ڏکڻ آفريڪا جي بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سڀاڻي ايندي

ڏکڻ آفريڪا جي بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سڀاڻي ايندي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڏکڻ آفريڪا جي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان جي دوري تي سڀاڻي ڪراچي پهچندي.  پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ڏکڻ آفريڪا جي پاڪستان جي دوري جي تصديق ڪندي چيو ويو آهي ته بلائنڊ ڪرڪيٽ جون ٻه چيمپيئن ٽيمون هڪ ٻئي سان ٽن ون ڊي ميچن ۾ آمهون سامهون ٿينديون. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ميچون 28 فيبروري، پهرين مارچ ۽ 3 مارچ تي سائوٿ اينڊ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو