سمير ساگر قريشي
آزادي ھر انسان جو بنيادي حق آھي ۽ آزاديءَ جا ڪيترا ئي قسم آھن. ھر انسان لاءِ آزادي ڪيتري حد تائين ممڪن ۽ گهربل آهي. ان سڀ نقطن تي نظر وجھڻ کان پھرين شايد اسان کي آزاديءَ جي تعريف کي سمجهڻ گهرجي. آزادي هڪ اھڙو اصطلاح آهي جيڪو ڪيترن ئي معنائن ۾ استعمال ٿيندو آهي. ھر ماڻھو پنھنجي مفاد مطابق ان لفظ کي استعمال ڪندو آھي. منهنجو خيال آهي ته لفظن کي فرضي معنائن ۾ استعمال ڪرڻ سٺو عمل نه آهي. لغت ۾ لفظ ’آزادي‘ جي معنيٰ آهي خودمختياري، رهائي ۽ غلامي آزاديءَ جو متضاد آهي. آزادي هڪ اهڙو مفھوم آهي جنهن کان سڀ انسان واقف آهن. ۽ آزاديءَ سان انساني دلچسپي ڪا نئين ڳالهه ناهي. تاريخ شاهد آهي ته انسان جي آزاديءَ سان وابستگي سرمائيداري يا سوشلزم جي جديد سوچ جو نتيجو نه آهي. پر انساني فطرت ۾ ئي آزادي جي محبت موجود آهي ۽ اهو تاريخ جي هر دور ۾ ڏسي سگهجي ٿو. انسان جي ڪهاڻي پاڻ کي آزاد ڪرائڻ ۽ آزاد ٿيڻ جي جدوجهد ۾ ئي ختم ٿئي ٿي. بهرحال، فڪري اختلافن سبب آزاديءَ جي مقصد ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي طريقن ۾ فرق اچي سگھي ٿو. ايسيتائين جو آزاديءَ جي باري ۾ ڪي خيال به ماڻهن کي غلاميءَ جي انتها ڏانهن وٺي ويندا آهن!
آزاديءَ سان وابستگيءَ جو سبب انسان ۾ فطري طور موجود آهي. ھميشه انسان پنهنجي ارادي کي پورو ڪرڻ لاء ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ چاھيندو آھي ۽ انهيءَ ڪري هو آزادي چاهي ٿو. جيئن انسان پنهنجي عضون جي ناڪارا ٿيڻ کي ناپسند ڪندو آھي تيئن هو فطري طور پنهنجي مرضيءَ جي مطابق ڪم نه ٿيڻ کي ناپسند ڪندو آهي. بهرحال، شروع کان ئي انسان اهو سمجهندو رهيو آهي ته منظم سماج ۾ رهندڙ عام ماڻهوءَ کي مڪمل ۽ لامحدود آزادي نه هئڻ گهرجي. ڇو ته هر فرد جي مڪمل آزادي سماج ۾ رھندڙ ٻين ماڻهن جي آزادي کي ختم ڪري ڇڏيندي آھي. اهڙي ريت سماج جو نظام درهم برهم ٿي ويندو آھي. انسان کي پنهنجي حصي جي آزادي تڏهن ئي ملي سگهي ٿي، جڏهن هر ماڻهو ٻين جي آزادي ۾ مداخلت کان پاسو ڪري. ان لاءِ هن کي پنهنجي آزاديءَ کي ڪجهه حد تائين محدود ڪرڻو پوندو آهي، ۽ اهڙيءَ طرح سماج ۾ ڪي اصول ٺاهيا ويندا آهن، جن جي ذريعي سماج ۾ نظم و ضبط قائم ٿيندو آهي.
تاريخ ۾ ڏٺو ويو آھي دنيا ۾ آزاديءَ جي نالي تي انسان ذات کي وڏيون ازيئتون پھتيون آھن. پنھنجي پيارن جي قرباني، گھر مان بي گھر ٿيڻ. ھر انسان ڪھڙي نه ڪھڙي طريقي سان آزادي حاصل ڪرڻ چاھي ٿي جنھن ۾ ڳالهائڻ جي آزادي، اظھار خيال جي آزادي، جبر کان آزادي، ذھني توڙي جسماني غلامي کان آزاد شامل آھن. پر ھن وقت ڪيتريون ئي تنظيمون نوجوان نسل کي آزاديءَ جي نالي تي خواب ڏيکاري انھن کي غلط ۽ غير قانوني رستن تي لاھڻ ۾ مصروف آھن. جنھن سان نه صرف نوجوان کي جسماني طور تي نقصان رسي ٿو پر انھن جي ذاتي زندگين ۽ ذھني ڪيفيت تي ان جو وڏو اثر پئي ٿو. خاص طور تي دنيا کان ناواقف نئين نسل کي ان مان وڏو نقصان رسيو آھي. آزادي جي نالي تي ھلندڙ تنظيمن کي آزاديءَ سان ڪابه دلچسپي نه آھي پر انھن کي صرف پنھنجي ذاتي زندگين کي سکيو رکڻ لاءِ ٻين جي زندگين سان کيڏڻو پئي ٿو. ايتري تائين جو پنھنجي مفادن کي پورو ڪرڻ لاء نوجوانن کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو وڃو ٿو ۽ انھن جي زندگين جو نذرانو پيش ڪيو وڃي ٿو. نوجوان نسل کي اھو سمجھڻ جي ضرورت آھي ته دنيا صرف مفاد پرست آھي انھن کي توھانجي آزادي ۾ به دلچسپي ناهي. آزادي حاصل ڪرڻ سڀ کان پھرين پنھنجي خواهش کان آزادي حاصل ڪرڻي پوندي آھي.
