خاصخيلي لطيف راولاڻي
تاريخ جو مطالعو ڪرڻ کان پوء ڄاڻ ملي ٿي ته جڏھن ڌرتي تي زندگي جا آثار نمودار ٿيا ۔پاڻي ھوا ۽ مختلف گيسون وڻ ٽڻ پکي پکڻ دنيا جي گولي تي ساه کڻڻ لڳا ته ان سان گڏ حضرت انسان به چر ڦر شروع ڪئي ۽ اتان ئي انسان جي ارتقا جو عمل شروع ٿيو جيڪو پٿر جي دور کان شروع ٿي ڪري مختلف مرحلن مان گذرندو رھيو ۔جئين جئين انسان جي تخليق ٿيندي وئي تئين ئي انسان ڏاھپ جون به منزلون طي ڪندو اڳتي وڌندو رھيو ان وچ ۾ رڪاوٽون به پيدا ٿينديون رھيون جيڪوپڻ ارتقا جي عمل جو حصو ھو منفي ۽ مثبت سوچ به پروان چڙھڻ لڳي ۽ اھڙي ريت اھي سڀ عنصر وڌندا رھيا جو انسان وڃي چنڊ تي پھتو ۽ اتي پنھنجي ھجڻ جا چٽا ثبوت به کڻي آيو پر منفي سوچ ان کي اڄ ڏينھن تائين دل سان قبول نه ڪيو آھي ته ائين به ٿي سگھي ٿو جو انسان خدا جي ڳجھ ۾ ھٿ وجھي ۽ چنڊ تائين پھچي اھا منفي سوچ به زماني قديم کان موجوده سائنسي فڪري دور ۾ ھلندي ٿي اچي ان جو تدارڪ ۽ حل نڪري ڪونه ٿو سگھي ان کي جئين جو تئين ئي رھڻ ڏنو ويو آھي ۔سائنس سان گڏ علمي فڪري سومچ به جنم ورتو انھي ڊوڙ ۾ دنيا ۾ وڏا ناليوارا مفڪر فلسفي پيدا ٿيا ۽ پنھنجي ايامڪاري جي دوران ان جي تشريح به ڪيائون جنھن تي منفي سوچ رکندڙ ٽولي انھي فڪر فلسفي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۔۽ انھي کي مختلف نالن سان پڪاريو ويو جيڪو به ڏاھو ڪا نئين ڳالھ سوچ فڪر بيان ڪندو ھو ته ان کي ملحد ڦريل چئي ڪري ان جي تخليقي سوچ کي دٻايو ويندو ھو جيڪو عمل اڄ ڏينھن تائين جاري آھي ۔ڏاھپ کي ڏنگ ھنيا ويا آھن ان کي وڌڻ ويجھڻ نه ڏنو ويو آھي ۔سائنسي نظريا جديد طور طريقا دنيا ۾ رائج ٿي چڪا آھن اسان پٿر واري دور مان نڪري جديد دور ۾ داخل ٿي چڪا آھيون ۔پر ھر ھنڌ ھر پاسي منفي سوچ اڳيان اچي رستا روڪ ڪندي آھي جيڪو صدين کان رائج آھي ۔ڏاھپ جديد سائنسي علم آھي جنمفھن مان اسان کي زندگي گذارڻ ڄا طور طريقا ملن ٿا اسان کي رستو ملي ٿو ته ڪئين ھلجي ۔ھڪ طرف انساني شعوري سطح بلند ٿي آھي ته ٻئي پاسي اسين جديد علم شعور کي مڃڻ جي لاء تيار نه آھيون ۔شعوري ڳالھ ۽ پيغام کي رد ڪري ان کي وڌڻ کان روڪيو وڃي ٿو ۔خاص طور اڄڪلھ سوشل ميڊيا تي اھڙا بحث ۽ مڪالمه ٿيندا رھن ٿا ۔چند شعوري ماڻھن کان علاوه باقي سڀ انھي جديد علم کي رد ڪن ٿا واضح رھي ته اھي ئي ڏاھپ کي ڏنگ ھڻن ٿا ۔سوشل ميڊيا جيڪو اڄ جي دور جو تحقيقاتي فورم آھي ۔اتي ڏاھپ ۽ شعور کي نھايت بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آھي اھي منفي سوچ وارا انسان ڏاھپ کي وڌڻ ڪونه ٿا ڏين ۔پراڻي روايت برقرار رکندي ان عمل کي اڳتي وڌڻ کان روڪين ٿا جيڪا روايت قديم روم ۾ جاري ھئي ان کي ٻيھر جياريو پيو وڃيٻئي پاسي جڏھن انسان ادب ڏانھن وڌڻ شروع ڪيو پبليڪيشن جا ادارا قائم ٿيڻ لڳا ھر موضوع تي ڪتاب شايع ٿيڻ شروع تيا ۔اتي به اھي منفي سوچ وارا انسان ان شعوري ادب کي نظر انداز ڪرڻ لڳا ۽ ادبي دنيا به ٻن حصن ۾ ورھائجي وئي ۔ماڻھن ۾ سائنسي ۽ شعوري علم وڌڻ لڳو ۽ ڏاھا ماڻھو ان طرف راغب ٿيڻ لڳا ۔۽ انھن معاشري۾ رائج ٿيل پراڻين ريتن رسمن کي مدي خارج ڪري انھن جي خلاف لکڻ شروع ڪيو جيڪو ڪھاڻين ۽ ناولن جي ذريعي عام ماڻھن تائين پھچايو ويو۔انھي ڏس ۾ تمام گھڻا ڪتاب ۽ مواد شايع ٿيو آھي خاص طور تي روس ۾ ڪميونسٽ سوشلسٽ انقلاب کان پوء اھو ادب ڪافي پروان چڙھيو آھي پر ڏاھپ کي ھر دور ۾ ڏنگيو ويو ان کي وڌڻ واجھڻ ۾ رڪاوٽون وڌي ويون پر پومء به ان جو سفر اڃان جاري آھي مشھور مزاحمتي شاعر آتش سنڌي فرمايو آھي ۔قبل مسيح کان رومن جي تاريخ آ ڪر موڙيو۔وحشت دھشت قتل غاري اڄ به جاري آھي.










