ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
امر ڀڳت ڪنور رام جي مرتيي کي اڌ صديءَ کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي . هن سنگيتڪارن جي سردار تي انهي عرصي دوران ايترو نه لکيو ويو آهي ، جيترو غالباََ سنڌ ۽ هند جي ٻئي ڪنهن سنگيت ڪار تي لکيو ويو آهي . شري شامداس پهريون ليکڪ هو جنهن 1941ع ۾ ڪتاب لکيو ،1957ع ۾ تيرٿ بنست ۽ 1964 ع ۾ تلسيداس تلريجا جن معياري ڪتاب لکيا . تازو ڪنيا لعل تلريجا جيڪو قلمي پورهيو ڪيو آهي ، ان جو ته مثال ئي ڪونهي .ڀڳت ڪنور رام 1885 ۾ ڄائو ۽ نومبر 1939 ع ۾ ، 54 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين .1939ع کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين مٿس ڪيترا مقالا لکيا ويا ، اخبارن رسالن ايڊيٽوريل لکيا ۽ شاعرن ڪلام چيا . سندس سوانح نگارن هن جي حياتي جي هر روپ تي لکيو آهي ،
بلڪ خوب لکيو آهي . انهيءَ تي مواد اٿلائڻ مان هر ڪو آساني سان اندازو لڳائي سگهي ٿو ته ڀڳت ڪنور رام اهو امر انسان هو ، جنهن کي جيڪڏهن سنڌي ماڻهپي جو مظهر رکي انسانن جو دلدار سچو سنت ۽ ڀلارو ڀڳت چئجي ته ڪو به وڌاءُ ڪونه ٿيندو . راءِ ڏياچ ساز ، سر ۽ آواز تي سر ڏنو پر ڀڳت ڪنور رام ساز وڄائي ۽ سر ٻڌائي پاڻ سر ڏنو هو . يعني راءِ ڏياچ به پاڻ ٿيو ته منڱتو به پاڻ ٿيو. ڀڳت ڪنور رام جي درويشي ۽ انساني دوستي جون ڳالهيون اڄ به ماڻهو وڏي واڪ ٻڌائن ٿا . هو ذات پات جي مت ڀيد کان تمام گهڻو مٿي هئو . هو انسان دوست هئو ، ان ڪري دين ڌرم جا ويڇا وساري ڇڏيا هيائين . مسلمانن جي مدد ڪرڻ ۾ به گهڻن مسلمانن کان اڳرو هو . هو عجب انسان هو ، جڏهن به ڪنهن ڏانهن چٺي چپاٽي لکندو هو ته نالي کان اڳ اوهان جو داس ضرور لکندو هو . دنيا کان اهڙي ته دل کنيل هئس جو شادي جي موقعي تي جيڪي لٽا ڪپڙا تحفي ۾ مليس سي ڏياريءَ جي ڏينهن تي غريبن کي ڏئي ڇڏيائين . ڪو سوالي وڙهي پوندو هئس ته پرڀاتي پل ڀريندو هئس . هن سادي ۽ سچي ماڻهو پاڻ کي اهڙي طرح ته عام ماڻهن جهڙو ڪيو ، جو اڪثر ڪري اوپرا ۽ اڻ ڏٺل ماڻهو کيس سڃاڻي به ڪونه سگهندا هئا ۽ کانئس اچي پڇندا هئا ته ڀڳت ڪنور رام ڪٿي آهي ؟ ساڻس ملڻو آهي .حقيقت اها آهي ته اوپرا ماڻهو ته ڇا پر کيس پنهنجن به ڪونه سڃاتو . سچ پچ ته سنڌين کيس ڪونه سڃاتو جي سڃاڻنس ها ته ائين نه ماريو وڃي ها . منهنجي خيال ۾ امر ڀڳت انهن عظيم انسانن مان هڪ هئو ، جيڪي پاڻ ماري کي زندھ ڪندا آهن ، جيڪي قوم مان هوندا آهن ، قوم لاءِ هوندا آهن ، پر قوم هنن جي ويري بڻجي پوندي آهي . اهو انساني تاريخ الميو رهيو آهي .ڀڳت ڪنور رام جي حياتي ۽ خدمتن تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ کان علاوه هڪ اهم موضوع ٻيو آهي ، جنهن تي گهٽ لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي . اهو موضوع ۽ مسئلو هي آهي ته ڀڳت ڪنور رام ڇو ماريو ويو ۽ سندس ڏوھ ڪهڙو هو؟ حقيقت هي آهي ته سنڌ ۾ هندو ۽ مسلمان جڏهن جڏهن هڪ سڪي جا ٻه پاسا ٿي رهيا تڏهن دنيا وارن سنڌ ۽ سنڌين کي کوٽو سڪو ڪو نه ڄاتو . مذهبي رواداري ۽ انسان دوستي سنڌ جو خمير ۽ ضمير رهيو آهي . هن ڌرتي تي هندو ۽ مسلمان جڏهن به کير کنڊ ٿي رهيا آهن تڏهن دنيا سندن قدر ڪيو آهي . انگريزن جي ابتدائي دور بلڪ خلافت تحريڪ جي خاتمي تائين سنڌ جي سمورن سپوتن ايڪي ۽ اتحاد پيار ۽ ڀائيچاري جا مثال قائم ڪيا انگريزن جي چرچ تي تنهن زماني ۾ چرچ مشن سوسائٽي اسلام خلاف ڪتاب ڇپرائڻ شروع ڪيا ته هندن به هن ناپاڪ تحريڪ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. شري لالچند امر ڏني مل انهي ڪري ئي محمَد رسو ل الله صه نالي ڪتاب لکيو . سنڌ جي ڪيترن غير مسلم ليکڪن جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا ، جن اسلام ، اسلامي تعليم ۽ تاريخ تي مثالي ڪم ڪيو . ليلارام وطڻمل کان وٺي ڊاڪٽر گربخشاڻي تائين ليکڪن جا اڻ ڳڻيا ڪتاب موجود آهن جن ۾ قرآن حديث ۽ تصوف تي بهتر نموني سان لکيو ويو آهي . سنڌ جي ڪيترن مسلمان ليکڪن اهڙي ريت هندو ڌرم ۽ ان جي پوئلڳن جي حق ۾ لکيو آهي . صدين کان وٺي سنڌ جي هندو توڙي مسلمانن جا زيارت گاھ ۽ احترام جون گاديون ساڳيون رهيو آهن ، مذهبي ڪٽر پڻو هتان ڪڏهن به نه گذريو آهي .انگريز سرڪار نه فقط سنڌ جي مذهبي رواداري ۽ انسان دوستي جي روايتن کي پنهنجي لاءِ ڪنڊو ڄاتو ، پر هي ڳالهه به نوٽ ڪيائون ته ننڍي کنڊ جي سموري سياست جو ذهن سنڌ مان فراهم ٿئي ٿو . جڏهن ڪانگريس ٿي جُڙي ته ان جي پهرين گڏجاڻي ۾ سنڌي موجود آهن ، جيڪڏهن مسلم ليگ قائم ٿئي ته به اڳواڻي سنڌين کي ملي ٿي .هنن جتي سيٺ هرچند راءِ وشنداس کي ڏٺو اتي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي به نظرآين . انگريزن ڏٺو ته جليانه والا باغ جو ڪيس ٿيو ته سنڌ جا هندو توڙي مسلمان اسپيشل ٽرين ڪرائي پنجابين جي دلداري ۽ مدد ڪرڻ ويا . انگريزن ڏٺو ته سندن سرڪار خلاف پهريون عدم تعاون نالي فيصلو سنڌ ۾ ٿيو ، نه فقط فيصلو ٿيو ، پر سنڌين انهي تي عمل به ڪري ڏيکاريو . خلافت تحريڪ ، هجرت تحريڪ ۽ عدم تعاون واري تحريڪ ۾ هندو مسلم اتفاق ۽ اتحاد ڏسي انگريزن جون ننڊون ڦٽي ويون . پوِءِ اسان کي انهن جي نظر کائي وئي. هنن ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو واري حڪمت عملي اختيار ڪئي . اسان جي وڏڙن مان ڪيترا هندو توڙي مسلمان هنن جي ڳالهين ۾ اچي ويا . ڏسندي ڏسندي رهبري ۽ رهنمائي ڪندڙ قوم پاڻ کي ٻين جو مريد بڻائي ويٺي . اسان جي وڏڙن پنهنجون ڏاڙهيون ۽ چوٽيون ٻين جي هٿن ۾ ڏنيون ، پنهنجا ۽ پنهنجي گهر جا مسئلا ٻين کي نبيرڻ لاءِ ڏنا . سنڌ جي بمبئي کان علحدگي جو مسئلو هجي يا سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي ڳالهه هجي ، هر موقعي تي اسان جي وڏڙن ڌارين کي پڪاريو ۽ ٻين کان مدد پني ۽ غيرن کي گهر جا اڱڻ ڏيکاريا . نتيجو اهو نڪتو ته سنڌ سياسي تجربي گاھ جي صورت اختيار ڪئي ۽ اسان جا اڳواڻ سنڌ ۽ سنڌين جي آواز بدران ٻين جي زبان بڻجي ويا . هنن ٻين لاءِ ٻوليو ۽ ٻين هنن کي پنهنجي مطلبن لاءِ اشارن تي نچايو . تنهن دور جي هندو توڙي مسلمانن اهڙي ئي ناعاقبت انديشي جو مظاهرو ڪيو . سنڌ جي تاريخ انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿي ته نه ته شُڌي تحريڪ سنڌ جي سرزمين جي پيداوار هئي ۽ زمين نه وري انجمن حمايت الا سلام جي بنياد ئي ڪو سنڌ ۾ پيو . سنڌين پنهنجي عقل تي پاڻ پٽيون ٻڌي الائي ڪيترن مذهبي ۽ سياسي تنظيمن جون شاخون سنڌ ۾ کوليون . سنڌ ۾ انهن جون شاخون کليون ، ڄڻ پوٽيون ڏاڏين کي ماري ويون . ڏاچي هڻي ڏھ ته توڏو هڻي تيرهن واري ڳالهه ٿي پئي . ننڍي کنڊ ۾ هندن ۽ مسلمانن جتي پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ شروع ڪئي ، اسان جي وڏڙن اکيون ٻوٽي ان جو ٻوٽو سنڌ ۾ پوکيو .سنڌ جي هندو توڙي مسلمانن جڏهن اڳواڻي ڇڏي پوئلڳي اختيار ڪئي ته اسان جي سياست مذهب ۾ بدلجي وئي ۽ مذهب خواھ ڌرم ڪٽرپڻي جو نالو ٿي پيو . ان کانپوءِ انيڪ قهري ڪيس ٿيا ، قدرن کي پائمال ڪيو ويو ، اصولن جون اکيون ڪڍيون ۽ نظرين کي پيرن هيٺان لتاڙيو ويو . صديون اڳ سنڌ ۾ وحشتپڻي جو اهڙو دور آيو ته مسلمانن قرآن شريف وچ تي آڻي ٺاھ ڪري شاھ عنايت کي شهيد ڪيو . انگريزن جي دور ۾ وحشتپڻي جو اهو دور آيو جو ڀڳت ڪنور رام جهڙا ڪونڌر ڪٺا ويا ۽ سنڌ ۾ هندو مسلم فساد ٿيا .ڀڳت ڪنور رام کانپوءِ هاسارام پمناڻي ۽ الله بخش سومري جي شهادت ٽيئي سياسي قتل هئا . آڱرين تي ڳڻڻ جيترن سنڌ جي باشعور هندو توڙي مسلمانن هنن حادثن ۽ سانحن کان سنڌ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر وقت جي وير وهي چڪي هئي . ماڻهن جي اکين ۽ عقل تي پٽيون ٻڌجي چڪيون هيون . ان دور جي هڪ هندو شاعر کيئلداس فاني جون دانهون ته ٻڌو ! چئي ٿو : مسلمان توکي نبي جو قسم ، نبي پاڪ جي بندگي جو قسم, هندو توکي راڌا پتي جو قسم ، اکنڊ آرتي استتي جو قسم سڄڻ ساڻ رھ سڪ سلوڪت رکي ، نه ڪر درشٽ کي پرشٽ غيرت رکي .اهڙي ريت ان دور جي هڪ مسلمان شاعر جو آواز ٻڌو . چئي ٿو : وطن آھ مشڪل ۾ مشڪل کي ٽار ، مسلمان هندو جو ويڇو وسار،سدا ديس جو گهڻگهرو ٿي گذار ، مسلمان هندو جو ويڇو وسار. ڀڳت ڪنور رام نالي ڀڳت ۽ ٺلهو سنت ڪونه هو . هو صحيح معنيٰ ۾ انسان دوست ديش ڀڳت هو . هن هندو ۽ مسلمان کي هڪ نظر سان ڏٺو . هر ڪنهن سان ڳالهايائين ته هٿ جوڙي . هن ۾ ماڻهپو ته هو پر وڏائي ڪانه هئي . هو محسوس ڪري چڪو هو ته جنهن انسان جي هو خدمت ڪري رهيو آهي ان جي حيثيت ۽ عظميت خطري ۾ آهي . هو جنهن امن ۽ سڪون قائم ڪرڻ جا جتن ڪري رهيو آهي انهي خلا ف ڪات ڪهاڙا کنيا پيا وڃن .هن عظيم انسان جو روح تڙپڻ لڳو هو . هو هنڌين ماڳين ڳائيندو رهيو ته ڪيئن پرچايان توکي ، ڇير چمڪايان يا گهنگهرو پايان . پر تنهن دور جا هندو توڙي مسلمان پرچڻ وارا ته هئائي ڪٿي !شايد اهو محسوس ڪندي سندس اندر واري انسان ڪانگن کان پڇڻ شروع ڪيو: آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه ، مون سان پنهنجي ماروئڙن جي پر مارو ته ٻين جي ڏٽن تي لڳي چڪا هئا . هنن اهي ڪن ئي ڪپائي ڇڏيان هئا .جن سان حق ۽ سچ ٻڌي سگهبو آهي . 11 آڪٽوبر 1937 ع تي سکر ۾ ظفر علي خان تقرير ڪري ٿو ۽ ٻاهران اچي سکر واسي مسلمانن کي ٻڌائي ٿو وڃي ته مسجد منزل گاھ مسلمانن کي ملڻ گهرجي نه ته ٻي صورت ۾ تحريڪ هلائجي . ان کان پوءِ اها تحريڪ هلي ٿي . ساڳيو ئي قربدار سنڌ کان ٻاهر انهي سلسلي ۾ وڏا جلسا ڪندو رهي ٿو ۽ هندستان جي ڏھ ڪروڙ مسلمان کي هن مسئلي تي سول نافرماني ڪرڻ جي تائيد ڪندو رهيو . سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪانفرنس جي موقعي تي شير بنگال فضل الحق تي ظاهر ڪيو ويو ته سنڌ جا هندو اسان وٽ ذمي طور آهن . جيڪڏهن مسلمانن سان ٻين پرڳين ۾ هندن چڱو برتاءُ نه ڪيو ته اسين سنڌ جي هندن کي ستائينداسين اهڙي ريت هندو سڀا ۽ ڊاڪٽر ملجئي سکر جي هندن کي چيو ته اوهان سان جيڪي اهنج آهن تن جي ياداشت ڏيو ته اسين مسلمانن کان هندو گهڻائي وارن پرڳڻين ۾ وير وٺون .ايئن اهڙي ريت سنڌ ۽ ماڻهپي کي قرباني جو ٻڪر ٻڻايو ويو . ان لاءِ سکر جي چونڊ ڪئي وئي ۽ مسجد منزل گاھ جو مسئلو اڀاريو ويو . 18 آگسٽ 1939 ع تي سڄي سنڌ ۾ يوم منزل گاھ مسجد ملهايو ويو ساڳئي عرصي دوران مولوي عبدالرحيم کي ماريو ويو . حالتن جي ستم ظريفي هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته مسجد منزل گاھ واري ستياگرھ ۽ ڀڳت ڪنور رام جي شهادت جا ٻئي واقعا ساڳئي ڏينهن تي ٿيا . ان کان پوءِ هن تحريڪ 141 مسلمانن کي اجل جو شڪار بڻايو . 164 گهر سڙيا ۽ 467 گهر لٽيا ويا . ڀڳت ڪنور رام ان کانپوءِ نفرتن جي ان باھ جو شڪار ٿي ويو . هن مسڪين فنڪار سنت ۽ انسان دوست انسان کي تعصب جي اڏيءَ تي قتل ڪيو ويو . ڀڳت ڪنور رام جو رت اڄ به سندس ڳايل گيتن مان ٻاهر اچي ٿو ۽ باشعور ماڻهن جي روح ڏانهن ريلو ڪري ٿو.
