ليکڪ گلشن سنڌو
الله پاڪ جي ذات ھن ڪائنات جي ھر شي ۾ ھڪ جمال رکيو آھي فطرت جي رنگن جي انڊلٺي خوبصورتي اسان جي وجود ۾ جڏھن واسجي وڃي ٿي تہ چوءڏس سرور سندي سازندي وانگر چھچٽو ۽ چوٻول محسوس ڪندي اسان ھن دنيا جي سونھن سندي لاٽ ۾ پاڻ کي نہ صرف جَرڪندي محسوس ڪيون ٿا بلڪه انھيء لاٽ جي پيچرن تي جيون جو سفر سڻائو محسوس ڪيون ٿا ھر شي ۾ ھڪ ڪشش سندس خوبصورت ھجڻ جو اھڃاڻ آھي. خدا تعاليٰ جي ھن تخليق ڪيل ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق “عورت” آھي ۽ عورت وري اھا تخليق آھي جيڪا تخليقڪار پڻ آھي جيڪا خدا جي حڪم سان مرد کي جنم ڏيئي ٿي عورت ماءُ آھي عورت ڀيڻ آھي زال آھي ھڪ وفا شعار ‘ شاھڪار ھستي آھي سندس حوصلو ‘صبر ساراھ جوڳا ۽ سندس محبت وفائن جو اعليٰ مثال آھي پر اھا عورت ھميشہ کان ظلم جبر جي ھيٺ انصاف لاءِ ريھون ۽ دانھون ڪندي ازل کان پنھنجي مڃتا ۽ وجود جو احساس ڏيارڻ لاء ھن اڻڀي سماج ۾ خوشين جي تلاش ۾ ريتن رسمن جي پھڻ ۾ پير پٿون ڪندي رھي ٿي اھا عورت جنھن کي اسلام پورا حق ڏنا آھن تہ ھر معاملي ۾ عورت جي رضا ۽ راءِ پڻ پڇي وڃي قرآن شريف عورت جي حقن جي حفاظت جو حڪم ڏنو آھي ايتري قدر قرآن جون سورتون سورة النساء ۽ سورة مريم ۾ عورتن جي حيا ڪردار ۽ حقن جو ذڪر آيل آھي قانوني طرح عورت ورھاست جي حقدار آھي ھر شعبي ۾ پاڻ مڃائي ٿي ان جي باوجود ساڻس ويساھ گھاتي ڪئي وڃي ٿي گھر کان ٻاھر نڪرڻ کان وٺي ڪنھن خاص مقصد جي ڳولا ۽ حاصلات ۾ کيس ڪيتريون نہ سختيون سَھِڻيُون پون ٿيون ھن ڪڌي سماج جي ڪڌين رسمن جي وَر چڙھيل بنتِ ھوا پنھنجن حقن جي حاصلات لاء اڄ بہ ساڳي ھنڌ بيٺل نظر اچي ٿي روئندي ۽ رڙندي کيس ڪي وقت گذري ويا آھن.
عورت صنف نازڪ ھجڻ باوجود بہ مرد کان وڌيڪ مضبوط آھي سندس حوصلا ھماليہ جي چوٽين وانگر پختا ۽ اَٽل آھن ۽ مرد جنھن جي سوچ ڪنھن مختصر دائري ۾ حرڪت ڪري ٿي تہ “عورت مرد جي برابري نہ ٿي ڪري سگھي” پر آءُ سمجھان ٿي تہ برابري تہ پري پر عورت وٽ خداد صلاحيتون ۽ ڳُڻ ايترا آھن جو ھوء مرد کان بہ اڳتي نڪري سگھي ٿي سندس ڳُڻ ڳَڻڻ کان پاسيرا آھن عورت نہ مرد کان ھروڀرو برتري چاھيندي آھي نہ مرد کي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندي آھي نہ مرد مٿان رعب ۽ دٻدٻي سان حاوي ٿيڻ چاھيندي آھي عورت تہ صرف ايترو چاھي ٿي تہ ان کي بہ انسان سمجھيو وڃي ھر معاملي ۾ سندس راء ۽ راضپي جو بہ خيال رکيو وڃي عورت ازل کان ڏکن ڏوجھڙن سورن جي رِپَ ھيٺان چيڀاٽجي وڃي ٿي ڪٿي تہ اُٺُ ڪتابن جو پڙھيل مرد ۽ ڊائيس تي بيھي عورتن جي حقن لاء پيپر پڙھندڙ جڏھن گھر پھچن ٿا تہ قول ۽ فعل ۾ تضاد ڏيکاريندي عورت جي تذليل ڪندي کيس ڪنھن عام عورت وانگر غير اھم ۽ خسيس سمجھندي رعب دٻدٻي کي مردانگيء سان تشبيھ ڏين ٿا عورت جڏھن ڪُڇي ٿي يا پنھنجي زندگيء جي معاملن ۾ پنھنجي مرضي ڪري ٿي تہ ڪُوڙي ‘ بي صبري’بي شرم’ بد تميز’ نافرمان ۽ بدڪردار بہ سمجھي وڃي ٿي جھڳڙن جي نبيري جي فيصلن ۾ بہ عورتن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي گھڻن تعليمي ادارن دفترن ۾ عورتن کي حراسان ڪيو وڃي ٿو اگر واڪو ڪري ٿي تہ سندس وات تي تالا لڳائڻ جا جَتَنَ ڪيا وڃي. ھڪ تعليمي يافتہ عورت وڌيڪ ڀوڳي ٿي ڇوتہ ھوء صحيح غلط جي ڄاڻ رکي ٿي الا ڏاھي مَ ٿيان ‘ڏاھيون ڏک ڏسن وانگر ڏاھپ’ سياڻپ سندس لاء عذاب بنجي وڃي ٿي ننڍي عمر جا پرڻا’ بغير راضپي جي نڪاح’تعليم پِرائڻ ۾ رُڪاوٽون ‘گھريلو اڻبڻت ۾ قتل ٿيندڙ عورتون ‘سياسي ميدان ۾ حراسمينٽ جو شڪار ٿيندڙ ‘ڪارو ڪاريء جي ور چڙھيل جوان زندگيون’ ڏاج نہ ھجڻ سبب شاديون نہ ٿيڻ جا سوُر ڄڻ تہ عورتن کي ڏاج ۾ مليا آھن.
عورت ۽ تعليم ۾ رڪاوٽون
تعليم ھر انسان جو بنيادي حق آھي تعليم مان ملندڙ شعور انسان کي پنھنجي زندگيء جي معاملن ۾ درست فيصلن جي سگھ پيدا ڪري ٿو ھڪ طاقتور ڄاڻ جو خزانو ارپي ٿو علم جي اھميت جو اندازو قرآن ڪريم جي سورة العلق مان لڳائي سگھجي ٿو اسلام جتي مرد کي تعليم پرائڻ جو حق ڏنو آھي اتي عورت کي بہ برابري واري حيثيت ڏيندي علم حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني آھي پر پوء ڪٿي ڪٿي اڄ بہ عورتن کي تعليم جي زيور کان محروم رکيو وڃي ٿو اھو تصور ڪيو وڃي ٿو تہ پڙھيل ڇوڪريون خراب ٿي وينديون يا وري ڀڄي وينديون پر اصل ۾ مرد خوفزدہ ھوندو آھي تہ ڪٿي تعليم پرائي عورت پنھنجي حقن جي حاصلات لاء اسان جي سامھون نہ بيھي.
عورت ۽ گھريلو اڻبڻت
مرد عورت کي نڪاح جي صورت ۾ پنھنجو ڪندي پنھنجي گھر آڻي ٿو عورت نون رشتن سان نباہ لاء پاڻ کي بلڪل بدلائي ڇڏي ٿي ڇوتہ کيس خبر آھي تہ ھي ئي سندس گھر آھي کيس واپسي جو ڪو رستو نظر نہ ٿو اچي تہ مرد جون بي واجبيون سختيون برداشت ڪري ٿي پر ڪُڇي ڪين ٿي آخر ڪار ڪڏھن ماني دير سان پچائڻ ‘ڪڏھن پُٽُ پيدا نہ ڪرڻ جي ڏوھ ۾ مڙس کيس ماري ڇڏي ٿو عورت انصاف لاء آتا نيڻ ٻُوٽي ھن دنيا کي الوداع چئي ٿي
ورڪنگ وومين ۽ حراسمينٽ
عورت جتي پنھنجين صلاحيتن کي اُجاگر ڪري ٿي تہ پنھنجن جي مخالفت کان پوء سندس ئي فيلڊ جي پراون جون زيادتيون بہ کيس برداشت ڪرڻيون پون ٿيون ڪڏھن سندس سماجي خدمتن مان نقص ڪڍڻ ڪڏھن ذھني مونجھارن جوشڪار ڪرڻ ڪڏھن حراسان ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون پوء چاھي اھي سياست ۾ ھجن دفترن ۾ ھجن سماجيات ۾ ھجن يا ادب ۾ کڻي ڇونہ ھجن مطلب تہ ھر شعبي ۾ عورت پريشان ۽ ھيسيل نظر اچي ٿي
عورت ۽ڪارو ڪاريء جي رسم
ڪجھ رسمون انسانن جون پنھنجون ايجاد ڪيل آھن جنھن جو نقصان زندگين جو نقصان آھي ڪارو ڪاريء ۾ ڪڏھن عورت جو ڪو قصور بہ ناھي ھوندو تہ بي تُڪا فيصلا ڪري کيس ڪاري ڪري ماريو ويندو آھي زبردستي اغوا ٿيل نياڻيون جڏھن گھر واپس ورنديون آھن تہ بجاء ساڻن ھمدردي ڪرڻ جي’ انھن کي عجيب روين سان گھايو ويندو آھي ظلم بہ عورت سان ٿيندو آھي ۽ ظالم بہ وري ان کي ئي سمجھيو ويندو آھي.
عورت ۽ ڏاج جي رسم
ننڍپڻ کان ئي نياڻيء کي گھر ۾ اھو احساس ڏياريو ويندو آھي تہ ھوءَ ان گھر ۾ مھمان آھي ذري ذري ڳالھ تي کيس ياد ڏياريو ويندو آھي تہ ھي گھر تنھنجو ناھي جڏھن کيس پرڻايو ويندو آھي تہ اتي وري چيو ويندو آھي تہ پرائي گھر مان آئي آھي وري اسان جي گھر تي قبضو ٿي ڪري ڏاج نہ ملڻ سبب عورت جي سڄي زندگي طعنن طنقن جي زھر جا ڍُڪ پيئندي گذري ٿي. عورت ڏاڍي بھادر آھي زندگيء ۾ زيادتين باوجود حوصلن کي ھمسفر بنائيندي ايتريون سختيون سھي ٿي ھڪ نئين آس اميد جي سھاري پنھنجي ھمت کي ھموار رکي ٿي اھو سوچي ٿي تہ نيٺ رات جي ٻاٽ ختم ٿيندي خوشين جو ھڪ نئون اُجالو جنم وٺندو ۽ سندس زندگي زبُون حالت مان نڪري روشن راھ جي راھي ٿيندي.










