حسين آزاد ۔
سنڌ جي ملازم اتحاد سنڌ امپلائيز الائينس طرفان پنهن جي مطالبن جي مڃتا لاء 21 جولاء تي اسلام آباد ۾ پريزيڊنٽ ھائوس اڳيان ڌرڻو هڻڻ جواعلان ڪيو آھي ۔ سنڌ جي تقريبن ملازم تنظيمن ان ۾ حصو ورتو آھي پر گهڻو ملازم تحريڪ کي زور وٺرائڻ ۾ استاد تنظيمن جو آھي ڇاڪاڻ سندن سنڌ۾ تعداد زياده هئڻ ڪري اهي هر ملازم تحريڪ جا روح روان رهيا آھن ۔ گسٽا پي ٽي الف ۽ ڪلرڪ ايسوسيشن جو اتحاد هئڻ ڪري ملازم تنظيم جي تحريڪ کي گهڻي قدر ڪاميابي ملي آھي ۔ هن وقت سنڌ امپلائيز الائينس جو چيئرمن گسٽا جي سنڌ جو صدر اشرف خاصخيلي آھي جنهن جي قيادت ۾ 30 جون تي ڪراچي ۾ سنڌ جي هزارين ملازمن مٿس اعتماد ڪندي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان گڏ ٿيا هئا ۽ هڪ شاندار احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ هڪ پر اميد حڪومت کي نياپو ڏنو ته سنڌ جا ملازم سڀ هڪ پليٽ فارم تي گڏ آھن ۔جڏهن انتظاميا سان مطالبن جي مڃتا ۾ ڳالهين جي ڪامياب نه ٿيئڻ جي صورت ۾ وزير اعلا هائوس طرف احتجاج جو دائرو وڌايو ويو ۽ جڏهن پوليس جو ڏنل رڪاوٽون ٽوڙيون ته سنڌ انتظاميا طرفان آسو گيس پاڻي ۽ لٺين سان تشدد ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ گسٽا ضلعي سجاول جي صدر غلام قادر باغي جي اڳواڻي۾ سجاول کان پهتل قافلي تي گهڻو تشدد ڪيو ويو ۽ کين گرفتار ڪيو ويو جنهن ۾ تعلقي شاهنبدر جي گسٽا صدر علي نواز ميمڻ سميت 30 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو ٻئي پاسي گسٽا حيدر آباد ڊويزن جي اڳواڻ ٻيلي شھر جي رهواسي شھزاد ميمڻ کي سخت زخمي ڪيو ويو هو ۽ آسو گيس جي ايڪسپائر شيلن جي ڪري ڪيتريون عورت ملازم ۽ بزرگ استاد توڙي بيمار ڪمزور ۽ ٻيا ملازم بي هوش ٿي پيا هئا ۔ بهرحال سنڌ حڪومت مطالبا نه مڃيا ۽ انهي سنڌ حڪومت جي دانهن سنڌ سان تعلق رکندڙ ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ صدر آصف علي زرداري ڏانهن کڻي سنڌ جا ملازم وڃي هيا آھن جنهن ۾ گهڻو حصو وري به استادن جو آھي ۔سجاول مان ضلعي صدر غلام قادر باغي , حيدر آباد ڊويزن جي اڳواڻ شھزاد ميمڻ , عبدالرحيم قاضي عارف ميمڻ , اڪبر لغاري حسين آزاد , اعجاز ٻارڻ , آصم رشيد جي اڳواڻي۾ سوين استادن جو قافلو تيار ٿي اسلام آباد لاء روانو ٿي رهيو آھي ۔ جڏهن بدين دادو حيدر آباد ڪراچي سکر نواب شاھ لاڙڪاو ٺٽو ڄام شورو ڏهرڪي ۽ جيڪي به پنجاب کي ويجها علائقا آھن انهن مان ڀرپور شرڪت ٿي رهي آھي ۔ جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسلام آباد ۾ به تمام گهڻو ملازم پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاء گڏ ٿيندو ۔ هي آرٽيڪل لکڻ وقت تائين ملازم سڀ پر اميد آھن ته اسلام آباد جو پنڌ سجايو ٿيندو ڇاڪاڻ جيڪي سنڌ جا ملازم مطالبا کڻي وڃي رهيا آھن ان تي خود صدر آصف علي زرداري جي پارٽي پيپلز پارٽي جو موقف گهڻو ملازم جي پگهار ۾ واڌي ۽ ان کي ڊسپيرٽي الائونس ڏيئڻ رٽائرمنٽ ٿيئڻ وقت ملازمن کي انشورنس جا پئيسا ڏيئڻ جو مطالبو مرڪز ۾ بلاول ڀٽي جي زباني ٿيندو رهيو آھي ۔ ڏٺو وڃي ته ماضي ۾ صدر آصف علي زرداري جي دور ۾ خصوصن ملازمن جا پگهار بهتر وڌايا ويا آھن جيڪا خود ھن ڳالھ جي شاھدي ڏي ٿي ته صدر آصف علي زرداري جي هائوس اسلام آباد اڳيان لڳندڙ سنڌ جي ملازمن جي ڌرڻي ۾ صدر صاحب ضرور ان ڳالھ جو نوٽيس وٺندو ۔ هت هڪ ڳالھ ڪرڻ ضروري ڪرڻ سمجهان ٿو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري وفاق ۾ ته ملازمن جي وڪالت ڪئي آھي پر سنڌ صوبي ۾ جت وزير اعلا کان ويندي ننڍن سرڪاري عهدن تي ويٺل ماڻھو تقريبن پيپلز پارٽي سان تعلق رکن ٿا۔ اتي بلاول ڀٽو اها ساڳي پاليسي ڇو نٿو اپنائي ؟ جيڪا هو مرڪز ۾ ڪري ٿو ۔ جڏهن پوري سنڌ صوبي ۾ سندس حڪومت آھي۔ حقيقت اهيا آھي ته پيپلز پارٽي جي ٻٽي موقف يعني مرڪز ۾ هڪڙي ملازمن لاء پاليسي ۽ صوبن ۾ ٻئي انهي سنڌ جي ملازمن ۾ هڪ انتشار واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي آھي ۽ سنڌ جي عوام به اهيو نوٽيس وٺي رهي آھي ته جڏهن سياسي چونڊيل ايم پي اي ۽ ايم اين اي جن جون پگهارو سوين سيڪڙو وڌايو ويو آھن ته اتي غريب ملازمن ڪهڙو ڏوھ ڪيو آھي ۔ هڪ طرف مهنگائي ڏينهن ڏينهن وڌي رهي آھي ,پيٽرول ,ڊيزل ,دوائون ,کنڊ جا اگھ آسمان تي پهتا آھن ته اتي ملازمن جي رهائش ۽ سرڪاري گيس بجلي پاڻي جا بل به وڌيڪ لڳايا پيا وڃن انهي مهنگائي جي حساب سان سنڌ سرڪار جو 10 پرسن پگهار ۾ وڌي اٽي ۾ لوڻ برابر کان به گهٽ آھي ۔ هڪ ملازم جي جيڪڏهن بيسڪ پگهار 23 هزار آھي ته وزير اعلا حساب لڳائي ته ان جي پگهار گهڻي وڌي ۽ هو هن مهنگائي جي طوفان کي ڪيئن منهن ڏيندو ۔ سنڌ صوبي جي عوام چاهي ٿي سنڌ حڪومت مرڪز کان پنهنجي گيس ڪوئيلي, پيٽرول جو حساب صحيح نموني سان وٺي ڇاڪاڻ ڄاڻايل شيون وفاقي سرڪار کي سنڌ مهيا ڪري ٿو ۽ ان جي ڪمائي تي وفاق پنهنجي ملازمن توڙي ترقياتي ڪمن ۾ ته ايضافو ڪري ٿو پر جنهن صوبي جي ملڪيت تي وفاق پلجي ٿو انهي صوبي جي عوام توڙي ملام بدحال زندگي گذاري ٿو ۔ جيڪا نه صرف هڪ ملڪ ۾ رهندڙ شھرين سان ٻٽو معيار آھي پر هڪ ملڪ ۾ ڏاڍي سو گابي وارو قانون آھي ۔ جيڪڏهن وفاق جي ملازم کي رهائش کاڌي پيتي لٽي اجهي صحت ۽ ٻين شين جي ضرورت آھي ته اهو ساڳئي صوبي جي ملازم کي به ضرورت آھي پوء اهيو فرق ڍو ته وفاق جي ملازم کي 70 ڊسپيريٽي الائونس ۽ پيا الاڏونس وڌيڪ ۽ صوبن جي ملازئن کي ان ۾ شامل ئي نٿو ڪيو وڃي ۔ هن ٻٽي معيار هڪ ملڪ ۾ ٻن ملڪن جي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي آھي ۔ صوبي جو ماڻھو وفاق کي تعصبي سوچ سان ڏسي ٿو ۔ انهي لاء ضرري آھي ته سنڌ مان سنڌ جا سرڪاري ملازم صدر زرداري ڏانهن سندس وزيرا اعلا ۽ صوبي ۾ سندس پارٽي جي حڪومت جي ڌانهن کڻي واچي رهيا آھن انهي تي بنا ڪنهن جي ٻڌڻ جي غور ڪري سنڌ جي ملازمن جو حق سنڌ حڪومت کان وٺي ڏي ۽ سمورا مطالبا تسليم ڪري سنڌ ۾ ڦھليل بي چيني کي ختم ڪري۔










