پنڊيز کي ملتان جي 6 وڪيٽن تان شڪست، مچلز جي ففٽي

پنڊيز کي ملتان جي 6 وڪيٽن تان شڪست، مچلز جي ففٽي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ملتان سلطانز 6 وڪيٽن تان پنڊيز کي شڪست ڏئي ٻئي نمبر تي اچي وئي آهي. 18،4 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 167 رنز ٺاهي ورتيون. پنڊيز جي لڳاتار هي اٺين شڪست آهي. ڪپتان ايشٽن ٽرنر37 ۽ عرفات 7 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيا. 167 رنز چيز ڪرڻ لاءِ صاحبزاده فرحان ۽ اسٽيو سمٿ اننگ شروع ڪئي. فرحان 17 بالن تي 20 رنز ٺاهي آصف آفريدي جي بال تي بولڊ ٿيو، جوش فلپي 19 تي 17 رنز ٺاهي آفريدي جي بال تي ياسر خان هٿان ڪيچ ٿيو، اسٽيو سمٿ 56 رنس ٺاهي سعد مسعود جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿي، هن رويو ورتو جيڪو ضايع ٿي ويو. شان مسعود 22 بالن تي 20 رنز ٺاهي رضا الله جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو. ان کان اڳ راولپنڊي جي ٽيم پنڊيز ملتان کان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. انڊر 19 ۾ وڏا اسڪور ڪندڙ شاهزيب خان پوئين ميچ ۾ 4 تي آئوٽ ٿيڻ بعد هن ميچ ۾ به ٻوٽو نه ٻاريو ۽ زيرو تي آئوٽ ٿي ويو. ڪپتان محمد رضوان 29 بالن تي 26 رنز ٺاهي محمد عمران جي بال تي جوش فلپي هٿان ڪيچ ٿيو، ياسر خان 4 رنز ٺاهي سدائين کلڻو رهندڙ بالر پيٽر سڊل جي بال تي اسٽيو سمٿ هٿان ڪيچ ٿيو، سيم بلنگز 29 رنز ٺاهي وسيم جونئر جي بال تي عمران رنڌاوا هٿان ڪيچ ٿيو. ڊيرل مچلز 46 بالن تي 58 رنز ٺاهي ۽ ڊيان فوريسٽر 15 بالن تي 37 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، پنڊيز جي ٽيم 4 وڪيٽن جي نقصان تي 20 اوورن ۾ 166 رنز ٺاهي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو