طارق راڄپر
سنڌ ھميشه املھ موتي ھيرن کي جنم ڏنو آھي، جن ھميشه سنڌ جو مان مٿانهون ڪيو آھي. سنڌ جا ماڻهون انھن ھيرن تي فخر ڪن ٿا. سنڌ جي بھادر پٽن ھميشه پنھنجو رت، سٽ ۽ پگھر وھائي، سنڌ جي ماڳ، مڪانن، معدنيات ۽ زمينن جي حفاظت ۽ رکوالي ڪئي آھي. جھڙو قرب، پيار، ۽ محبت توھان کي سنڌوءَ جي ڀوميءَ مان ملندو، اھڙو وري توھان کي دنيا جي ڪنھن ڪنڊ ڪڙڇ مان نہ ملندو. سنڌ جو ھڪ بھادر اڳواڻ ھو، پر ائين کڻي چئجي تہ اھو بھادر اڳواڻ اڄ بہ اسان جي دلين ۾ آھي. جڏھن اسين سندس جو نالو ٻڌندا آهيون ته رت کي اھو جوش ۽ جنون اچي ويندو آھي جيڪو ان جي وقت ھو. کڻي اڄ ھو اسان وٽ ناھي رھيو، پر سنڌ جا ماڻهون کيس ھن کي ڪنھن مرشد ڪامل کان گھٽ نہ ٿا سمجھن. جيڪڏھن تاريخ کي ڏسجي تہ نيلسن منڊيلا کانپوء جيڪڏھن ڪو حقن جي لاءِ وڙھندڙ عظيم شخصيت ھو تہ شھيد بشير خان قريشي ھو. سنڌ جي ماڻهن کيس `وڏي` جي لقب سان پڪاريو. ھي واحد اڳواڻ ھو، جيڪو رنگ، نسل، ذات، برابري، رت کي ڪا فوقيت نہ ڏيندو ھو. عام ماڻهونءَ کي بہ ائين ڀاڪر پائي ملندو ھو، جيئن خاص ماڻھونءَ کي پائي ملبو آھي.
سنڌ جا ماڻهون کيس ائين چميون ڏيندا ھئا. ڄڻ اھي ڪنھن اڳواڻ کي نہ پر پنھنجي محسن وڏي کي چميون ڏئي رھيا آھن. شھيد بشير خان قريشي ڪو معمولي شخصيت نہ ھو، ھو سنڌ جي مظلوم، غريب، لاچار ماڻھن جي حقن جو آواز ھو. ھو سراپا شعور ھو، جنھن سنڌ جي ماڻھن کي حقن جي حاصلات لاءِ اٿڻ ۽ جدوجهد تي مجبور ڪيو. سندس جي محبت جي ڪري لکين سنڌي جوانَ سندس جي تحريڪ ۾ شامل ٿيا. ڌرتيءَ جو عشق ھر شيءِ کان مٿانھون ۽ اعلي ھوندو آھي. ڌرتيءَ جو عاشق موت کي معمولي سمجھندو آھي، موت ھونئين بہ سورھين جو مقدر آھي. ڌرتيءَ جا عاشق ڌرتيءَ جي عشق ۾ سوليءَ کان بہ گھبرائيندا ناھن. سندن جي زندگيءَ ۾ ايندڙ رڪاوٽن، سختين، قيدن کي ھو محبت جو اظهار سمجھندا آھن. عشق آھي ئي پاڻ کي قربان ڪرڻ جو نالو. ڪيترائي ڌرتيءَ جا عاشق ھن عشق ۾ قربان ٿي چڪا آھن ۽ ٿيڻ لاءِ تيار آھن. ڌرتيءَ اسان جي ماءُ، ممتا آھي. اھو عشق جيڪڏھن سنڌ جي جوانن کي سيکاريو تہ محترم شھيد بشير خان قريشيءَ سيکاريو.
محترم شھيد بشيـر خان قريشيءَ جو جنـم 10 آگسٽ 1959ع تي موٽڻ پور محلي، رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ غلام مرتضيٰ قريشيءَ جي گھر ۾ ٿيو. جنھن کي اڄ 65 سال گذري چُڪا آھن. هن پنھنجي ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي شهر رتيديري مان حاصل ڪئي ۽ انٽر جي تعليم شڪارپور ڪاليج مان ڪرڻ بعد 1976ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ورتي. شھيد بشير خان قريشيءَ يونيورسٽي جي مرحلي دوران سنڌ جي عشق ۾ قابو ٿيو، ۽ ٽنڊوڄام کان ھن جي حقيقي عشق جي شروعات ٿي. اھو ئي مرحلي ھو جنھن ۾ شھيد بشير خان قريشي شاگرد سياست جو حصو بڻيو. ٽنڊوڄام يونيورسٽيءَ جي ڪينٽين جي ملازمن انٽرويو دوران چيو تہ شھيد بشير خان قريشي اسان جي لاءِ ڇپر ڇانوَ ھو. ھن جو ملازمن سان اھڙو رويو ھو جو ملازم کيس پنھنجو مِٽ سمجھندا ھئا. ڪينٽين جي ملازمن سان پيش ايندڙ پيسي وغيره جي مسئلن ۾ بہ وڏو سندن سان گڏ رھندو ھو. محترم شھيد بشير خان قريشيءَ شاگرد سياست ۾ شاگردن جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريو. جنھن سبب انتظاميہ کيس ٻہ دفعا يونيورسٽيءَ مان نيڪالي ڏني وئي. وڏي کي سنڌ جي عشق ۾ ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ جي ڏوھ ۾ پھرين جيل 1978ع ۾ ٿي، کيس ٽنڊي ڄام مان گرفتار ڪيو ويو ۽ ٽوڙي ڦاٽڪ سانحي تائين جيل ۾ رکيو ويو. جنھن بعد گرفتارين جو اھو سلسلو شروع ٿيو جو جيل کيس پڪاريندو رھيو ۽ قيدي سندس جي لاءِ دعائون گھرندا رھيا. سائين عبدالواحد آريسر صاحب جيل واري وقت کي ھن لفظن ۾ قيد ڪندي لکيو آھي. ’هو جڏهن به جيل ويندو آهي ته عام قيدي خوشيءَ مان نعرا هڻندا آهن ته اسان کي نجات ڏيندڙ اچي ويو.‘ ھن کي جيل ۾ ڏسي قيدي ائين سمجھندا ھئا ڄڻ انھن جو ڪو سربراهه يا وڏو آيو ھجي. ڇو جو ھو قيدين جي حقن جي لاءِ بہ جدوجھد ڪندڙ ھو.
سنڌ جي ھن ارڏي بھادر پٽ سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ جيڪا تبديلي آندي اھا تاريخ ڪڏھن بہ وساري نہ سگھندي. لکن جي تعداد ۾ ماڻهون گڏ ڪري مارچ ڪرڻ ۽ پاڻ ھنن سان پنڌ ۾ ڪلھو ڪلھي ملائڻ ڪو سولو ڪم ڪو نہ ھو. پر ھن جي محبت، سخاوت اھڙي ھئي جو ماڻھون سندس جا ديوانا ھئا. تعصب ۽ قومپرستيءَ کان ھٽي ڪري ڏسجي تہ محترم شھيد بشير خان قريشيءَ سنڌ جي لاءِ نيلسن منڊيلا وانگر جدوجهد ڪئي. شھيد بشير خان ننگن ء دنگن جو محافظ ھو. سندس جي دل ۾ جيترو سنڌ لاء عزت ۽ احترام ھو، اوتروئي نياڻين جي لاءِ ھو. اڄ سنڌ جي ارڏي بھادر پٽ جي 65 ھين سالگرھ آھي، سندس جي جدوجهد کي نمي سلام ڪجي ٿو. اڄ پاڻ اسان وٽ موجود ناھي پر سندس جا چيل لفظ، سنڌ جي ماروئڙن جي لاءِ ڦٽايل ننڊون اڄ بہ تاريخ جي ورقن ۾ قيد آھن، جيڪي سندس جي زنده هجڻ جو ثبوت آھن.










