آخر ڪيبورڊ جي هيٺان ’پير‘ ڇو هوندا آهن؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)جيڪڏهن توهان هر روز ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر استعمال ڪندا آهيو، توهان کي هر روز ڪيبورڊ ڏسندا آهيو پر ڇا توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته ڪيبورڊ جي هيٺان ’پير‘ ڇو هوندا آهن؟ ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ هن ڪي بورڊ فوٽ کان واقف هوندا، پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ان جو مقصد ڇا آهي؟ ان کي ڪيبورڊ اسٽينڊ سڏيو ويندو آهي ۽ اڪثر ماڻهن جو خيال آهي ته ان جو مقصد ڪيبورڊ جي توازن کي بهتر ڪرڻ آهي.پر اهو خيال غلط آهي ۽ اهي اسٽينڊ ڪيبورڊ جي ڪارڪردگي کي به بهتر نٿا ڪن، انهن جو هڪ تمام منفرد مقصد آهي.حقيقت ۾ هن خصوصيت جو مقصد توهان جي مدد ڪن آهي جئين ڪيبورڊ وڌيڪ آساني سان استعمال ڪري سگهو اسٽينڊ کولڻ سان ڪيبورڊ تي ٽائپ ڪرڻ وارن ماڻهن لاءِ ڪيبورڊ ڏسڻ ۾ آساني ٿئي ٿي، پر ان کي بند رکڻ سان گهڻو فرق نٿو پوي.ماهرن موجب اسٽينڊ کانسواءِ ڪي بورڊ استعمال ڪرڻ بهتر آهي ڇو ته ان تي ٽائپ ڪرڻ سان کلائي تي دٻاءُ نه وڌندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو