امن لغاري
سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ جي تاريخ ۾ ڪيٽي بندر هڪ اهم نالو رهيو آهي. سنڌو درياهه جي ڇوڙ ۽ سنڌي سمنڊ جي ڪناري تي واقع هي علائقو جاگرافيائي لحاظ کان اهم هجڻ سان گڏ هتان جي ماڻهن جي تاريخ، ثقافت، روزگار ۽ زندگيءَ سان به گهرو تعلق رکي ٿو. صدين کان هن خطي جا ماڻهو درياهه، سمنڊ ۽ مڇيءَ سان لاڳاپيل زندگي گذاريندا آيا آهن. هتي پاڻي رڳو پيئڻ يا استعمال ڪرڻ جي شيءِ ناهي، پر اهو ماڻهن جي روزگار، سماجي رشتن ۽ ثقافتي سڃاڻپ جو بنياد آهي.
هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪيٽي بندر کي وڏي بندرگاهه ۽ معاشي منصوبي طور ترقي ڏيڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. سنڌ حڪومت جي بجيٽ 2026-27ع ۾ ڪيٽي بندر ميري ٽائيم، فشريز ۽ پيٽروليم اڪنامڪ ڪوريڊور جو ذڪر ڪيو ويو آهي. 16 آگسٽ 2026ع تي سنڌ جي وڏي وزير لاڳاپيل کاتي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) تحت منصوبي جي تفصيلي تجويز تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سرڪاري بيانن موجب، منصوبي ۾ هڪ کان اڍائي ارب ڊالرن تائين سيڙپڪاريءَ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فزيبلٽيءَ ۾ لڳ ڀڳ چار هزار ايڪڙ زمين جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي آهي. ان منصوبي ۾ جديد ماهيگيري بندرگاهه، سامونڊي شين جي پروسيسنگ، پيٽروليم ٽرمينلز، لاجسٽڪس ۽ صنعتي سهولتن جا تصور شامل آهن.
24 آگسٽ 2026ع تي چائنا هاربر انجنيئرنگ ڪمپنيءَ طرفان صدرِ مملڪت کي ڪيٽي بندر پورٽ جو تصوراتي ماسٽر پلان پيش ڪيو ويو. ان جي پهرئين مرحلي ۾ پنج سؤ ميٽر ڊگهي ڪوئي (Quay) واري ملٽي پرپز ٽرمينل جو تصور ڏنو ويو، جنهن جي ابتدائي انجنيئرنگ لاڳت جو تخمينو 522.34 ملين آمريڪي ڊالر ٻڌايو ويو. هتي اهو واضح رهڻ گهرجي ته اها ابتدائي تجويز ۽ تخمينو آهي، مڪمل ٿيل يا حتمي منظور ٿيل منصوبو نه. ان هوندي به سوال اهو آهي ته جڏهن اهڙي وڏي منصوبي جون تياريون ٿي رهيون آهن، تڏهن ان علائقي جي اصل رهواسين جي راءِ، خدشن ۽ مستقبل کي ڪيتري اهميت ڏني پئي وڃي؟
ڪيٽي بندر جي منصوبي بابت ڳالهيون اڄ کان شروع ناهن ٿيون. تاريخي حوالن موجب، 1996ع ۾ بينظير ڀٽو جي دور ۾ هن منصوبي جو افتتاح ڪيو ويو هو. 2007ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم شوڪت عزيز ڪيٽي بندر کي سنڌ جي ٽئين بندرگاهه طور ٻيهر بحال ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو. 2009ع ۾ منصوبي جي فزيبلٽي مطالعي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جي رقم رکڻ جي منظوري ڏني وئي. 2016ع ۾ سنڌ حڪومت ٿر جي ڪوئلي جي برآمد لاءِ ڪيٽي بندر تي بندرگاهه، ريلوي لنڪ ۽ اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني. جڏهن ته 2017ع ۾ سنڌ حڪومت هڪ بين الاقوامي صلاحڪارن جي ڪنسورشيم کي ريلوي لائين، پاور پلانٽ ۽ جيٽيءَ بابت فزيبلٽي مطالعي لاءِ مقرر ڪيو. انهن مختلف دورن جي اعلانن ۽ تجويزن باوجود اهو سوال برقرار رهيو ته هن خطي جي ماڻهن کي ڪهڙو فائدو ملندو ۽ سندن زمينن، وسيلن ۽ روزگار جو مستقبل ڇا ٿيندو؟ ان وقت به منصوبي کي سي پيڪ سان ڳنڍڻ جون ڳالهيون سامهون آيون هيون. انهن اعلانن کان پوءِ به اهو سوال برقرار رهيو ته هن خطي جي ماڻهن کي ڪهڙو فائدو ملندو ۽ سندن زمينن، وسيلن ۽ روزگار جو مستقبل ڇا ٿيندو؟
منهنجو تعلق ضلعي سجاول جي آخري يونين ڪائونسل، ڪڙملڪ سان آهي، جيڪا ساحلي پٽيءَ جو حصو آهي. هن خطي ۾ جاتي، شاهه بندر ۽ ڪيٽي بندر جا علائقا سماجي، معاشي ۽ جاگرافيائي طور هڪ ٻئي سان گهري نموني ڳنڍيل آهن. مان ادب جو شاگرد آهيان، پر منهنجي ڳڻتي رڳو هڪ شاگرد جي حيثيت سان ناهي. منهنجي خاندان جي زمين، گهر ۽ پيٽ گذر جو واسطو به انهيءَ ڌرتيءَ سان جڙيل آهي. جنهن زمين جي پيداوار سان منهنجي گهر جو چلهو ٻري ٿو ۽ منهنجي خاندان جي زندگيءَ جو گذر ٿئي ٿو، تنهن ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ڪنهن به وڏي تبديليءَ کان مان پاڻ کي لاتعلق ڪيئن رکي سگهان ٿو؟ ڪيٽي بندر ۾ ٿيندڙ ڪنهن به وڏي تبديليءَ جا اثر رڳو اتي تائين محدود نه رهندا، بلڪه ڀرپاسي جي ساحلي آبادين، خاص ڪري جاتي ۽ شاهه بندر تائين به پهچي سگهن ٿا. تنهنڪري منهنجي لاءِ هي سياسي بحث کان وڌيڪ پنهنجي ڌرتيءَ، خاندان ۽ مستقبل جو سوال آهي.
هتي بنيادي سوال زمين جي مالڪيءَ جو آهي. جيڪڏهن هزارين ايڪڙ زمين تي بندرگاهه، صنعتي زون، پيٽروليم ٽرمينل ۽ ٻيون سهولتون قائم ڪيون وڃن ٿيون ته انهن زمينن جي موجوده حيثيت ڇا هوندي؟ انهن تي آباد ماڻهن، هارين، مهاڻن ۽ ٻين مقامي رهواسين جي حقن جو ڇا ٿيندو؟ اهو به واضح ٿيڻ گهرجي ته انهن کي پنهنجي ئي علائقي ۾ فيصلن جو حصو بڻايو ويندو يا سندن مستقبل جا فيصلا بند ڪمرن ۾ ٿيندا. ترقيءَ جي نالي تي زمينن جي استعمال ۾ تبديلي آڻڻ کان اڳ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته مقامي ماڻهن جي ملڪيت، رهائش ۽ روزگار جو تحفظ ڪيئن ٿيندو.
ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم جا مثال به اسان جي سامهون آهن. اهي بندرگاهون ملڪ جي واپار ۽ معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، پر انهن جي چوڌاري رهندڙ مقامي ماڻهن کي ڪيترو معاشي فائدو مليو، اهو هڪ اهم سوال آهي. بندرگاهن جي ڪاروبار، ٺيڪن، نوڪرين ۽ انتظامي معاملن ۾ مقامي ماڻهن جي نمائندگي ڪيتري آهي؟ جيڪڏهن ڪيٽي بندر ۾ به اهڙو ئي وڏو منصوبو قائم ٿئي ٿو ته ڇا هتان جا مهاڻا، هاري ۽ مقامي نوجوان ان جي معاشي سرگرمين ۾ حقيقي حصيدار بڻجي سگهندا؟ يا وري هڪ ڀيرو ٻيهر وسيلن جي ڀرسان رهندڙ ماڻهو ئي انهن وسيلن مان محروم رهجي ويندا؟
گوادر جو تجربو به هن بحث ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. گوادر بندرگاهه جي ترقيءَ سان گڏ بلوچستان جي مقامي آباديءَ، خاص ڪري بلوچ مهاڻن ۽ رهواسين جا ڪيترائي خدشا ۽ مطالبا سامهون ايندا رهيا آهن. اتي پاڻيءَ جي فراهمي، روزگار، مقامي حقن ۽ وسيلن تي اختيار بابت سوال اٿاريا ويا آهن. گوادر جي صورتحال کي ڪيٽي بندر لاءِ هڪ تنبيهي مثال طور ڏسڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته وڏي ترقياتي منصوبي جي منصوبابندي ڪندي مقامي آباديءَ جي خدشن ۽ حقن کي نظرانداز ڪرڻ سان ڪيترائي سماجي مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.
ڪراچي ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي سڃاڻپ جو اهم مرڪز رهيو آهي. مان پاڻ هن وقت ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي ۾ هاسٽل ۾ رهندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي سڃاڻپ سبب اجنبيت جو احساس ٿيندو آهي. منهنجو مقصد ڪنهن کي ذميوار قرار ڏيڻ ناهي. مقصد رڳو اهو آهي ته ساحلي پٽيءَ جي مقامي ماڻهن کي ڪڏهن به پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اهڙي بي اختياريءَ جو احساس نه ٿئي.
ڪنهن به رياست ۽ عوام جو تعلق اعتماد تي قائم هوندو آهي. جڏهن مختلف دورن ۾ حڪومتي پاليسين، فيصلن ۽ عملن سبب عوام جو اعتماد ڪمزور ٿيندو وڃي، تڏهن رڳو نون منصوبن ۽ ترقياتي اعلانن سان اهو اعتماد ٻيهر حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو. سنڌ جي ماڻهن ۾ رياستي ادارن ۽ حڪومتي پاليسين بابت بي اعتمادي مختلف معاملن تي ظاهر ٿيندي رهي آهي. سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي ورڇ کان وٺي زمينن، وسيلن ۽ سامونڊي پٽيءَ جي اختيارن تائين ڪيترن ئي معاملن تي پيدا ٿيل خدشا ان بي اعتماديءَ کي وڌيڪ وڌائين ٿا. مثال طور، ڪئنالن جي منصوبن بابت سنڌ جي ماڻهن جا خدشا ۽ پاڻيءَ جي ورڇ بابت سوال اڃا موجود آهن. اهڙي صورتحال ۾ ڪيٽي بندر جهڙي وڏي منصوبي جو اعلان به پاڻمرادو اعتماد جو سبب نٿو بڻجي سگهي. جڏهن اڳوڻن معاملن بابت عوام جا خدشا اڃا برقرار آهن، تڏهن نئين منصوبي بابت اعتماد ڪيئن پيدا ٿيندو؟
هتي هڪ ٻيو بنيادي نقطو به اعتماد جو آهي. ڪنهن به فرد، اداري يا حڪومت جو هڪ ڪردار هوندو آهي، جيڪو سندس ماضيءَ جي عملن ۽ فيصلن مان ٺهندو آهي. ادب ۾ به ڪردار جي سڃاڻپ سندس دعوائن سان نه، پر سندس عملن سان ٿيندي آهي. جيڪڏهن ڪو ڪردار بار بار اهڙا عمل ڪري، جيڪي ماڻهن جي اعتماد کي نقصان پهچائين، ته سندس ڪيترائي سٺا ڪم به اڳوڻن تجربن سبب شڪ جي نظر سان ڏٺا ويندا آهن. حڪومتن سان به عوام جو تعلق ڪجهه اهڙو ئي هوندو آهي. سنڌ جي ماڻهن لاءِ مسئلو رڳو ڪيٽي بندر جي زمين جي مالڪي، روزگار يا معاوضيءَ جو ناهي، بلڪه ان حڪومت ۽ نظام تي اعتماد جو به آهي، جنهن کي اهي معاملا حوالي ڪرڻا آهن. ڪاغذن تي ضمانتون، معاهدا ۽ قانوني تحفظ پنهنجي جاءِ تي اهم آهن. ان هوندي به، جڏهن عوام جو اعتماد ئي ڪمزور هجي ته اهي ضمانتون ماڻهن جي خدشن کي مڪمل طور ختم نٿيون ڪري سگهن. اعتماد بيانن سان نه، پر عملي ڪردار سان پيدا ٿيندو آهي. حڪومت کي پنهنجي فيصلن ذريعي عوام کي يقين ڏيارڻو پوندو ته سندن حقن ۽ مفادن کي واقعي اهميت ڏني پئي وڃي.
ساحلي پٽيءَ جي رهواسين جو پاڻيءَ سان تعلق رڳو ضرورت يا روزگار تائين محدود ناهي، بلڪه اهو سندن سماجي زندگي، ثقافت ۽ وجود جو حصو آهي. اسان جو تعلق درياهه ۽ سمنڊ سان نسلن کان جڙيل آهي. پاڻيءَ جي اهميت اسان ڪنهن رپورٽ يا انگن اکرن کان وڌيڪ پنهنجي زندگيءَ جي تجربن مان سمجهون ٿا. اسان ڄاڻون ٿا ته پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ تبديلي، سامونڊي ماحول ۾ مداخلت ۽ صنعتي سرگرمين سبب پيدا ٿيندڙ گدلاڻ جا ڪهڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا. ڪراچيءَ جي ماحولياتي گدلاڻ ۽ سنڌو ڊيلٽا جي بگڙجندڙ صورتحال اسان جي سامهون موجود مثال آهن. سنڌو ڊيلٽا اڳ ئي مٺي پاڻيءَ جي گهٽتائي، سامونڊي چاڙهه، زمين جي ڪٽائي ۽ ٻين ماحولياتي دٻاءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي. ان جي حياتياتي تنوع، تمر جي ٻيلن، مڇيءَ ۽ سامونڊي جيوت بابت ڳڻتيون وڌي رهيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪيٽي بندر تي وڏي پيماني تي بندرگاهه، پيٽروليم ٽرمينل ۽ صنعتي سرگرميون شروع ٿين ٿيون ته سامونڊي پاڻي، مڇيءَ جي نسلن، مقامي جيوت ۽ ساحلي آبادين جي ماحول تي وڌيڪ دٻاءُ پوڻ جو خدشو آهي. اسان لاءِ اهو رڳو ماحولياتي مسئلو ناهي. اهو اسان جي روزگار، رهڻي ڪهڻي ۽ ايندڙ نسلن جي بقا جو سوال آهي.
منهنجي نظر ۾ سنڌ جي نوجوانن، شاگردن، اديبن ۽ استادن جو به هن معاملي ۾ اهم ڪردار آهي. تازو سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي منصوبن خلاف سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي شاگردن ۽ استادن کي گڏجي آواز اٿاريندي ڏٺو ويو. مختلف تعليمي ادارن مان شاگردن ۽ استادن جو ان مسئلي تي گڏيل موقف سامهون آيو. هاڻي اسان کي اميد آهي ته ساڳئي شعور، سنجيدگي ۽ گڏيل جذبي سان ڪيٽي بندر جي معاملي تي به آواز اٿاريو ويندو. ساحلي پٽيءَ جي رهواسين کان وٺي سڄي سنڌ جي نوجوانن، شاگردن، اديبن، استادن ۽ هر باشعور فرد کي گهرجي ته هو هن منصوبي بابت مقامي ماڻهن جي خدشن کي اجاگر ڪن ۽ سندن زمين، روزگار ۽ مستقبل بابت سوال اٿارين. اسان جو مقصد رڳو مخالفت ڪرڻ ناهي. اسان ساحلي پٽيءَ جي ماڻهن ۾ موجود بيچينيءَ کي اجاگر ڪرڻ ۽ سندن حقن بابت واضح ۽ گڏيل آواز پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا.
هتي مان پنهنجو موقف واضح ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته اسان ترقيءَ جا ڪڏهن به مخالف ناهيون. ڪنهن به علائقي ۾ تعليم، صحت، روزگار، روڊن، پاڻي ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي ترقيءَ جو حصو آهي. ساحلي پٽيءَ جي ماڻهن کي به بهتر زندگي، روزگار ۽ سهولتن جو حق آهي. ليڪن ترقيءَ جي نالي تي اهڙو منصوبو اڳتي وڌائڻ، جنهن بابت مقامي ماڻهن جا خدشا هجن ۽ جنهن کي هو پنهنجي ڌرتيءَ، ماحول ۽ مستقبل لاءِ خطرو سمجهن، سو رڳو سيڙپڪاريءَ جي انگن اکرن سان جائز نٿو بڻائي سگهجي. اسان جو موقف رڳو اهو ناهي ته ڪيٽي بندر جو منصوبو ڪجهه شرطن تحت شروع ڪيو وڃي. اسان جو موقف ان کان وڌيڪ واضح آهي: اسان کي هي منصوبو ئي قبول ناهي. اسان ان کي ڪنهن به شرط، معاوضي، روزگار جي ضمانت يا قانوني ڪاغذن جي بنياد تي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. اسان جو مطالبو منصوبي ۾ حصيداري يا بهتر شرطن جو نه، پر هن منصوبي کي اڳتي نه وڌائڻ جو آهي.
ڪيٽي بندر بابت بحث کي رڳو بندرگاهه، سيڙپڪاري ۽ واپار جي نظر سان نه ڏسڻ گهرجي. هي هڪ اهڙي ساحلي خطي جو معاملو آهي، جتي ماڻهن جون زندگيون زمين، درياهه، سمنڊ ۽ مڇيءَ سان ڳنڍيل آهن. جيڪڏهن انهن جي زندگيءَ جا بنياد ئي تبديل ٿي وڃن ته ترقيءَ جا وڏا وڏا انگ اکر انهن جي نقصان جو ازالو نٿا ڪري سگهن. تنهنڪري هن معاملي تي آواز اٿارڻ، سوال ڪرڻ ۽ مقامي ماڻهن جو موقف سامهون آڻڻ ضروري آهي.
آخر ۾ اصل سوال اهو ناهي ته ڪيٽي بندر ۾ ڪيترا ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيندي، ڪيترا ٽرمينل ٺهندا يا ڪيترا ڪلوميٽر رستا تعمير ٿيندا. اصل سوال اهو آهي ته جنهن ڌرتيءَ تي اهو منصوبو ٺهڻ جو تصور پيش ڪيو پيو وڃي، ان ڌرتيءَ جي ماڻهن جي مرضي ۽ مستقبل کي ڪيتري اهميت ڏني پئي وڃي. اسان لاءِ زمين رڳو ملڪيت جو ڪاغذ ناهي. اها سڃاڻپ، روزگار، ثقافت ۽ اجتماعي وجود جو حصو آهي. ساحلي پٽيءَ جي ماڻهن جي بيچينيءَ کي نظرانداز ڪري ڪنهن به منصوبي کي ترقيءَ جو نالو ڏيڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا.










