آمريڪي اهلڪار جي تبصري سان سيپيڪ تي ڪو اثر نه پوندو، قريشي

ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪي سفارتڪار جي سيپيڪ بابت موقف کي رد ڪريون ٿا ۽ ان جي تبصري جو منصوبي تي ڪو اثر نه پوندو. اهڙو اظهار هن ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا بابت پرڏيهي کاتي جي نائب وزير ايلس ويلز چيو هو ته پاڪستان کي سيپيڪ سبب ڀوڳڻو پوندو ڇو ته قرضن جي ادائگي تي دٻاءُ پوندو. اصل فائدو چين کي ٿيندو، پاڪستان جا سڌارا متاثر ٿيندا ۽ پرڏيهي قرض وڌي ويندا. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان تي ڪل پرڏيهي قرض 74 ارب ڊالر آهي جنهن ۾ سيپيڪ جو رڳو 4.9 ارب ڊالر آهي جيڪو 7 سيڪڙو آهي ۽ ان سان ڪو فرق نه پوندو ۽ منصوبو جاري رهندو. اهڙو بيان گذريل ڏينهن اسد عمر ۽ آچر تي صبح جو وزيراعظم جي اطلاعات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ به ڏنو جنهن جي ڪجهه دير بعد پرڏيهي وزير به ساڳيو بيان ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو