ڪامران اڪمل حمزه شهباز لاءِ دعاڳو

ڪامران اڪمل حمزه شهباز لاءِ دعاڳو

لاهور(اسپورٽس نيوز)قومي وڪيٽ ڪيپر ڪامران اڪمل به پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز جي ڪاميابي لاءِ دعا ڪئي. حمزا شهباز اڄ گورنر هائوس ۾ ٿيل تقريب ۾ پنجاب جي 21هين وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو.پنجاب جي وڏي وزير جي حلف برداري تقريب ۾ وفاقي وزيرن، پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن کان علاوه مريم نواز ۽ شريف خاندان جي ميمبرن به شرڪت ڪئي.قومي وڪيٽ ڪيپر ڪامران اڪمل حمزا شهباز جي حلف برداري جي تقريب جي حوالي سان هڪ ڪلپ به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو آهي.ڪامران اڪمل حمزه شهباز جي حلف برداري واري تقريب جي هڪ ڪلپ ٽوئيٽر تي شيئر ڪئي ۽ نئين وڏي وزير لاءِ دعائن ۽ دل جي ايموجيز ذريعي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو