ڇا اڄ جي تعليم بھتري طرف وڃي رھي آھي ؟

ڇا اڄ جي تعليم بھتري طرف وڃي رھي آھي ؟

مير ذوالفقار چانڊيو
سنڌ سميت پاڪستان ۾ 8 جنوري تي,, تعليم ،، جو ڏھاڙو ملھائي ريليون ڪڍي تقريبون منعقد ڪري تعليم جي موضوعن تي ڳالھايو ويندو آھي تعليم مطابق وڏا وڏا ليڪچر ڏئي تعليم جي اھميت بابت روشني وڌي ويندي آھي تعليم جيڪا انسان جي ٽين اک سمجھي وڃي ٿي انسان جي اُھا ٽئين اک ڏينھون ڏينھن ڪمزور ٿي رھي آھي جنھن جي ڪري معاشري اندر تباھي بربادي جو سج نڪري رھيو آھي وقت جا حڪمران ڀلي ڪيڏا بہ اعلان ڪندا رھن تہ تعليم جي ترقي ٿي رھي آھي ھڪ سال اندر سڄي سنڌ ۾ ھزارين نوان ماستر جنھن جي اڪثريت نوجوانن تي مشتمل آھي انھن کي ڀرتي ڪري تعليم کي بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون جنھن سبب سنڌ اندر ڏينھون ڏينھن اسڪولن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي ھر پاسي اسڪول بھترين طريقي سان ڪم ڪري رھيا آھن ۽ اُستاد صاحبان وڏي محنت سان ٻار پڙھائي ان کي معاشري جو بھترين انسان ٺاھڻ ۾ لڳا پيا آھن پر اصل حقيقت ڪجھ مختلف ھوندي آھي جيڪا منھنجي اکين ڏٺو احوال پڻ آھي ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناھي تہ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ اڄ ڪلھ جي دؤر ۾ تعليم حاصل ڪرڻ آسان بڻجي ويو آھي ھر ھنڌ ھر گھٽي ڪالوني ۾ اسڪول کليل آھن جتي آسانيءَ سان مفت ۾ تعليم حاصل ڪري سگھجي ٿي جڏھن تہ ماضيءَ ۾ تعليم جي فيس ورتي ويندي ھئي جنھن جي ڪري غريب مسڪين ماڻهو تعليم جھڙي انمول زيور کان محروم بڻجي ويندا ھئا پر اڄ ڪلھ جي دؤر ۾ پھرين ڪلاس کان وٺي انٽر تائين سنڌ اندر تعليم مفت آھي جنھن جي ڪا فيس وغيره ناھي جيڪڏھن ڪو اسڪول ڪاليج شاگردن کان فيس وغيره لاءِ چئي ٿو تہ لاڳاپيل اعلي آفيسرن ڏانھن شڪايت ڪجي تہ سڀ بھتر ٿي ويندو موجوده دؤر ۾ سرڪاري اسڪولن ڪاليجن اندر ڪا فيس وغيره ناھي جنھن جي ڪري توھان آساني سان تعليم حاصل ڪري سگھو ٿا جڏھن تہ ماضيءَ ۾ نالي ماتر اسڪول سسٽم ھوندو ھو ۽ پري پري وڃي تعليم حاصل ڪئي ويندي ھئي ائين کڻي چئجي تہ وڏي محنت مشقت سان تعليم حاصل ڪئي ويندي ھئي جنھن جو احساس ۽ قدر ھوندو ھو جنھن جي ڪري معاشري اندر ھڪ ٻئي جو ادب احترام فرض شناس ھوندو ھو جيڪو ھينئر ناھي رھيو ماضيءَ ۾ ٻار پيار محبت شوق سان تعليم حاصل ڪرڻ ويندو ھو اڄ ڪلھ جي دؤر ۾ ٻارن کي گهروارن طرفان يا وقت جي حڪمرانن طرفان مختلف قسمن جون لالچون ڏئي اسڪول موڪليو پيو وڃي تہ جيئن معاشري اندر بھتري اچي سگھي ماضيءَ ۾ ٻارن کي شوق ھوندو ھو ۽ اڄ ڪلھ جي دؤر ۾ ٻارن کي لالچ ڏئي کين تعليم ڏني پئي وڃي جنھن جو واضح مثال معاشري جا حالات ٻڌائي رھيا آھن تہ معاشرو ڪيڏو تباهي ڪناري وڃي رھيو آھي ماضيءَ ۾ تعليم اِن ڪري حاصل ڪئي ويندي ھئي تہ معاشري جو سٺو انسان بڻجي معاشري اندر بھتري آڻيندس جڏھن تہ اڄ ڪلھ تعليم ان ڪري حاصل ڪئي پئي وڃي تہ نوڪري ڪرڻي آھي روزگار ڪرڻو آھي مطلب تہ تعليم کي روزگار ڪرڻ پيٽ پالڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آھي جيڪو غلط عمل آھي مطلب تہ معاشري اندر علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ نوڪر بڻجڻ جي خواهش آھي جنھن جي ڪري معاشري اندر سٺا انسان گھٽ باقي نوڪر وڌيڪ بڻجي رھيا آھن حڪمران وزير مشير ڀلي دعوائون ڪندا ھجن تہ اسان تعليمي ادارن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آھي ھر پاسي اسڪول ئي اسڪول آھن بلڪل حقيقت آھي جيڪا تسليم ڪرڻ گھرجي ۽ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ اڄ ڪلھ اسڪول تمام گهڻا ٿي ويا آھن ائين کڻي چئجي تہ ماضيءَ ۾ اسڪول گھٽ استاد گھڻا ھوندا ھئا ۽ اڄ ڪلھ جي تعليم يافتہ دؤر ۾ اسڪول ڪاليج يونيورسٽيون وڏي تعداد ۾ ٿي ويون آھن پر افسوس تہ انھن اسڪولن اندر استادن جي کوٽ اڄ بہ ساڳئي طرح برقرار آھي حڪمران وزير مشير ڀلي دعوائون ڪن تہ ھڪ سال دوران ٽيسٽ امتحان ذريعي ھزارين استادن کي ڀرتي ڪيو آھي تعليم بھتري جي طرف وڃي رھي آھي پر اصل حقيقت ھي آھي تہ اڄ بہ وڏي تعداد ۾ اسڪول خالي ۽ ويران بڻيل آھن جتي استادن جو نالو نشان ئي ناھي اڄ بہ ڪافي اسڪولن جا شاگرد گھر کان سنبري تيار ٿي اسڪولن ۾ ايندا آھن پر افسوس تہ ان اسڪولن ۾ استادن نالي ڪا شيءِ ناھي آھي جيڪا انھن کي مفت تعليم ڏئي سگھي ھتي آئون سڄي سنڌ کي ڇڏي صرف پنھنجي يونين ڪاؤنسل فتح پور سڪرنڊ جو مثال ڏيان تہ 2022ع جي نئين ڀرتين کان پوءِ بہ منھنجي يونين ڪاؤنسل فتح پور ۾ وڏي تعداد ۾ استادن جي کوٽ برقرار آھي جتي استاد نہ ملڻ يا اثررسوخ استعمال ڪندي يا وري پئسو استعمال ڪري پنھنجي من پسند اسڪولن ۾ بدليون ڪرائي ھليا ويا آھن جنھن جي ڪري ڪجھ اسڪول بند ٿي چڪا آھن ۽ ڪافي اسڪولن ۾ استادن جي وڏي کوٽ برقرار آھي جنھن جي ڪري مستقبل قريب ۾ اُنھن اسڪولن کي تالو لڳڻ جو خدشو آهي وڏي افسوس جي ڳالھ آھي تہ منھنجي ڳوٺ پير پريل شاھ سڪرنڊ جي اسڪول ۾ 250 ٻارن تي ھڪ استاد مقرر ٿيل آھي جڏھن تہ وڏن ماڻھن جي اسڪولن ۾ وري 50 شاگردن تي پنج استاد ڀرتي ٿيل آھن جيڪا تعليم جي ترقي گھٽ تباھي وڌيڪ نظر اچي رھي آھي جڏھن تہ اسڪولن ۾ استاد صاحبان جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اعلي آفيسرن ڏانھن وڃجي تہ ھو غريب مسڪين اٻوجھ ماڻھن سان ملڻ لاءِ تيار نہ آھن جي ملندا تہ آسرن مٿان آسرا ڏئي آخر اِھو چئي جواب ڏئي ڇڏيندا آھن تہ اسان جي ھٿ ۾ ڪجھ نہ آھي جيڪڏھن ھڪ اداري جي ڊائريڪٽر وٽ ڪجھ نہ آھي تہ پوءِ استادن جي مقرري بدلي ڪنھن جي ھٿ ۾ ھوندي اُھو سڀ ڪو بھتر سمجھي سگھي ٿو باقي حقيقت ۾ تعليم اتي ترقي ڪري رھي آھي جتي وڏيرا ڀوتار تڪ جا چونڊيل نمائندا چاھيندا باقي ھر جڳھ تي تعليم سان لاڳاپيل سهولتون نٿيون ملن جيئن ٻار تعليم حاصل ڪري سگھن باقي حقيقت ھي آھي تہ اڄ ڪلھ جي تعليم بھتري جي طرف وڃڻ بجاءِ تباھي طرف وڃي رھي آھي تعليم جو سسٽم تباھ ۽ کوکلو بڻجي رھيو آھي جنھن ۾ صرف پنھنجا نوازي من پسندي جو دؤر ھلي رھيو آھي ائين کڻي چئجي تہ تعليم کي ڪاروبار جو ذريعو بڻايو ويو آھي جتي ڀرتين بدلين سميت ڪافي ڪمن ڪارن جا ھزارين نہ پر لکين روپيا رشوت طور ورتا وڃن ٿا اڄ بہ ڪافي اُستاد انھن ڳالھين جي ڪري دربدر تعليم کان دوري حاصل ڪري رھيا آھن جنھن ادارن ۾ رشوت خوري ملازمن سان بليڪ ميلنگ وارو سلوڪ ڪيو ويندو تہ اُھي ادارا تباھ برباد ٿي ويندا آھن جيئن اڄ ڪلھ تعليمي ادارن سان حشر ڪيو پيو وڃي جنهن جي ڪري تعليم جي ترقي نہ پر تباھي ٿي رھي آھي تعليم اندر ڪارن رڍن کي ڪڍي انھن کي بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي تہ تعليم ترقي حاصل ڪري سگھي ٿي تعليم جو وزير ھوشيار سمجھدار اديب دانشور تاريخدان شاعر آھي سڀ خبر اٿس تہ تعليم جي خرابي ڪٿي ٿي رھي آھي ڪيئن ٿي رھي آھي انھن کي ڪيئن بھتر ڪري سگھجي جيڪڏھن سنجيدگي سان سوچي ۽ ڪم ڪري تہ تعليم پنھنجو وڃايل وقار ٻيھر بحال ڪرائي سگھي ٿي جنھن جي لاءِ وزير تعليم سيد سردار شاھ سنجيدگيءَ جو مظاھرو ڪري پاڻ وڃي مختلف اسڪولن جا وزٽ ڪري تہ سڀ خبر پئجي ويندس جنھن کان پوءِ ڪجھ بھتري اچي سگھي ٿي 

پهنجو تبصرو موڪليو