ليکڪ عبدالمجيد بروھي
عمران خان اڃا تائين اھو طئي ڪري ناھي سگھيو تـ ھو وزيراعظم آھي يا اڃا تائين ڪنٽينر تي چڙھيل عمران خان آھي ملڪ ڀر ۾ ننڍي چونڊ بعد سينيٽ اليڪشنز ۾ بري شڪست سندس جا حوصلا ئي خطا ڪري ڇڏيا آھي کيس خبر نٿي پوي تـ ھو ڇا پيو ڳالھائي يا تـ کيس ان جا مشير ھرو ڀرو خوار ڪرائي رھيا آھن عمران خان سينيٽ اليڪشنز ۾ حفيظ شيخ جي ھار بعد ڪالھ جڏنھن قوم کي خطاب ڪرڻ لاء آيو تـ سڀني اھو سمجھيو ھوندو تـ ھي پنھنجي عادت موجب اڄ بـ صرف اپوزيشن وارن کي گارگند ڪندو اپوزيشن وارن بـ اھو ئي سوچيو ھندو تـ سائينجن اڄ کين گھٽ وڌ ڳالھائي بار ھلڪو ڪندو پر ھو اپوزيشن کي تـ پنھنجي تقرير ۾ گھٽ وڌ ڳالھائيندي رھيو پر حيرت جي ڳالھ اھا آھي تـ ھن براھ راست چيف اليڪشن ڪميشن کي مخاطب ٿيندي کيس چيو تـ ھڪ شفاف اليڪشن ڪرائڻ ۾ ناڪام ويا آھيو ۽ ھي جيڪا خريد فروخت ووٽن جي ٿي آھي انجا ذميوار بـ اوھان آھيو ھن سخت ڪاوڙ واري انداز ۾ اليڪشن ڪميشن کي مخاطب ٿيندي چيو تـ توھان کي ڪھڙي ضرورت ھئي توھان سپريم ڪورٽ ۾ جڏنھن اسان وياسين تـ ووٽنگ سيڪرٽ بيلٽ پيپر ذريعي نـ ٿي ۽ ظاھري اليڪشن ٿي پوء توھان سپريم ڪورٽ ۾ وڃي اھو بيان ڇو ڏنو تـ سينيٽ اليڪشن سيڪرٽ بيلٽ ذريعي ڪنداسين پوء جڏنھن توھان کي سپريم ڪورٽ پاران موقعو ڏنو ويو پنھنجي راء ۾ تـ ڀلي اليڪشن ڪميشن اليڪشن سيڪرٽ بيلٽ ذريعي ڪرائي پر ٽيڪنالاجي جو بـ استعمال ڪري ووٽ جي خريد فروخت کي روڪي پر پوء بـ توھان سيڪرٽ اليڪشن ڇو ڪرائي توھان جي ائين ڪرڻ سان اسان جا سورنھن ميمبر وڪيا ۽ اسان کي انھن بابت خبر بـ نٿي پوي تـ اھي ڪير آھن توھان اسان جي وڪاميل ميمبرن کي بچايو آھي وغيرا وغيرا ھاڻي سوال اھو ٿو اتي پيد ٿي تـ ھڪ تـ چيف اليڪشن ڪميشنر کي ھاءِ ڪورٽ جي جج جيترا اختيار آھن ٿيندو ائين آھي تـ اگر ڪنھن بـ سياسي پارٽي ۽ ڌر کي ڪٿي بـ اليڪشن ۾ ڌانڌلي ۽ بيضابطگي جي شڪايت ٿيندي آھي تـ اھي ان جي شڪايت قانون موجب اليڪشن ٽريبونل ۾ ڪندا آھن آئين ۽ قانون بـ ائين ئي چوي ٿو ڊائريڪٽ اليڪشن ڪميشن مٿان الزام ھڻي ان کي قصور وار چوڻ جرم تصور ڪيو ويندو آھي ھاڻي ھتي سوال اھو اٿي تـ ڇا اليڪشن ڪميشن کي ڊائريڪٽ ڌمڪيون ڏيڻ توھين عدالت آھي يا اليڪشن ڪميشن ھاء ڪورٽ جي برابر آھي اليڪشن ڪميشن جي آرٽيڪل ڏھ ۾ بـ صاف لکيل آھي تـ اگر ڪير بـ اليڪشن ڪميشن کي ڊائريڪٽ ڌمڪيون ڏيندو تـ ان کي جرم تصور ڪيو ويندو ھن ھمراھ تـ براھ راست پوري قوم کي ٽي وي تي خطاب ڪندي انھن مٿان الزام ھنيا آھن ڇا ھاڻي ھن خلاف توھين عدالت جو ڪيس ھلائيندا يا نه.
ٻيو ڪوڙ ھن پنھنجي قوم کي خطاب ۾ اھو بـ ھنيو آھي تـ ھنن جا سورنھن ميمبر وڪيا آھن انھن بابت اليڪشن ڪميشن سيڪرٽ بيلٽ ذريعي اليڪشن ڪرائي کين بچايو آھي پر سندس جا بيان ۽ سندس جي وزيرن مشيرن جا بيان کڻي ڏسو تـ ھو پاڻ چون ٿا تـ انھن کي سڀ ڄاڻ آھي تـ انھن جا ڪھڙا ميمبرا وڪيا آھن پوء اگر انھن کي سڀ خبر آھي تـ پوء اھي فوري طور تي اڄ جو اڄ انھن جا نالا ظاھر ڇو نٿا ڪن يا هنن خلاف ڪاروائي ڇو نه ٿا ڪن؟ ڪٿي اھي اعتماد جي ووٽ لاء انھن جي پيرن تي تـ وڃي نـ ڪريا ته ووٽ ڏيو. اھي سورنھن ميمبر جن پنھنجي ضمير موجب يوسف رضا گيلاني کي ووٽ ڪرايو ھيو اھي بـ ياد رکن عمران خان ھڪ يوٽرن ماسٽر آھي اڄ ھن کي سندس جي ووٽ جي خبر آھي انجي ڪري ھو ۽ سندس ساٿي انھن سورنھن ميمبرن جا نالا في الحال ظاھر نٿا ڪن پر جيئن ئي ھو اعتماد جو ووٽ کيس ڏيندا ته بعد ۾ ڪاروائي ڪندو. لڳي ٿو ته هو بعد ۾ به نه ڪندو ڇو ته ايئن ڪرڻ سان سندس حڪومت هلي ويندي. شايد تڏهن شيخ رشيد جيو وارن کي انٽرويو ۾ چيو ته هر ڏينهن آچر جو ناهي هوندو.










