ليکڪ ڊاڪٽر امداد سهتو
راڳ ڳائڻ انساني اظهار جو سڀ کان قديم ۽ قدرتي هڪ فن آهي جنهن مان هر عمر، ثقافت ۽ صلاحيتن جا ماڻهو لطف اندوز ٿي سگهن ٿا. ھڪ فنڪار يا ڳائڻو اهو آهي جيڪو بهتر ڳائڻ پسند ڪندو آهي. ڳائڻ ئي سندن زندگيءَ جو اهم حصو آهي. اهو پنهنجي آواز ۽ پاڻ کي پنهنجن احساسن جو اظهار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي. موسيقي سندن زندگي جو هڪ وڏو حصو آهي، ۽ هو ان کي ڳائڻ ۽ ان سان گڏ ٻڌڻ ۾ لطف ماڻيندا آهن .
ڪجهه ڳائڻ وارا تربيت يافته استاد به ھوندا آھن، جيڪي ڪيترن ئي مختلف اندازن ۾ ڳائي سگهن ٿا. انھن ۾ ڪلاسيڪل ميوزڪ، اوپيرا، پاپ يا راڪ وغيره ڳائڻ وارا هوندا آھن. ڪجھه ڳائڻا رڳو موسيقيءَ جي ھڪڙي انداز کي ڳائيندا آھن. انھن مان اڪثر ڳائڻن کي ٻين ماڻهن لاءِ پرفارم ڪرڻ ۾ مزو ايندو آھي. اهي سامعين جي سامهون ڳائي ماحول ۾ خاشو سحر آڻيندا آھن. ڪجھه ڳائڻا ته پنهنجي شاعري به لکندا آهن. سچ ته گائڪي جذبات کي ظاهر ڪرڻ جو هڪ بهترين طريقو آهي. جنھن جي ذريعي ھو ٻڌندڙن کي به پنهنجي جذبات ۾ حصيدار بڻائي ڇڏيندو آھي. اھڙن گائڪن ۾ آواز جو جادوگر فقير شوڪت علي به ھڪ آھي.
کيس جڏھن مون پھريون ڀيرو ٻڌو ھئو ته مونکي “نيل ڊونالڊ والش” جا لفظ ياد اچي ويا ته “ڳائڻ دماغ کي دل سان ۽ دل کي روح سان ڳنڍي ٿو”. سو مونکي سندس آواز جي سحر به دماغ کان لھندي لھندي دل ۽ پوءِ روح ڳنڍي ڇڏيو. جيئن ڀٽائي سرڪار چيو آهي ته:
”تانُ نه آهي تَندُ جو، رُون رُون ڪري رازُ؛
ھَڻَندَڙَ سَندا ھَٿَڙا، سَڀِڪو چئي سازُ؛
سَٽَ ڏيئِي شَھِبازُ، ته ٿوڪُ پِرائِيين. “
انھن ئي ڏينھن ۾ ڪجھه وقت کان پوءِ ساڻس لوڪ ورثه ميلي ۾ اسلام آباد ۾ روبرو ملاقات ٿي. مان جيترو وقت به ساڻس ويٺس ته ھن جي چپن تان مرڪ جا پوپٽ خوشيء جي رنگن سان اڏرندي ڏٺم. ان کانپوء ڏيٺ ويٺ جو سلسلو شروع ٿي ويو. فقير شوڪت کي مون اڪثر ڏٺو آھي تہ ھو بنا ڪنھن لوڀ لالچ جي فيس بُڪ يا مختلف ڪتابن، رسالن مان شاعري چونڊي پنھنجي ڌن ۾ ڳائيندو رھيو آھي.
ھن منھنجا به ٻه غزل جڏھن ڳايا ته مونکي مخلتف دوستن جون فونون ۽ ميسيج آيا ته فنڪار جي قيمت ڇاھي، مون کين ٻڌايو تہ سندس قيمت معياري شاعريء کان علاوہ ڪجھ به ناھي. سڀئي حيران و پريشان ھئا ته ڇا ھن نفسا نفسي جي دور ۾ اھڙا ماڻھو به آھن؟
سندس ڪارڪردگي حيرت انگيز آھي جنھن سان ھن عالمي ليول تي پنھنجو نالو اجاڳر ڪيو آھي ۽ ھو پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. ھو جڏھن ڳائيندو آھي ته سندس موسيقي ماضي جي يادن ڏانھن ٻيهر وٺي ويندي آھي ۽ وساريل وقت جي ڇولين کي واپس ۽ اسان جي ذھن جي سمنڊ ڏانھن موٽائي آڻيندو آھي.
ھن جي آواز ۾ عجيب ساحري آهي، جيڪو ڪنھن نشي جيان ڏکايل دلين کي مدھوش ڪري ڇڏيندو آھي. ھن ۾ ھڪ پاڻ وڻائيندڙ جذبو آھي جيڪو ھو پنهنجي گائڪيءَ ۾ آڻي ٿو. هن وٽ هڪ منفرد ڳائڻ جو انداز ۽ آواز جي حد ناقابل اعتماد آهي، جيڪو ڪافي فنڪارن کان نرالو آھي ۽ انھيء انداز ۽ آواز سان محفل / سامعين کي جھومائي ڇڏيندو آھي. اھڙي ڪيفيت مد نظر رکي، آخر ۾ شيخ اياز جون سٽون حاضر آهن:
اچو اچو!
نچو نچو!
تمام ڪائنات رقصِ جام ۾ رچي وئي
سرود و ساز جي صدا ڪلام ۾ رچي وئي
حياتِ مختصر خيالِ خام ۾ رچي وئي
شباب جي عظيم انتقام ۾ رچي وئي
اچو اچو!
نچو نچو!










