اسرائيلي فوج جي مسجد الاقصيٰ ۾ ٻيهر ڪارروائي

غزه(ويب ڊيسڪ)جنگبندي جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ، اسرائيلي فورسز مسجد الاقصيٰ جي  صحن ۾ وري آپريشن ڪيوعرب ميڊيا موجب ، مسجد اقصيٰ ۾ هزارين عبادت ڪندڙ جمعي جي نماز کانپوءِ جنگبندي جو جشن منائي رهيا هئا ته اسرائيلي فورسز انهن تي حملو ڪيو.اسرائيلي فورسز فلسطينين تي ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ ربڙ جي گوليون فائر ڪيون.مقامي ميڊيا موجب ، اسرائيلي فورسز جي ڪارروائي ۾ ڪيترائي فلسطيني زخمي ٿي پيا جڏهن ته مسجد جي صحن ۾  ڀڳ ڌڙ مچي وئي.عرب ميڊيا موجب ، اسرائيلي عملدارن صحافين تي پڻ تشدد ڪيو.اهو ياد رکڻ گهرجي ته 11 ڏينهن جي حملن ۽ خونريزيءَ بعد اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ جنگبندي طئي ٿي وئي ، جنهن کانپوءِ غزه ۽ ٻين مقبوضه  فلسطيني علائقن ۾ جشن ملهايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو