آمريڪي سفارتخاني تي حملو، ٽرمپ جي ايران کي ڌمڪي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عراق ۾ آمريڪي سفارتخاني تي حملي جو ايران کي ذميوار قرار ڏيندي ڌمڪي ڏني آهي ته تهران کي ان حملي جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. 2 ڏينهن اڳ آمريڪي فورسز عراق ۾ مقامي مليشيا ڪتائب حزب الله جي ٺڪاڻن تي فضائي حملو ڪيو هو جنهن ۾ ڪيترائي ويڙهاڪ مارجي ۽ زخمي ٿيا هئا. ان حملن جي رد عمل ۾ گذريل ڏينهن عراقي دارالحڪومت ۾ سون جي تعداد ۾ مظاهرين آمريڪي سفارتخاني تي حملو ڪري ٽوڙ ڦوڙ ڪئي ۽ سفارتخاني کي نقصان پهچايو. آمريڪي سفارتخاني تي حملي جي ردعمل ۾ ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جو ذميوار مڪمل طور ايران آهي ۽ ان کي ان جي وڏي قيمت چڪائڻي پوندي. ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته اها ڳالهه نه پر ڌمڪي آهي ان سان گڏ آمريڪي صدر نئين سال جون مبارڪون پڻ ڏنيون. آمريڪي صدر پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته عراق ۾ آمريڪي سفارتخانو محفوظ آهي ۽ رهندو اسان جا ڪيترائي فوجي انتهائي خطرناڪ هٿيارن سان گڏ فوري طور عراق پهچي چڪا آهن. ٽرمپ فوري فوجين جي مقرري جي درخواست منظور ڪرڻ تي عراقي صدر ۽ وزيراعظم جو به شڪريو ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو