ڀلارو مهينو، مهانگائي ۽ عام عوام

ڀلارو مهينو، مهانگائي ۽ عام عوام

محمد اسماعيل لانگاھ
دنيا جي مختلف مذهبن ۾ وڏن ڏڻن کي انتهائي محبت عقيدت ۽ احترام واري طريقيڪار سان ملهايوويندو آهي پر مذهب اسلام ۾ اسان مسلمانن کي اهڙا موقعا وري ظلم ڪرڻ ۽ ڪمائين لاء ڄڻ عطا ٿيل هجن ٿا۽ سڀني مذھبن ۾ رمضان المبارڪ جي برڪت ۽ عظمت انتهائي عظيم آهي ليڪن هن مهيني ۾ پوري دنيا اندر وڌ کان وڌ مسڪينن ۽ محتاجن جي مدد ڪئي ويندي آهي پر اسانجي ملڪ ۾ وري خاص طور انهن کي ئي ڦُريو لٽيو ويندو آهي منافعي خوري جي آڙ ۾ دنيا جي ٻين مذهبن جون قومون وڏن ڏڻن کي جنهن عزت ۽ تعظيم سان ملهائن ٿيون اسان وٽ انهن طريقيڪارن جي خلاف ورزي ٿئي ٿي جنهن جو مثال رمضان المبارڪ جو بابرڪت مهينو سامهون آهي ۽ هن مهيني ۾ ڪيترو ظلم ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪئي وڃي ٿي دنيا ۾ نافذ العمل آرڊيننس تي سڄو سال عمل رهي ٿو پر هتي هڪ مهيني لاء عمل نٿو ٿئي آخر اسانجو قانون ۽ انصاف ۽ عدالتون ڪنهن جي ٺاهيون ويون آهن
جڏهن ته مهانگائي سبب ملڪ جي صورتحال ان حد تائين وڃي پهتي آھي جو ختم ٿيڻ جو نانءُ ئي نٿي وٺي سرڪاري طرح حڪومت عوام کي مهانگائي واري پريشاني مان ڪڍڻ جا جيڪي جتن پيا ڪن ان تي پهرين ڳالھ ته ذري برابر به عمل نٿي سگهيو آهي جنهن جو وڏو ڪارڻ آھي ملڪ جون بگڙيل سياسي حالتون جنهن سبب منافعي خور من ماني ڄمائي ويٺل آهن گذريل پي ٽي آء حڪومت مهانگائي تي ضابطي لاء ٽاسڪ فورس نالي هڪ فورس جوڙيو جنهن کي به ڪنهن نموني سان فعال نه ڪيو ۽ ٻي طرف صوبن اندر اهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاء ضلعي اختيارين جو ڪم هوندو آهي جيڪي پوري ملڪ اندر هن وقت سياسي اثر رسوخ هئڻ سبب بلڪل غير فعال بڻيل آهن ۽ انهن جي ملڪ اندر ضلعي سطح تائين ڪابه مطمئن ڪارڪردگي نظر نه پئي اچي جنهن سبب مهانگائي ملڪي سطح نه پر تعلقي ۽ ضلعي سطح کان هن وقت ٻھراڙين تائين انجو عوام تي گهرو اثر پئجي ويو آهي ۽ گورننس نالي ڪابه شيء نظر نه پئي اچي
انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عام ماڻهو ڪيتري حد تائين پريشان آهن ،مهانگائي ماڻهن کي اهڙي حالت تي پهچايو آهي جو اهي هاڻي پنهنجي تڪن جي چونڊيل نمائندن يا ڊي سيز يا تعلقي اختيارن کان نه پر سڌو سنئون ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين کي ذميوار سمجهن ٿااهڙي صورتحال برقرار رهڻ تي حڪمرانن خلاف عوام جي ڪاوڙ وڌي چُڪي آھي هڪ طرف حڪومت ۽ سندن ذميوار اختياريون معيشت جي بهتري جي دعويٰ ڪري رهيون آهن ته ٻئي طرف عام استعمال جي شين جا اگھ انهي تيزي سان وڌي رهيا آهن جيڪي عوام جي پهچ کان ئي پري ٿي ويا آهن کنڊ, اٽو گيھ, چانور داليون سبزيون گوشت مڇي جا اگھ منافعي خورن آسمان سان لڳائي ڇڏيا دڪاندار توڙي واپاري ايترا ته بااختيار ٿي چُڪا آھن جو سرڪاري حُڪمن تي سندن ڪنن تي جونء به ڪان ٿي چُري ۽جيئن ته رمضان المبارڪ بابرڪت مهينو شروع ٿئي ٿو تيئن مهانگائي زور پڪڙي وٺي وڃي ٿي
رمضان شريف ۾ عام استعمال جي شين جي اگهن کي قابو ۾ رکڻ لاءِ عام دڪانن کان ملندڙ مهانگين شين کان بچاءُ لاء سستي خريداري ۽ عوامي رليف لاء قائم ڪيل يوٽيلٽي اسٽورز جيڪي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ کليل مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ هڪ بهتر متبادل آهن پر ٻين سرڪاري ادارن يا کاتن وانگر انهي جي ڪارڪردگي به ڪا اهڙي سٺي ناهي جو انهي مان عوام کي فائدو ملي سگهي جتي به يوٽيلٽي اسٽور کليل هئا انهن کي هڪ سازش تحت يا ته بند ڪيو ويو آهي, اگرچ کليل آھن به ته انهن تي کاڌي پيتي جا اهم ائٽم غير معياري هئڻ سبب غريب عوام ساڳيو مارڪيٽن منجهان شيون مهانگي اگھ تي خريد ڪنٿا انهي جو هڪ سبب بدانتظامي به آهي ته ٻيو اهو الزام به لڳايو ويندو آهي ته انهي جي انتظاميا کليل مارڪيٽ جي واپارين يا دڪاندارن سان ملي ڪري هٿ سان اهي شيون غائب ڪري ڇڏيندي آهي جيئن عوام وري به انهي کليل مارڪيٽ مان خريداري ڪرڻ تي مجبور هجي پهرين ته عوام کي خوف هوندو هو ته مهانگائي صرف تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب اچي ٿي پر هاڻي تيل جي قيمتن ۾ واڌ ٿئي يا نه ٿئي پر مهانگائي جي اگهن ۾ ڪوبه لاٿ اچڻ ناممڪن آهي رمضان شريف جي آمد ۾ منافعي خورن لاء کاڌي پيتي جي شين جي خريداري ۽ وڪرو اهو موقعو پيدا ڪري ٿو ته هو هٿ جي مهانگائي ڪري غريب عوام کان پيٽ جو گره به کسين
ڀلارو مهينو ايندي ئي هر سال عام استعمال جون شيون مارڪيٽن مان غائب ڪري پوءِمارڪيٽن ۾ وڌيڪ منافعي تي وڪرو ڪجن ٿيون ۽ دنيا اندر ٻين ملڪن ۾ عوام لاء خصوصي پيڪيج هجن ٿا جنهن مان غريبن کي منافعو ملي ٿو هتي ته ظلم جي ڪاري رات قائم ڪري غريب ۽ مهانگائي جي ماريل عوام جو جيئڻ زهر ڪيو وڃيٿو جنهن جو مثال ملڪ ۾ آيل پيٽرول ،کنڊ ۽ ڪڻڪ اٽي گيھ, گوشت مڇي, سبزين فروٽن ۽ ٻين شين جا اگهه گذريل چئن سالن کان چئوڻ تي پهچايا ويا آهن جيڪڏهن حڪمران قانون کي فعال بڻائي ضلعي سطح تائين عملدارن کي سخت هدايتون نه ڪندا غريب عوام سان هي ظلم ۽ ويڌن وڌندو رهندو۽ آرڊيننس تي عمل به نه ٿي سگهندو ليڪن ڏسجي ته اڄ ڪلھ اسانجي ملڪ جو قانون ۽ آرڊيننس خاص نه پر عام ماڻھن تي نافذ العمل هجي ٿو ان جو مثال رمضان المبارڪ مهينو آهي جنهن ۾ قانون نالي ڪا شي نظر نه ايندي آهي صرف ڦُرلٽ جو راڄ قائم ڪيو وڃي ٿو
موجوده منتخب ٿيل نئين حڪومت لاء مهانگائي ئي سڀ کان وڏو امتحان هوندي جنهن مهانگائي جو بهانو وٺي مخالف جماعتن گڏيل اتحاد ذريعي عمران حڪومت کي فارغ ڪيو آهي جيڪڏھن عوام جي بنيادي مسئلن کي ايندڙ اليڪشن کان اڳ ڪُجھ حد تائين حل نه ڪيو ويو ته موجوده حڪمرانن جو حشر ويل حڪومت کان به وڌيڪ ٿيندو ڇو ته عوام حڪمرانن جي چهرن جي تبديلي نه پر پنهنجي بنيادي مسئلن ۾ وڏي تبديلي ڏسڻ چاهي ٿو انکي حل ڪرڻ لاء ڪنهن به حڪومت وٽ ايندڙ ھُجي يا ويندڙ ڪا جامع منصوبا بندي نه جُڙي سگهي آهي ۽ مهانگائي سبب ملڪ جو غريب پيڙهجي ويو آهي ۽ سرڪار کي ملڪ اندر مهانگائي جي شڪل ۾ آيل امتحان مان پار ٿيڻوآهي

پهنجو تبصرو موڪليو