ڪارونجهر سميت سنڌ جي وسيلن جو سوڌو نه تيڻ ڏبو

ڪارونجهر سميت سنڌ جي وسيلن جو سوڌو نه تيڻ ڏبو

وفا ولي محمد ڦل
 سنڌ جيڪا صدين کان وسيلن، محبتن، مهربان آغوش، تاريخي تهذيب ۽ فطري حسن جي سرزمين رهي آهي اڄ به پنهنجي وجود جي واٽ تي بيٺل آهي پر افسوس جو هن ڌرتيءَ جا وسيلا روزاني ڌاڙن، استحصالن ۽ لوڏن جي ور چڙهيل آهن خاص طور تي ٿرپارڪر جو ڪارونجهر جيڪو رڳو پهاڙ ناهي پر هڪ تاريخ، هڪ ساهه، هڪ سڃاڻپ ۽ هزارين سالن جي تهذيبن جو شاهڪار آهي تنهن تي اڄ به وسيلن جي لالچ ۾ هٿ وجهڻ جون ڪوششون جاري رکيو پيون وڃن تنهن هوندي به سنڌي قوم واضح ڪري چڪي آهي ته ڪارونجهر سميت سنڌ جي ڪنهن به وسيلن تي ڪو به ڌاريا حق نٿا رکن نه رکي سگهندا ۽ نه سنڌي قوم انهن ڌارين کي اجازت ڏيندي ڪارونجهر سنڌ جي لکين ماڻهن جو جذبو آهي هزارين ماڻهن جو عقيدو آهي وسيلن کان وڌيڪ تهذيب جي علامت آهي انهيءَ ڪري سنڌ جا قومپرست سياسي ڪارڪن سماجي اڳواڻ اديب شاعر ۽ نوجوان گڏجي اڄ به هڪ آواز ۾ چون ٿا ته سنڌ جي وسيلن جو سوڌو نه تيڻ ڏبو سندن هي آواز رڳو نعرو نه پر تاريخ جو فيصلو آهي ڪارونجهر جا اهي ڪورا پهاڙ جن ۾ صديون پراڻي تهذيب جو لوهه شامل آهي جتي راڻي رانوءَ جا داستان ٻيلو فقير جا منتر لوڪ روايتون ٿر جي پورهيت عورتن جي پازيبي ٺڪاءَ جي گونج ۽ لوڪ ڪلاڪار جي ڌمار گونجي ٿي انهن پهاڙن ۾ ڪنهن به هٿياربند مشين ڪرشر يا ڪمپني جي يلغار ڪا به سنڌي ماءُ قبول نه ڪندي ٿرپارڪر جي تاريخ ۾ ڪارونجهر هميشه محبت مزاحمت عظمت ۽ سچي سنڌيت جي علامت رهيو آهي ان ڪري جڏهن به ڪو ڌاريو اچي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ٿر جا پورهيت عورتون بزرگ ٻار ۽ نوجوان هڪ صف ۾ بيهي چون ٿا ته هي ڌرتي اسان جي آهي اسان جي سڃاڻپ آهي اسان جو ازل آهي اسان جو مستقبل آهي سنڌي قوم ۽ خاص طور تي سگا سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سدائين سنڌ جي حقن وسيلن ۽ مسئلن تي اڳڀري ٿي بيهي آهي سگا جا ڪارڪن شاخهون ۽ مرڪزي اڳواڻ هر دور ۾ انهن وقتن آواز بلند ڪندا رهيا آهن جڏهن سنڌ جي ڪنهن حق کي زبردستي کسيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ڪارونجهر جي معاملي تي به سگا اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ جي تاريخي ورثي تي ڪنهن به مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي سگا جا رڪن نوجوان ۽ سينيئر شخصيتون لکن سنڌين جي ترجماني ڪري رهيا آهن ۽ واضح ڪري چڪا آهن ته سنڌ جا وسيلا سنڌ واسين جا آهن انهن جو تحفظ هر سنڌيءَ جو قومي فرض آهي انهن کان علاوه سنڌ جا وڏا قومپرست ڌڙا ۽ پارٽيون جهڙوڪ جيئي سنڌ تحريڪ جيئي سنڌ قومي محاذ قومي  عوامي تحريڪ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي  جي يو آء ۽ ٻين تنظيمن به واضح ڪيو آهي ته سنڌ جي هر وسيلو سنڌي قوم جي ملڪيت آهي ۽ ڪنهن به قيمت تي ڪنهن ڌارئي قوت کي ان تي قبضو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي انهن جا ڪارڪن جڏهن ڪارونجهر پاسي مارچ ڪن ٿا انهن جي هٿن ۾ سنڌي پرچم هوندو آهي اکين ۾ جذبو سينن ۾ غيرت ۽ زبانن تي نعرا سنڌي ڌرتي ماتا ۽ ڪارونجهر جو سودو نامنظور هوندا آهن ڪارونجهر جي هر هڪ پٿر، هر هڪ وڻ، هر هڪ ڇيڻي ۽ هر ڪنڊ طبيعتن جي سڏ آهي جنهن کي مشينن سان چيرڻ ماحوليات تي حملو ئي نه پر سنڌ جي سڃاڻپ تي وار آهي ٿر جا رنباٽ راجپوت ڀيل ڪولهي محنت ڪش ۽ چرواها پنهنجو جيون ڪارونجهر جي ڇانوَ ۾ گذارين ٿا سندن لاءِ ڪارونجهر ڪنهن ڪمپني جي مشينن جي خوراڪ نه پر سندن ٻارن جو مستقبل آهي انهن جو آواز هر روز بلند ٿي رهيو آهي احتجاجون، پريس ڪانفرنسون، لانگ مارچ، سجاڳي مهمون ۽ سوشل ميڊيا مهمون چئي رهيون آهن ته سنڌ جا وسيلا سودي ۾ نه وڪامندا سنڌ جا اديب شاعر شاگرد دانشور ۽ صحافي به ڪارونجهر جي بچاءَ لاءِ قلم کڻي ويٺا آهن سنڌي ادب ۾ ڪارونجهر جي عظمت جو ذڪر صديون پراڻو آهي ان لاءِ جڏهن ڪو ان تي قبضو ڪرڻ ٿو چاهي ته اديبن جا لفظ تلوار بڻجي وڃن ٿا شاعرن جي شاعري ڌارين جي لوڀ کي بي نقاب ڪري ٿي ۽ صحافين جا ڪالم ماڻهن کي آگاهه ڪري ٿا ڇڏين سنڌ جا نوجوان احتجاجن ۾ نعرا هڻي رهيا آهن عورتون دعا لاءِ هٿ مٿي کڻي بيٺيون آهن ۽ بزرگ چئي رهيا آهن ته ڌرتي جيڪا اسان کي ساهه ڏئي ٿي ان جي حفاظت اسان جو ايماني فرض آهي سنڌ جا مذهبي اڳواڻ پڻ واضح ڪري چڪا آهن ته ڌرتيءَ سان محبت ايمان جو جزو آهي ۽ ڪارونجهر جي حفاظت ڪرڻ هر هڪ سنڌيءَ جو فرض آهي
انهن جي تقريرن ۾ جذبو تڪليف محبت ۽ عزم صاف نظر اچي ٿو سنڌ جي نوجوانن ۾ هڪ نئون شعور اچي چڪو آهي هنن کي خبر آهي ته جيڪڏهن اڄ ڪارونجهر بچايو ويو ته ايندڙ نسلون محفوظ رهنديون پر جيڪڏهن وسيلن تي ڌاريا قابض ٿي ويا ته سنڌ جي تاريخ خطري ۾ پئجي ويندي ان ڪري سنڌي قوم صاف لفظن ۾ اعلان ڪري چڪي آهي ته ڪارونجهر سميت ڪنهن به وسيلن جو سودو نه ٿيندو نه ٿيڻ ڏبو نه ڪنهن کي ڪرڻ ڏبو هي فيصلو ڪاغذن تي نه پر دلين ۾ نقش آهي سنڌي قوم جي غيرت سگا جي سجاڳي قومپرست تحريڪن جي للڪار اديبن جي قلم جي باهه ۽ پورهيتن جي مزاحمت گڏجي هڪ ئي آواز ۾ چون ٿا ته سنڌ جي وسيلن تي حق صرف سنڌ واسين جو آهي ۽ ڪارونجهر ڪنهن به قيمت تي ڌارين حوالي نه ڪيو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو