آصف ۽ بلاول کي نيب جاچ لاءِ 29 مئي تي طلبي ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب راولپنڊي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي ڌار ڌار ڪيسن ۾ جدا جدا پيش ٿيڻ لاءِ 29 مئي تي طلب ڪيو آهي. ذريعن موجب آصف علي زرداري کي پاور پروجيڪٽ ۽ غيرقانوني ٺيڪن جي ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. آصف علي زرداري جو ٻنهي ڪيسز جي حوالي سان بيان رڪارڊ ڪيو ويندو، اُن کانسواءِ نيب راولپنڊي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي به زمين جي خريداري واري جي پي اوپل ڪمپني ڪيس ۾ 29 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو