ڪرپشن ڪندڙ يا سهولت ڪار سڀ هٿيڪا ٿيندا

ڪرپشن ڪندڙ يا سهولت ڪار سڀ هٿيڪا ٿيندا

سيد زوار حسين شاه
جيڪڏهن ملڪي صورت حال تي نظر وجهنداسين ته ملڪ اندر عوام سان وڏيون وڏيون زيادتيون ٿين پيون ، ٽائون آفيسر جن کي ِوسيز يا تائون جي چارجز ڏين ٿا ، اهڙي ريت راڻيپور ٽائون ڪاميٽي جي ٽائون آفيسر سيد محب الله شاه راشدي جنهن هن وقت تائين مختلف ٽائون تي رهي لکين روپين جي ڪرپشن ڪرڻ جا الزام عائد آهن ، پوء ڪوڙ يا سچ ، برحال جڏهن اداره تحقيقات ڪندا ته معلوم ٿيندو ته سيد محب الله ساه راشدي ، تاج محمد ڪورائي ، علي گوهر ڦلپوٽو محمد هاشم ، غلام مرتضا جاگيراڻي ، ممتاز انڙ ڪرپشن ڪئي آهي يا نه ، جڏهن ته ڪڙو سچ اهو آهي ته انهن ڪامورن جي ٿيل ڪرپشن راڻيپور کي ته تباهه ڪري ڇڏيو آهي جيڪو اچي ٿو هٿ جي صفائي ڏيکاري پيسا ڪيو وڃي ، جنهن بعد ڪجهه وقت ته دوست واويلا ڪن ٿا پر پوء نيٺ اهو باب بند ٿيو وڃي ، مان سمجهان ٿو ته راڻيپور جي صورت حال اسان يج اڳيان آهي ، راڻيپور جي ڏهن ئي وارڊن م جهڙو حشر ٿيو آهي اهو به اسان جي اڳيان آهي ، ماڻهون درپدر آهن ، صفائي سٿرائي ۽ ڊرينيج جو سسٽم مڪمل تباهه آهي اهو ئي سبب آهي جو بارش ۽ نالين جو پاڻي ، راڻيپور جي مل هر محلي جنهن ۾ همدرد محلا ، حسيني محلا ، ڪچي آبادي عيسو لاکو ، احمد پور ، ملاح ، ميربحر محلا ، سچل ڪالوني ، حاجي رياضت ڪالوني ، ميان بخش علي ڪالوني ، شيخ ميمڻ محلا گورنمينٽ گرلس هاء اسڪول اي سي آفيسر ، گرونيمنٽ سچل ڪاليج ، بودلا محلا به پاڻي جي ليپٽ ۾ آهن ۽ نالين يج پاني بيهڻ جي ڪري خطرناڪ صورت حال پيدا ٿي وئي آهي ، جڏهن ته ڪرپٽ ٽائون آفيسر سيد ۾هب الله شاه سياسي طاقت رکڻ ڪري ڪنهن به شهري سماجي اڳواڻ ، مذهبي اڳواڻن جي ٻڌڻ لاء تيار ناهي ، هن شهر کي مڪمل برباد ڪيو آهي ، جتي پبلڪ هيلٿ جنهن جي به اها زميواري آهي ته بيٺل پاني ڪڌي ڪوهن ذريعي ، پر ٽائون انتظاميه ته هن حال ۾ پاني ڪڍڻ سان گڏ صفائي سٿرائي ۾ به ناڪام ويو آهي ، جڏهن ته ڊي سي خيرپور ، نور احمد سمون جي اچڻ ، بعد هن ٽائون آفيسر سيد محب الله شاه راشدي ، پبلڪ هيلٿ جي نااهلي بابت شجايتن جا انبار لڳا ، برحال ڪرپشن ڪندڙ نيٺ ته هٿيڪا ٿيندا ، جيڪڏهن پاڪستان سميت ٻين صوبن بالخصوص صوبه سنڌ جي ڳالهه ڪيون ته جهري طرح سنڌ جي مارئرڻ سان سياستدانن ، ڪرپٽ ڪامورن ملي ڀڳت ڪري لٽ مار مچائي ، عوام جي تذليل ڪئي اسان جي اڳيان آهي ، هڪ سياستدان ڇڏي ٻئي مٿان ڪرپشن جا مبينا الزام آهن ائين ئي هڪ آفيسر ڇڏي ٻئي مٿان ڪرپشن جا الزام عائد آهن . پوء ڪوڙ يا سچ ، ان لاء رياست پاڪستان جي انهن ادارن کي جن جي اها زميواري آهي ته جتي به جيڪو به ڪرپشن ڪري ، يا ن جو سهولتڪار هجي ان خلاف پاڪستان جي آئين قانون مطابق ڪيس داخل ٿيڻ گهرجن ۽ لٽيل دولت به واپس ورتي وڃي ، پر جيڪڏهن مان سنڌ صوبي جي ڳالهه ڪيان ته هت ته ظلم ناانصافي جي اها حد آهي ته سنڌ جا ماروئڙا جيڪي بارش دوران گهر ڪرڻ بعد ڪنهن روڊن، دڪانن جي ڇپر يا ڪنهن رستي تي ويهي ، الله سائين کان غيبي مدد گهرن پيا پر بد قسمتي سان اهي ڪرپٽ مافيه جا بي تاج بادشاه جن وڏي ٽيڪنڪ سان جعلي ملازم ڀرتي ڪري ، جعلي ڪانٽيجنسي جا بل ڄاهي ، پيٽرو ڊيزل آئل جي مد ۾ لکين روين جا بل ٺاهي من ماني ڪن پيا ، مان جيڪڏهن ضلعي خيرپور جي سڀ کان گهڻي مالدار ٽائون ڪاميٽي راڻيپور جي ئي ڳالهه ڪيان ته هت به ڪرپٽ مافيه گهٽ ناهي ڪئي منو ڪروڙ بجيٽ ، ڪروڙن جي ٽائون جي پنهنجي پراپرٽي ملڪيت ، رهائش ، سميت پراپرٽي سرٽيفڪيٽ ، ڄم سرٽيفڪيٽ ، ملڪيت جي داخله ، دڪانن جي مسواڙ سميت سبزي منڊي جنهن جو اڄ ڏينهن تائين آڪشن ناهي ٿيو ، جڏهن ته ٻيا به ڪيترائي ذريعا آهن چوڻ جو مقصد ته جيڪڏهن ايڏي مالدار ٽائون سدائين لکين روپيا خساري ۾ رهي ته پوء عوام کي رياست پاڪستان جي ادارن سنڌ جي وڏي وزير ان جي ساٿين کي پنهنجي پنهنجي تڪ جو حال وٺڻ گهرجي ته ڇا صورت حال آهي ،
ٽائون ڪاميٽي راڻيپور ۾ ڪيترائي آفيسر آيا جن پنهنجو زميواريون اهڙيون ته نڀايون جو ٽائون رٽائرڊ ملازم ، حاضر سروس ملازمن سماجي اڳواڻن ، سياسي مذهبي اڳواڻن ڪائونسلرن به انهن آفيسرن جي ڪرپشن جا داستان ٻڌايا آهن جيڪي اڄ به سوشل ميڊيا پرنٽ ميڊِيا ، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي موجود آهن جن کي عوام سدائين ياد رکندو
ٽائون آفيسر ممتاز انڙ ، ٽائون آفيرسر غلام مرتضا جاگيراڻي ، محمد هاشم ، تاج محمد ڪورائي ، جڏهن ته محمد پريل شاهاڻي ، ۽ سيد حبيب الله شاه راشدي مٿان به لکين روپين جي ڪرپشن جا مبينا الزام آهن ، پر ٽائون آفيسر سيد محب الله شاه راشدي جنهن راڻيپور جي شهر کي تباهه ڪيو بارش پوڻ کان پوء راڻيپور جا ڏهه ئي وارڊ نالين جي گندي پاني بارش جي پاڻي بيهڻ ڪري برباد ٿيو ، ايترو ظالم جو گند ڪچري جا ڍير اڄ به امام بارگاهن اڳيان پيا آهن شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي ته سيد محب الله شاه راشدي سياسي طاقت رکڻ ڪري ، ان ۾ هن وقت تائين ڪنهن اداري انڪوائري ڪري ٿيل ڪرپشن ٿيل عوام سان ڌوڪي دهي ٺڳي تي به نوٽيس ناهي ورتو ، جڏهن ته فرضي مڇر مار ڪري من پسند ڀوتارن جاگيردارن جي گهرن اوطاقن باٿ رومز ۾ به اسپري ڪرايا پر شهرين جي حال تي رحم نه آيو اٿس ، سيد محب الله شاه راشدي خلاف ماضي ۾ ٿيل احتجاج به رڪارڊ تي آهن ته محرم الحرام دوران بجلي روشني صفائي سٿرائي ۾ به تاريخي ڪوتاهي ڏيکاري آهي ، جڏهن ته هو مخلتف پرائيويٽ ماڻهن کان سوشل ميڊيا ستعمال ڪندڙن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش پيو ڪري ،
جيڪڏهن هن وقت جڏهن راڻيپور شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي هن وقت تائين ڳوٺ سالاري ، ڳوٺ علي آباد ، ڳوٺ واطڻي ، گانگهرا ڪلهورن جي گهرن کي تباهه ڪندڙ پاني گهرن ٻاهران زمينن تي بيٺو آهي ، ڪرپٽ ٽائون آفيسر سيد محب الله شاه راشدي جنهن تي جتي به نوڪري ڪئي اتي ڪرپشن جا الزام عائد ٿيا آهن جيڪڏهن هن ڪرپٽ آفيسرن پوء سيد محب الله شاه راشدي هجي يا سابق ٽائون آفيسر تاج محمد ڪورائي ، ممتاز انڙ هجي يا علي گوهر ، غلام مرتضا جاگيراڻي هجي يا محمد پريل شاهاڻي ، انهن خلاف عدالت سڳوري جا قابل احترام جج صاحبان في الفور نوٽيس وڄي راڻيپور ان جي عوام سان ٿيل تاريخي ظلم تي جيڪڏهن ڪرپشن انهن تي ثابت ٿئي ٿي ته انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ، جڏهن ته راڻيپور ۾ جعلي ملازم جيڪي 300 جي لڳ ڀڳ آهن جن جو ڪو خاص ڪردار ناهي ، لکين روپيا انهن جي پگهارن ۾ ڏيئي ٿو ، جڏهن ته ڪيترن ئي ملازمن جو پگهارون روڪي انهن جي گهرن ۾ فاقي ڪشي پيدا ڪري ٿو ، برحال ٽائون آفير محب الله ساه راشدي تي ڪڙي نظر رکي وڃي ، جهڙي شهرين احتجاج ڌرڻن ، ريلين ذريعي پيغام ڏنو آهي جلد هو فيول پگهارن جي مد ۾ جعلي ڪانٽيجنسي ، بارش متاثرين جي فنڊن م خردبرد ڪري فرار ٿي ويندو ، جڏهن ت سوشل ايڪتوسٽ ملازم به سيد محب الله شاه راشدي خلاف ڳالهيون ڪن پيا ، سنڌ جا ماروئڙا هن وقت به اکين مان لڙڪ هارين ٿا ، شهرين اکين مان لڙڪ هارين ٿا ۽ ميڊيا اڳيان اچي چون ٿا ته سيد محب الله شاه راشدي مڇر مار اسپري به من پسند ڀوتارن جاگيردارن وڏيرن جي درن تي وڃي ڪرايو پر راڻيپور جا ڪيترائي وارڊ اڄ به مڇرن ۽ ٽائون آفيسر ڪرپٽ سيد محب الله ساه جو مقابلو ڪن ٿا ،ڏسڻو اهو آهي ته هاڻ هن ٽائون راڻيپور مان گهڻن لکن کي ڪلهو ڏيئي فرار ٿيندو ،ان ڪري اڳ ئي اک وٽيو ، ڪرپٽ آفيسرن ۽ انهن جي سهولتڪارن تي به ڪڙي نظر رکو جن سدائين بهانا بڻائي عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽيو آهي هاڻ وڌيڪ لٽڻ نه ڏينداسين ، جڏهن ته سچل ڪالوني فيز ٽو ، پبلڪ هيلٿ ٽائون انتطاميه ٽائون آفيسر سيد محب الله شاه راشدي جي لاپرواهي سبب بارش ۽ نالين جو گندو پاني جيو هن ڪاولني ۾ 6 کان 8 ڦت ڪٿي 5 ڦٽ بيٺل هو ويهه ڏينهن گذرڻ باوجود بار بار احتجاج بعد به نه ڪڍيو سچل ڪاولني جي رهواسين چندو ڪري پنهنجي مدد پاڻ جهٽو گهرايو پاني ڪڍڻ جي ڪوشس ڪئي ، هڪ مزدور نوجوان سيد دلشاد شاه جي جهٽي ۾ ٻانهن ۽ ٽنگ اچڻ ڪري ٻئي ٽٽي پيون آهن هن وقت گمد اسپتال خادل آهي ، بشير احمد شبير ، ۽ بين چيو ته انهن خلاف اهڙي غفلت ڪرڻ خلاف قانوني ڪاروائي ڪنداسين ، برحال مان گذارش ڪيان ته جيڪڏهن راڻيپور کي بچائڻو آهي ته اهڙن ڪرپٽ آفيسن ڪرپٽ سياستدانن ، ڪرپٽ سهولتڪارن تي نظر رکني پوندي ، جيئن هڪ پيسي جي به ڪرپشن نه ٿئي ۽ راڻيپور کي خوبصورت بڻائجي

پهنجو تبصرو موڪليو