرين کي آماده ڪري انهن کي پاڻ ۾ ويجهو ڪرڻ ۾ عملي طور ميدان تي لھي پئون تہ جيئن انسانيت جي روز بروز ٿيندڙ قتل عام کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگهي، ان کان علاوه انسان ذات جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ ملڪ خاص طور سنڌ جو سڀ سماجي تنظيمون سوشل ذھنيت جا باشعور ماڻھو انسان دوست آفيسر زميندار ڪاروباري ماڻهو استاد شاگرد ۽ سول سوسائٽي جي هر طبقي جي ماڻھن کي هڪ عهد ڪري انسان ذات جي بچاء لاءِ ڪم ڪرڻ کي اوليت ڏيڻ گهرجي جنهن سان پڻ انسان ذات جي قتلام روڪڻ ۾ ڪافي فرق اچي سگهي ٿو، ان کان علاوه ڳوٺاڻي ماحول کي بہ وري جيارڻ گهرجي، راتين جو اوطاق ڪلچر کي هٿي ڏياري اتي ويجهي وارن علائقن جي مختلف برادرين جي ڳوٺاڻن جون اوطاق ڪچھريون ٻيھر عام ڪرڻ گهرجن جنهن سان پاڻ ۾ ميل جول سان محبتن وارو ماحول جڙي سگهي ٿو نفرتن کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي سرڪاري سطح تي ٿيندڙ ڪنهن جي ڪمن ۾ انهن سائلن جو ساٿ ڏيڻ سان به هڪ احساس جو رشتو جڙي سگهي ٿو، ان ڪري اسان مان هر هڪ کي صرف انسان ذات جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ سوچڻ گهرجي ذات پات رنگ نسل فرقن جي نفرتن سميت جهيڙن جھٽن کان آجي سنڌ لاءِ پنهنجي دل ۾ درد پئدا ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي اگر ڪو غير آھي ان کي پنهنجو بہ محبتن سان ڪري سگهجي ٿو اگر ڪو ڪاوڙيل آھي تہ ان کان معافي وٺڻ ۾ تڪڙ ڪرڻ سان بہ نفرتن جو ٻج ساڙي سگهجي ٿو جيڪڏهن ڪو پاڙيسري ڪنهن مسئلي ۾ ڦاٿل آھي تہ ان جي مدد ڪري پيار وڌائي سگهجن ٿا ڪو مٽ مائٽ ڪنهن بہ ڳالھ جي ڪري ناراض آھي تہ ان کي پرچائڻ سان پنهنجي عزتن ۾ وڌارو ڪري سگهجي ٿو جيڪڏهن ڏٺو وڃي تہ ٿوري ٿوري ڳالهين تي اسان هڪ ٻئي کان ناراض رهنداسين ڪنهن زمين جي تڪرار، ڪنهن پلاٽ جي مسئلي ڪنهن پاران اجائي سجائي ڳالھ يا ننڍڙي ناجائزي ڪرڻ تي بنا سوچ سمجھ جي اگر هٿيار هٿ ۾ کڻنداسين ۽ برداشت نہ ڪنداسين تہ يقينن هڪ طرف ڪنهن انسان جو رت تہ وهائينداسين پر ٻئي طرف پنهنجو بہ نقصان ڪنداسين جنهن لاءِ ڪيترن ئي اهڙن جھيڙن يا انساني جانين جي نقصان جا حوالا ڏئي سگهجن ٿا جن جي ڪري هزارين نہ بلڪہ لکين زندگيون تباھ و برباد ٿي چڪيون آھن ڪيتريون ئي اسان جون نياڻيون بيواھ ٿي ويون ڪيترين ئي امڙين جون جهوليون خالي ٿي ويون ڪيترائي صغير معصوم ٻارڙا پنهنجي پيءُ ماءُ جي پرورش کان محروم بنجي ويا ڪيترا ڳڀرو ننڍين ڳالهين تي بيگناھ قتل ٿي ويا ڪيترا سنڌ جا جوڌا جيلن جي سلاخن پويان زندگيون ختم ڪري جوانيون ڳاري ويا ڪيترا اسان جا ماڻھو ميرن پيرن جاگيردارن هٿان استعمال ٿي برادري دشمنين جي ور چڙھي ويا جيڪڏهن انهن سڀني ڳالهين جو نقصان ٿيو تہ صرف انسان ذات کي ٿيو جيڪو ڪنهن بہ صورت ۾ نہ ٿيڻ گهرجي ها پر اڃان بہ وقت آھي اسان اک پٽيون تہ پنهنجي مستقبل کي مرده پرست قوم جي ٺپي کان ٻاهر ڪڍي سگهون ٿا انسان ذات جي بهتري ڀلائي لاءِ گهڻو ڪجھ ڪري سگهون ٿا بس رڳو ايترو ايمان سان سوچيون تہ جن ڳالهين يا شين جي ڪري اسان ماڻھو ماريون ٿا ٻين هٿان استعمال ٿيون ٿا ڇا اهي اسان کي ڪڏهن ڪم آيا آھن، نہ اهي ڪڏهن بہ ڪم نہ ايندا، هت اهي زمينون جائدادون مال فصل پلاٽ گهر پئسا صرف انسانن لاءِ اکين جو ڍؤ تہ ٿي سگهن ٿا پر اهي سڀ شيون انسان جي لاءِ وفادار ڪڏهن بہ ناهن ٿينديون ڇو تہ انسان فنا ٿيڻو آھي هي سڀ شيون اتي رهنديون ڪا بہ گڏ ڪانہ هلندي ان ڪري اچو تہ نفرتن کي ڇڏي
محبتن جا ميلا مچائجن سنڌ کي امن پيار جو هڪ اهڙو ڳوٺ بنائجي جتي گيت خوشيون جمالا هجن تہ جيئن سنڌ جي شاندار ماضي وانگر سنڌ جو مستقبل بہ دنيا آڏو مثالي بنائي سگهجي

پهنجو تبصرو موڪليو