پهرين جولاءِ کان پيٽروليم ليوي ۾ 10 رپيا واڌ جو تاثر رد

پهرين جولاءِ کان پيٽروليم ليوي ۾ 10 رپيا واڌ جو تاثر رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پيٽروليم ڊويزن پهرين جولاءِ کان پيٽروليم ليوي ۾ 10 رپيا في ليٽر واڌ جي تاثر کي رد ڪري ڇڏيو آهي.پيٽروليم ڊويزن جو موقف سامهون آيو آهي ته پهرين جولاءِ کان پيٽرول ۽ ڊيزل تي 10 رپيا في ليٽر ليوي وڌائڻ واري معاملي تي پيٽروليم ڊويزن جو موقف سامهون اچي ويو آهي.پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب پهرين جولاءِ کان پيٽروليم ليوي ۾ 10 رپيا في ليٽر واڌ جو تاثر درست ناهي.ذريعن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي جي وڌ کان وڌ حد 60 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، 60 رپيا في ليٽر ليوي هر صورت ۾ ضروري ناهي.ذريعن موجب ليوي ضرورت موجب وڌائي سگهجي ٿي، هن وقت پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي جي شرح 50 رپيا في ليٽر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو