لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ سپر ليگ جي سمورن رانديگرن، ڪوچز، ڪمينٽيٽرز، ٽيم مالڪن سميت سمورن 128 ماڻهن جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ڪئي وئي ۽ ڪنهن ۾ به وائرس موجود نه هو. سڀني رانديگرن ۽ آفيشلز جا ٽيسٽ منفي آيا آهن. پي سي بي جي چيف ايگزيڪٽو وسيم خان چيو آهي ته اهو ضرور هو ته سڀني جي ٽيسٽ ڪئي وڃي. ياد رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب پي ايس ايل فائيو جا سيمي فائنل ۽ فائنل ميچ ملتوي ڪيا ويا ۽ اهي بعد ۾ منعقد ڪرڻ لاءِ شيڊول بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.










